بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Bhandari Pir Karhyo ڀانڊاري پير ڪرهيو

 

ڀانڊاري پير ڪرهيو

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا



سنڌ جي سرزمين تي هر دؤر ۾ -الله- وارا، بزرگ، درويش ۽ نيڪ -ٻانها- پيدا ٿيندا رهيا آهن. پير شيخ ڪرهيو ڀانڊاري به انهن مان هڪ ٿي گذريو آهي. سندس نالي سان ڳوٺ شيخ ڪرهيو ڀانڊاري سومرن جي -تخت- گاهه روپا ماڙيءَ ڀرسان اڄ به موجود آهي. ٻين بزرگن وانگر هن فقير سان به ڪيتريون ئي روايتون منسوب آهن. ڳوٺ جو عالم فاضل -استاد-، عبدالرحيم شيخ، لوڪ روايتن آڌار پيرَ شيخ ڪرهيي ڀانڊاريءَ جو احوال هن ريت ٻڌايو آهي: ”هيءُ بزرگ ضلعي -ٺٽي- کان هتي آيو. سندس والد جو نالو چنچل شاهه هو. شيخ ڪرهيو ڳالهائيندو ڪو نه هو. هميشه خاموش ۽ عبادت ۾ مشغول رهندو هو. پاڻ ۾ ست ڀائر هئا. ڀائرن سوچيو ته ڪو طريقو ڪجي جيئن سندن -ڀاءُ- ڳالهائڻ شروع ڪري. هڪ ڏينهن سڀئي ڀائر گڏجي شڪار ڪرڻ لاءِ نڪتا. شڪار ڪندي ڪندي اهي هاڻوڪي جوءَ ۾ اچي نڪتا. اوچتو -تتر- ٻوليو ته ڀائرن مان ڪنهن ڌڪ هڻي -ان- کي ڪيرائي وڌو. تڏهن شيخ ڪرهيي فرمايو ته ”ڳالهائين نه ها ته ڇو مرين ها.“ تنهن تي سندس چپ جو روزو ٽوڙڻ يعني ڳالهائڻ بعد شيخ ڪرهيو ڀانڊاري گهوڙي -تان- هيٺ اچي ڪريو ۽ گذاري ويو. -ان- کان پوءِ کيس شيخ ڪريو يا ڪرهيو سڏيو ويو.“
هن ڳوٺ سان واسطو رکندڙ مشهوراديب ۽ محقق شيخ محمد سومار، پنهنجي ڪتاب ”لاڙ جا ماڳ مڪان“ ۾ لکي ٿو ته هيءُ ڳوٺ ڪنهن وقت شهر ۾ هو. هينئر رڳو کنڊر جي صورت ۾ موجود آهي. درگاهه کان ٻن ميلن تائين سهڻي واري دڙي کان ڳٺي ڍوري جو وهڪرو ڏکڻ طرف وڃي ٿو. برهميت ۽ سانڍوهه ڍنڍون هن ڳوٺ سان اچيو اڌ ميل تي بيهن. انهيءَ لحاظ کان اهو پراڻو تاريخي ڳوٺ ڳٺي ڍوري جي ڪنڌيءَ تي آهي. هيءُ ڳوٺ اڳي ”مرکان جو ڳوٺ“ سڏبو هو. پوءِ پڻي شيخ ٿيا ته سندن ڳوٺ سندن مرشد پير شيخ ڪرهيي ڀانڊاريءَ جي نالي سان سڏيو ويو. مذڪوره بزرگ سومرن جي ڏينهن ۾ وصال ڪيو. سندس مقبرو غلام شاهه ڪلهوڙي تعمير ڪرايو ۽ هن درگاهه کي ”شاهه ڪِرهه“ جي نالي سان ياد ڪيائين. هتي ڪجهه عرصو پاڻ رهيو ۽ پنهنجي لاءِ ڪوٽ به ٺهرايو هئائين. هتي جا شيخ مشهور معروف پئي رهيا آهن. ڪرهيي جي شيخن جا ٽي وڏا پاڙا آهن. جھڙوڪ: ”گھمناڻي“، ”رمضاڻي“ ۽ ”پٺاڻڪي“. مرکان شيخڻ ۽ شيخ الهبچايو هن علائقي جا مشهور بزرگ ۽ شاعر ٿي گذريا آهن. هن درگاهه تي سال به سال پوهه مهيني جي پهرين سومار تي ميلو لڳندو آهي. هن ڳوٺ کان -اوڀر- ۾ ٻن ميلن تي پَراڻ جو وهڪرو آهي. هن ڳوٺ کان پوءِ ڳٺو ڍورو موجوده رڻ مان وهي وڃي