بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Hazrat Ghaus-ul-Haq Makhdoom Nooh Sarwar حضرت غوث الحق مخدوم نوح سرور

حضرت غوث الحق مخدوم نوح سرور رحه


عظيم بزرگ هستي صاحب ڪرامت وفتوح نامور شاعر حضرت غوث الحق مخدوم نوح سرور رحه 27 ماهه رمضان مبارڪ هجري سنه 910 آخري جمعي جي ڀلاري رات توليد ٿيا. مخدوم نوح رحه جو پڙ ڏاڏو حضرت شيخ فخرالدين ڪبير ”وڏو“ عرب ملڪ مان لڏي پنجاب جي مشهور شهر ديره غازي خان جي ڀرسان ڪوٽ ڪروڙ پڪا ڳوٺ ۾ اچي رهيو. جتان بعد ۾ نڪري سفر ڪندي سنڌ جي بوبڪ شهر ۾ اچي رهيو. سندن آخري آرام گاهه به اتي ئي آهي. ڪافي عرصي بعد سندن پوٽو مخدوم فخرالدين صغير ڪوٽ ڪروڙ مان لڏي هالڪنڊي، هالا ۾ اچي رهيو. هالا ۾ ڪيترن ئي ڪرامتن جهڙا ڪم ڪيائين. حضرت مخدوم نوح رحه جن جي ولادت باسعادت جون پيشنگويون به ڪيترن ئي درويشن ڪيون هيون. سندن والد مخدوم نعمت الله رحه جڏهن 25 ورهين جي ڄمار جو هو اڃا سندن شادي به نه ٿي هئي ته ان وقت جي مشهور بزرگ جمعو فقير چاڪي جو چاچو مجذوب فقير هوندو هو. اهو جڏهن به هالا شهر ۾ ايندو هو ته گهٽين، بازارن ۾ چوندو وتندو هو ته هن شهر ۾ جلد ئي زماني جو غوث ۽ الله سائين جي خلق کي فيض بخشڻ وارو بزرگ پيدا ٿيڻ وارو آهي، جڏهن ته مشهور بزرگ حضرت فقير نوح هوٿياڻي جي پوٽي ننڍي فقير نوح هوٿياڻي جون به مخدوم نوح رحه بابت بشارتون مشهور آهن. مرزا قليچ بيگ ان وري پرائمري ڪورس جي ڪتابن ۾ لکيو آهي ته ڪامل بزرگ فقير نوح هوٿياڻي مخدوم نعمت الله رحه جن کي چيو ته منهنجي مئي پڄاڻي پنهنجي فرزند جو نالو ”نوحرکجو ۽ فقير جي رضا ڪرڻ بعد پنهنجي فرزند جو نالو مخدوم نوح رکيو. شيخ ڀرڪيو ڪاتيار جيڪو مخدوم نعمت الله رحه جن جي وقت ۾ هڪ وڏو ڪامل درويش هوندو هو. اهو درويش هر ماڻهو کي اهو ٻڌائيندو هو مخدوم نعمت الله کي لطف الله نالي هڪڙو فرزند پيدا ٿيندو جنهن کي حق تعاليٰ جو دائمي ديدار حاصل رهندو. روايت آهي ته پاڻ پنجن ڏينهن جا هئا ته ٻانگ ٻڌڻ کانپوءِ صاف زبان سان ڪلمون شهادت پڙهيائون جنهن کي سوين ماڻهن ٻڌو. سندن ديني تعليم قرآن پاڪ پڙهڻ وقت عمر بابت مختلف رايا آهن. ڪن ڪتابن ان وقت سندن عمر ست سال ڪن ڏهه سال ۽ ڪن ڪتاب چوڏهن سال عمر لکي آهي. سندن استاد مخدوم عربي عرب مخدوم شاهه ڏنو هو جو ان وقت جو ڪامل عارف بزرگ هوندو هو ۽ قرآن پاڪ اهڙو ته مٺڙي آواز سان پڙهندا هئا جو چون ٿا ته پکي به قطارون ڪري اچيو ويهندا هئا. واٽ ويندڙ ماڻهو بيهي رهندا هئا. هي بزرگ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو نانو هو. حضرت مخدوم نوح رحه صرف 25 سپارا ياد پڙهيا. ڪن ڪتابن لکيو آهي ته روايتون آهن ته پاڻ ٻه ٽي فقه جا ڪتاب به پڙهيائون. قرآن شريف پڙهڻ واري زماني ۾ هڪ ڏينهن سنڌو ندي تي غسل ڪرڻ بعد پٽي ڦري مسياري رهيا هئا ته اوچتو ڪشف واري حالت ۾ حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جن انهي ڦرهي تي ڪجهه سٽون لکي ڏنس ۽ سبق ڏنائونس ان بعد سمورا علوم مٿن کلي پيا. انهي ڏينهن لاالله الالله جي ذڪر جي تلقين ڏيڻ جي اجازت به ملين. حضرت مخدوم نوح جي زندگي عشق محبت الاهي اعتراف راق ۾ گذرندي هئي. ظاهري علم جي لحاظ کان فقط قرآن شريف پڙهيل هئا. پر هر سوال جو جواب جدا جدا اهڙي علمي نموني ۾ ڏيندا هئا جو وڏا وڏا عالم علماءَ طلباءَ سندن علمي لياقت جي امتحان لاءِ اچي موجود ٿيندا هئا. پاڻ ان موقعي تي هڪ آيت جون ايتريون ته معنائون فرمائيندا هئا جو سڀ حيران ٿي ويندا هئا. ٻي روايت آهي ته هڪ دفعي عالمن ۾ مطالعين جي هڪ وڏي جماعت حضرت مخدوم صاحب جن کان قرآن پاڪ جي ڏکين آيتن جي معنيٰ سمجهڻ جو ارادو ڪري سندن خدمت ۾ آيا جن جي اچڻ کانپوءِ مخدوم نوح رحه صاحب عالمن کي فرمايو ته عالمن کي گهرجي ته هو علم جو بيان ڪن ته ٻين کي فائدو رسي. ان کانپوءِ پاڻ زبان فصيح سان بيان ڪرڻ لڳا 34 تفسيرن جا نالا وٺندي فرمايائون ته فلاڻي تفسير ۾ هن ريت آهي ۽ فلاڻي ۾ هن ريت آهي. ان کانپوءِ حقيقت ۽ طريقت جون معنائون بيان فرمايون. آخر ۾ عالمن عرض ڪيو ته اسان جي حق ۾ دعا ڪرڻ فرمايو ته پاڻ فرمايائون ته آئون الحمد ٿو پڙهان اوهان آمين چوندا وڃو. وقت جي حاڪمن مان مرزا محمد باقي جو مشهور زمانه به هو. سندن خدمت ۾ ٻه دفعا ٺٽي ۾ حاضر ٿيو. مرزا باقي به سندن زماني ۾ گادي تي ويٺو. مرزا باقي جو وڏو فرزند مرزا بابنده خان جيڪو چريو هو، جنهن ڪري هو گادي تي نه ويهاريو ويو پر سندس پٽ مرزا جاني گادي تي ويهاريو ويو. هڪ ڪتاب ۾ آهي ته مرزا بابنده خان کي مخدوم نوح رحه جي خدمت ۾ دعا لاءِ آندو ويو ته کيس بيماري کان شفا ٿئي مگر پاڻ ڪوبه توجهه نه ڏنائون ڇاڪاڻ جو ان شخص مخدوم لعل شهباز جي مزار ۾ هڪ دفعي هڪ عورت سان هٿ چراند ڪئي هئي، جنهن ڪري هن تي ديوانگي هميشه لاءِ قائم رهندي آئي. مخدوم صاحب جن شريعت جا ايترا ته پابند هئا جو ڪڏهن به نماز جماعت کانسواءِ ادا نه ڪيائون. بهاءُ الدين گودڙي کان نقل آهي ته هڪ دفعي مخدوم نوح صاحب ٺٽي جي جامع مسجد ۾ تشريف فرما ٿيا جمع جي نماز کانپوءِ اٽڪل هڪ هزار ماڻهو معرفت ۽ ولايت کي پهتو. جن مان حضرت صابر سومرو، شيخ تاجن، شيخ حبيب ۽ سيد عبدالڪريم بلڙي وارو مشهور بزرگ هئا جن کي ڪشفت ڪرامت سان سڄي سنڌ سڃاڻي ٿي انهن وٽان هزارين مانهن معرفت جو رستو سکي پنهنجي عهاليت کي رسيا آهن. حضرت مخدوم نوح رحه جن فرمائيندا هئا ته مون کي حضرت پيغمبر ڪريم عليه السوادت اسلام جن وٽان چار شيون عطا ٿيون آهن هڪ ذڪر جو سبق، ٻي قرآن شريف جو تفسير 3 حديث جي سمجهاڻي، 4 خواب تعبير. حضرت مخدوم نوح رحه جن جو اويسي طريقو هو. کين الله تعاليٰ ڪنهن ظاهري مرشد جي وسيلي بجاءِ پاڻ تعليم ۽ تلقين ڪرڻ فرمائي هئي تنهن ڪري پاڻ اويسي طريقي وارا ليکيا وڃن ٿا. ڪتاب ”سراج العارفين“ ۾ لکيل آهي ته حضرت مخدوم نوح رحه جن ڪوبه مرشد نه ورتو هو. ۽ رات ڏينهن رب سائين جي ذڪر ۾ رهندا هئا. جيڪو به مريد ٿيندو هو تنهن کي به ذڪر لاالله الاالله ڏيندا هئا ۽ کين انهي ذڪر ۾ مشغول رهڻ جي هدايت ڪندا هئا. پاڻ انهي ذڪر ۾ ايتري قدر مشغول رهندا هئا جو سندن چپ مبارڪ ذڪر جي مشغوني سبب هميشه پيا چرندا هئا. روايت آهي ته هڪ دفعي جڏهن حجام سندن سنوارت ڪري رهيو هو. تڏهن شهپرن جي سنوارت وقت حضرت مخدوم نوح رحه جن کي عرض ڪيائون ته سائين تيسين چپ نه چوريو جيسين آئون شهپرن جي سنوارت ڪري وٺان. تنهن تي پاڻ فرمايائون ته ”ابا! سج يا آسمان کي تون چرڻ کان روڪي سگهين ته آئون پنهنجي زبان ۽ چپن کي الله سائين جي ذڪر کان روڪي ڇڏيان. حضرت مخدوم نوح رحه جي روحاني ۽ علمي طاقت جي خبر ملڪان ملڪ پکڙجي وئي ته روزانو سوين نوان ماڻهو سندن خدمت ۾ حاضر ٿي سندن مريد ٿيندا هئا ۽ جڏهن به سفر تي ڪنهن ڳوٺ شهر ۾ ويندا هئا ته سوين ماڻهو اتي اچيو کانئن ذڪر جي تلقين وٺندا هئا ۽ صاف دل سان سندن مريد ٿيندا هئا. پاڻ ٻين بزرگن وانگر نئين مريد جي چڳ ڪٽڻ يا مٿو ڪوڙڻ پسند نه ڪندا هئا. عام طور ته هر وقت ۽ هر روز مسجد شريف ۾ مريدن ۽ معتقدن جا ميڙا سندن حاضري ۾ رهندا هئا پر سندن مقرر ڪيل دستور موجب سال ۾ هڪڙو ڀيرو ذوالحج مهيني جي 9 تاريخ يعني حج واري ڏينهن سڄي ملڪ جا مريد وڏي تعداد ۾ وٽن حاضر ٿيندا هئا ۽ عيد نماز ساڻن گڏ ادا ڪري پوءِ پنهنجي ڳوٺ هليا ويندا هئا. سندن شادي بابت ”سڪينه الروح“ ۾ لکيل آهي ته جنهن ۾ سندن ارشاد آهي ته حضرت عيسيٰ عه جو ڇڙو رهڻ ڏسي مون به پهرين ارادو ڪيو ته شادي نه ڪجي. ڇڙو ڇانڊ رهجي پر جڏهن ڏٺم ته قرآن شريف ۾ فرمائيل آهي ته لارهجانيته في السلام“ دنيا جا تعلقات ٽوڙڻ يا دنيا جي فرض کان موڙڻ اسلام ۾ روا نه آهي ته جڏهن ڏٺم ته اسان جي آقا ۽ حضور جن شاديون ڪيون آهن ۽ اولادي ٿيا آهن تڏهن مون به پيغمبري متابعت ڪرڻ عين ضروري ڳالهه سمجهي ۽ شادي ڪيم پاڻ پٽ پاراتو ڏيڻ جي سخت خلاف هئا. سنڌ جي حاڪم مرزا محمد باقي تي مغل بادشاهه اڪبر ڏاڍو ڏمريو هو سو مرزا کي گرفتار ڪرائڻ لاءِ سنڌ تي لشڪر چاڙهي موڪليو. اڪبر فوج سنڌ ۾ قتل غارت ڪندي اڳتي وڌي رهي هئا. ماڻهو حضرت نوح جن وٽ فريادي آيا. پاڻ فرمايائون ته الله تعاليٰ عافيت بضير ڪندو. آخر اها فوج هالا ويجهو اچي پهتي جنهن ڪري شهر وارا ماڻهو اچي حاضر ٿيا ۽ سمورا حال اچي پيش ڪيائون پاڻ ٿورڙي مٽي چپٽي گهرائي تري تي رکي هڪ دعا پڙهي فوج ڏانهن ڪيائون جنهن سان اها فوج انهي وقت اتان پوئتي هٽجڻ لڳي ۽ اهڙي ته ڀڳي جو پنهنجو ساهه وڃي هندستان ۾ کيائون. بادشاهه اڪبر لشڪر جي ڀاڄ جو سبب معلوم ڪرڻ گهريو جنهن تي فوج جي سربراهن چيو ته هالن جي لڳ طوفان دهشت طاري ٿي جنهن ڪري جانيون بچائي اچي هتي پهتا آهيون. ان وقت شاهي درٻار جو ڪو ۽ درويش ويٺو هو. ان عرض ڪيو ته اهو ڪنهن ولي الله جي ڪرامت جو ڪرشمو آهي. ان کانپوءِ اڪبر بادشاهه ٻيهر فوج عبدالرحيم خان خانان جي سرڪردگي هيٺ موڪليو ۽ مخدوم نوح جي خدمت ۾ حاضر ٿيڻ جو به حڪم ڪيو. ليڪن عبدالرحيم خانان جي هالا پهچڻ کان اڳ حضرت مخدوم نوح رحه هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. ان وقت سندن عمر 77 سال کن هئي. پاڻ پير مرد ٿي وڃڻ جي باوجود پاڻمرادو هلندا هئا. وفات وقت کين ڪابه بيماري وغيره نه هئي 27 ذوالقعد هجري سنه 998هه جمع جي رات عيسوسي سن 1584ع تي سومهڻي نماز مسجد شريف ۾ باجماعت ادا ڪيائون ان بعد حرم سرا ڏي اسهيا. مسجد شريف جي دروازي جو ڪڙو هٿ ۾ جهلي هي بيت چيائون. نه سي جوڳي جوءِ ۾ نه ”سا سکي ڇات ڪا پڙين ڪنواٽ وڏي ويل پراڻياوري جڏهن حويلي ويجهو دروازي تي پهتا ته هي بيت چيائون. ابوبڪر آءُ سامين سفر بناهين متان ٿي پئان سارين سنڀاسين مسجد شريف جي جماعتن کي انهن بيتن ڏيندي به سندن وصال جو ڪوبه گمان ڪونه هو. ڇو جو پاڻ مختلف وقتن تي ان موقعن جي مناسبت سان پنهنجا ٺاهيل بيت ڏوهيڙا ائين پيا چوندا هئا. مگر ابوبڪر شاهه لڪياري رحه هڪڙو الله آگاهه بزرگ ۽ مخدوم صاحب جن جو پيارو ۽ خاص ساٿاري هو. ان کي ڪشف ذريعي حقيقت معلوم ٿي وئي ۽ هي بيت چوندو ڳوٺان نڪتو ۽ اچي حاضر ٿيو. ”اچان ٿو اچان ڪج ذرو ڪا جٽا متان ٿي پئان ساريان سنساسين کي“ مخدوم نوح رحه جن جي هدايت تي سندن وصال بعد حويلي اندر روڄ راڙو ٿيڻ بجاءِ صبر ۽ سڪونت ۾ رهڻ ڪري رات گذري وئي ڪنهن کي ڄاڻ نه پئي پر صبح ٿيندي سندن وفات جي خبر باهه وانگر سڄي ملڪ ۾ پکڙجي وئي. حويلي شهر ۾ ماتم برپا ٿي ويو. وصال کان اڳ پاڻ وصيعت ڪئي ته اسان کي ٻيو ڪوبه غسل نه ڏي عبدو فقير ڪيريو جتي به هوندو پاڻهي صبح سوير جو هالا ۾ اچي حاضر ٿيندو. اهو غسل ڏيندو ۽ غسل بعد تڪڙ نه ڪجو ڪي غيبي جماعتون اسان تي جنازي نماز پڙهي وينديون پوءِ اوهان حاضرين نماز جنازه پڙهجو. فجر نماز بعد عبدو فقير اوچتو مسجد ۾ اچي پهتو ۽ فجر جي نماز ادا ڪرڻ لاءِ تڪڙ مچائي ڏنائين. حالانڪه جماعت وارا کيس سڃاڻندا نه هئا ته به پڪ ٿي وئين ته عبدو فقير اهو آهي. فجر نماز بعد مخدوم نوح جو جسم خاڪي حويلي کان ٻاهر آندو ويو ۽ غسل ڏياريو ويو ۽ جنازو سينگاري ميدان ۾ رکي سڀ حاضرين هٽي وڃي پري ويٺا ۽ قدرت جو رنگ ڏسڻ لڳا هڪ ٻئي پٺيان ازغيبي جماعتون پي آيون. هڪ جماعت جنازه نماز ادا ڪريو پئي وئي ته ٻي جماعت اچيو تي جنازي نماز پڙهي ۽ جماعت جنازي نماز ادا ڪئي. ان بعد اهي ازغيبي جماعتون اچڻ بند ٿي ويون. حاضرين نماز پڙهڻ بعد جنازي نماز پڙهي ان بعد سندن جسم خاڪي ڌرتي ماءُ جي هنج حوالي ڪيو ويو. پاڻ 4 شاديون ڪيون هيون. کين 12 پٽ ۽ ڪجهه نياڻيون هيون. سندن فرزندن جا نالا ميان امين، محمد ميان حامد، ميان نور محمد، ميان احمد آهي چارئي ترڪ قبيلي جي بيبي سڳوري مان هئا 
.

 

1 comment:

پنهنجا رايا ڏيو