ڪوري نار ۾ پوندو هو، جنهن جا هينئر رڳو نشان وڃي رهيا آهن. شيخ ڪرهيي ڀانڊاريءَ بابت هڪ ٻي لوڪ روايت مطابق: ”هيءُ بزرگ کير وٺڻ لاءِ ڪشتو کڻي اوڙي پاڙي ۾ ويو، پر کيس ڪٿان به کير نه مليو، فقط هڪڙي پوڙهي مائيءَ کيس سڏ ڪري اڻ گھريو کير ڏنو. درويش ڏاڍو خوش ٿيو. پوءِ هن -ان- پوڙهي مائيءَ کي دعا ڪئي ۽ مشورو ڏنو ته هو پنهنجو مال پهرائي سيم يعني مال جي قدرتي چاري واري ايراضيءَ ڏانهن روانو ڪري ڇڏي باقي جن پاڙي وارن کيس کير نه ڏنو آهي، انهن جو مال ويٺو ئي رهندو. درويش کير کڻي پنهنجي مڪان تي آيو. سج به مٿي چڙهي آيو، پر ڪراڙي مائيءَ کان سواءِ ٻئي ڪنهن جو مال ڪو نه پهريو ۽ وٿاڻ ۾ اتي جو اتي ئي ويٺو رهيو. پڇا ڳاڇا تي کين پوڙهي مائيءَ کان سڄو قصو معلوم ٿيو. -ان- تي سڀئي -ڀاڳيا- ڀڄندا درويش جي -آسڻ- تي آيا ۽ کيس عرض ڪيائون ته سائين مديون معاف ڪريو ته اسان جو مال پهري سيم ۾ چرڻ لاءِ وڃي. -ان- تي درويش فرمايو ته سوا ڪوري يا پنج -آنا- في وڇ ۽ في ڇوڪرو سوا روپيو جهنڊ لهرائڻي باقاعدگيءَ سان ادا ڪندا رهجو. اهو شرط مڃڻ کان پوءِ درويش جي دعا سان مال پهري سيم ۾ چرڻ لڳو. اڄ به شيخ ڪرهيي جا مريد منڌرا، سوڍا، راڄڙ، لاکا ۽ شيخ وغيره هتي اچي پنهنجي نينگرن جي جھنڊ لهرائين ٿا. (درگاهه تي وار ڪٽرائڻ کي جھنڊ لهرائڻ چئبو آهي).
هڪ اندازي مطابق هي ڳوٺ 300 سالن کان -آباد- آهي. ويجھي ماضيءَ ۾ ڳوٺ ابوڙو شيخ، صالح شيخ، الهڏنو منڌرو، ويڌو منڌرو، پکريو راڄڙ، مينڌرو خاصخيلي ”واڍو“، علو راڄڙ، عبدالله منڌرو، ناٿو سوڍو ڳوٺ، الهه بخش شيخ، سائين ڏنو شيخ ۽ راڌڻ شيخ ۽ بيا ڪيترائي ڳوٺ هئا، جن جا رهواسي بعد ۾ شيخ ڪرهيي ۾ اچي رهيا. هيءُ ڳوٺ ديهه پٽيجي تعلقي ۽ ضلعي -بدين- ۾ اڄ به موجود آهي. ڳوٺ واسين جو چوڻ آهي ته ديهه پٽيجي اڳ ۾ صرف شيخن جي هوندي هئي، پر بعد ۾ ڪجهه زمين ٻئي ذات وارن ماڻهن کي وڪرو ڪري ڏني وئي. درگاهه جي اڱڻ ۾ پنجاهه فوٽ ڊگھي ڪاٺي کتل آهي. جنهن بابت چيو وڃي ٿو ته اها ڪڇ کان هوڙن وسيلي سمنڊ جي ڪناري آندي وئي. اتان وري درگاهه جي ٻهاريدار ”-آري- پاٿري، اڪيلي سر ڪلهي تي کڻي اچي اڱڻ ۾ لڳائي. اهو قديمي نشان اڄ به موجود آهي. درگاهه جا متولي يا مجاور شيخن جي -ٽن- پاڙن مان مخصوص وقت لاءِ چونڊبا رهن ٿا. ”گھمناڻي“، ”پٺاڻڪي“ ۽ ”رمضاڻڪي“ پاڻ ۾ فيصلو ڪري ڪنهن هڪ ماڻهوءَ کي طئي ٿيل عرصي لاءَ واري واري سان مجاور مقرر ڪن ٿا. هن وقت آدم شيخ درگاهه جو متولي آهي. هن ڳوٺ جي ڏکڻ ۾ وانر پير ۽ زيرو پوائنٽ، اولهه ۾ سهڻيءَ جو دڙو ۽ عربي سمنڊ، -اوڀر- ۾ روپا ماڙي ۽ مانڌر گھاڙ جو پوڇڙ ۽ -اتر- طرف ديهه سانڍوهه آهي. هن درگاهه جا مريد ڪڇ ڀڄ ۽ جاتي تعلقي ۾ وڌيڪ آهن. شيخ فقير هاڻي به مريدن کان ڏن وصول ڪن ٿا. اڌ صدي اڳ سمنڊ جون ويرون هيستائين نه پهچنديون هيون. زمينون -آباد- هيون. مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته هتي -انب- ۽ ڏاڙهونءَ جا وڻ به هئا. -ان- کان سواءِ -ٻٻر-، ڄار ۽ لئي به ٿيندي هئي. پر هاڻي ڪجهه ڄاريون ۽ ڪي -ٻٻر- وڄي بچيا آهن. باقي زمين لوڻياٺي ٿي وئي. زمينون ڪلر ۽ لوڻ سبب تباهه ٿي ويون آهن. ساوڪ ۽ ساون گاهن ۽ ٻنين جي زرخيزي به اڳي جھڙي نه رهي آهي. درگاهه تي سماع جي رسم شروع کان ٿيندي پئي اچي. سومر جي رات ۽ ڏينهن شيخ فقير سماع ڪندا آهن. -باهه- ٻاري وڏو مچ ڪري -ان- تي -الله- جو ذڪر ڪندا آهن. گھڻو اڳ دف به وڄائيندا هئا. وار کولي -باهه- ٻاري ”-الله- آلو“ جو ذڪر ڪندا مچ جي چو طرف ڦرندا رهندا هئا. هن وقت درگاهه تي ڪي به سهولتون نه آهن. ٻيو ته ٺهيو بچاءُ -بند- به ڪونهي. جنهنڪري سمنڊ جون ويرون بنا ڪنهن جھل جي سڄي ڳوٺ کي لهرن ۾ لوڏينديون رهن ٿيون. -بدين- ضلعي جي مشهور ۽ معروف اديب شيخ محمد سومار هن ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. سنڌ جو ناميارو محقق ڊاڪٽر نبي بخش -بلوچ- صاحب ڪيترائي دفعا ڄاڻايل ڳوٺ ۾ آيو آهي. مقامي ماڻهو خاص ڪري شيخ ذات وارا گھر ۾ ڳاڙهي کٽ نه رکندا هئا.نيرو ڪپڙو نه پائيندا هئا. مٿان ڇٽ يا ڇاڄو به نه رکندا هئا. هن وقت -تعليم- عام ٿيڻ کان پوءِ اهي روايتون ۽ رسمون ختم ٿي ويون. مبارڪ شيخ، محمد شيخ ۽ محمد الرحيم شيخ، شاهه جون وايون وڏي شوق سان پڙهندا هئا. راڌڻ شيخ مرلي ۽ ميوو شيخ پاوا وڄائيندو هو. درگاهه ۾ مور جا کنڀ ۽ مانگر مڇ جو ڪنڊو سنؤڻ طور هميشه رکيل هوندا هئا. پر هاڻي اهي به ڪونه ٿا ڏسجن. شيخ ڪرهيي ڀانڊاريءَ جي قبر مٿان ڪاٺ جو جھولو يا پينگهو سندس مريد ابراهيم ڪڇي ڪراچيءَ واري ٺهرايو. جيڪو ٻه ٽي سال اڳ وفات ڪري ويو آهي. ڪو وقت هو جو شيخ ڪرهيي جو ميلو وڏي ڌام ڌوم سان ملهايو ويندو هو. پر هاڻ اها رونق نه رهي آهي. ويجھي ماضيءَ ۾ سير تفريح جي ڀرپور ثقافتي شاهدي ڏيندي شيخ الهه بچائي چيو آهي ته:
ميلا سڀئي مصريون، پر ڪرهيي جهڙا ڪونه،
سڀئي ٿين سون، ته به تر نه پڄن تنهن کي.
ان کان سواءِ سنڌ جي پهرين شاعره مائي مرکان شيخڻ به سندس مريدياڻي هئي. -ان- به سندس مدح ۾ ڳيچ چيا آهن. نموني طور هڪ ڳيچ ڏجي ٿو:
هـــــــي ڪـــــانــڊڙي لـــَس،
هـــــــي واســـــــرڙي وس،
آءٌ کِـلـندي، ڪُـڏندي اچـان،
ڪـرهـيل ڏٺم سک -پار- ۾.
 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو