سخي شهباز قلندر
برصغير پاڪ وهند ۽ سنڌ
۾ وسندڙ درويش گهڻو ڪري ايران ۽ افغانستان مان وارد ٿيا ۽ اسلام جي پيغام کي
پکيڙيندا پنهنجا اڻمٽ نشان ڇڏي اَمر ٿي ويا، نبي آخرالزمان نبوت
ختم ٿي ۽ ولايت شروع ٿي جيڪا اڄ ڏينهن تائين جاري آهي ۽ ازل کان ابد تائين ايندڙ
ولين جو ڪم به ساڳيو پيغمبري پيغام پکيڙڻ ۽ دين اسلام جي تبليغ ۽ ترغيب آهي.
اهڙن ڀلارن بزرگن ۾ سنڌ
جو حضرت سخي لال شهباز قلندر رح به شامل آهن، سندن خانداني نالو سيد محمد عثمان ۽
والد محترم جو نالو سيد ڪبير رح هو، سندن ولادت جي تاريخ ۾ ڪافي اختلاف آهن، ڪي
مورخ 537 هجري ته ڪي وري 538 هجري کي سندن پيدائش جو سال قرار ڏين ٿا، سندن اباڻو
وطن مروند هو، سندن شجرو حضرت امام جعفر صادق سان وڃي ٿو ملي، حضرت لال شهباز علم
جي حاصلات لاءِ مختلف علائقن جا ڊگها ۽ اڻانگا سفر ڪيا ۽ وقت جي نامور بزرگن کان
علم حاصل ڪيو، ڪجهه ڪتابن ۾ سندن نالي جي هجي ”لعل“ جو لفظ استعمال ڪيو ويو آهي،
جنهن جي معنيٰ ڳاڙهو آهي، مروند شهر ۾ ئي سندن تعليم و تربيت ٿي، بالغ ٿيڻ کانپوءِ
حضرت شيخ عثمان رح، حضرت بابا ابراهيم رح جي هٿ تي بيعت ٿيا، پيرد مرشد جي هدايتن
موجب پاڻ هڪ سال تائين سخت رياضتون ڪيون ۽ پوءِ کانئن ئي خرقو حاصل ڪيائون.
حضرت بابا ابراهيم رح
پنهنجي خاص مريد کي ”شهباز“ جو خطاب عطا ڪيو، ان خطاب جي تشريح ۾ بعض مورخن لکيو
آهي ته سندن اکيون شهباز جيان چمڪندڙ هيون، ان ڪري مرشد کين انهيءَ نالي سان ياد
ڪندا هئا.
”لال“ جو لفظ سندن ذات
سان ان ڪري لاڳاپجي ويو هو جو قلندر شهباز رح اڪثر ڳاڙهو لباس پهريندا هئا ۽ اهو
رنگ کين ڏاڍو وڻندو هو، ڪي مورخ ”قلندر جي مشهوري جو سبب هيئن بيان ڪن ٿا ته لال
شهباز رح، حضرت سيد جمال مجرد جو خرقو حاصل ڪيو هو ۽ سيد جمال رح هڪ قلندر هو،
ڪجهه مورخ ان خيال جا آهن ته سندن پير و مرشد حضرت بابا ابراهيم رح ئي حضرت شهباز
کي قلندر سلسلي ۾ داخل ڪيو هو. ڪن تذڪري نگارن جي تحقيق مطابق مشهور بزرگ حضرت بُو
علي شاهه قلندر، حضرت لال شهباز کي ”قلندر“ چئي پڪاريو هو،، ان ئي ڏينهن کان پاڻ
”قلندر مشهور ٿي ويا.
ڪي تاريخ نويس ”شهباز“
جي مشهوري جي سبب کي هن طرح بيان ڪن ٿا ته هڪ دفعي پاڻ پنهنجي همعصر بزرگن حضرت
بابا فريد الدين شڪر گنج رح، حضرت جلال الدين بخاري جهانيان جهان گشت ۽ حضرت
بهاءُالدين ذڪريا ملتاني رح سان گڏجي سفر تي نڪتل هئا، اوچتو هلندي هلندي بيهي
رهيا ۽ مک مبارڪ تي پريشاني جا آثار ظاهر ٿيڻ لڳا.
”مخدوم! ڇا ٿيو“؟ سندن
ساٿي بزرگن کين پريشان ڏسي پڇا ڪئي. ”منهنجو هڪ مريد هن وقت وڏي مشڪل ۾ ڦاسجي پيو
آهي“، حضرت سيد عثمان مروندي ڏکاري لهجي ۾ فرمايو، ”توهان حضرات پنهنجو سفر جاري
رکو، مان اجهو ٿو اچان“، ايئن چئي حضرت شيخ اهڙي طرح ڀڙڪو ڏنو جو نظرن کان اوجهل
ٿي ويا. ڪجهه دير کان پوءِ ٽنهي بزرگن، حضرت سيد عثمان رح کي سامهون کان پاڻ ڏانهن
ايندي ڏٺو، ساڻن گڏ هڪ اوپرو شخص هو.
پوءِ جڏهن چارئي بزرگ
پنهنجي ماڳ تي پهتا ته هڪ بزرگ سوال ڪيو، ”مخدوم! ڇا هي اهو ئي مريد آهي جنهن جي
ڪري توهان ايڏا پريشان هئا“؟ حضرت سيد عثمان مروندي رح فرمايو ”رب تعاليٰ جو شڪر
آهي جو هن، منهنجي مريد کي مشڪلاتن مان ڪڍي سانت جي ساحل تي پهچايو“.
روايت آهي ته سندن اها
ڪرامت ڏسي ٽنهي وقت جي نامور عارفن بيساخته فرمايو ”مخدوم! اوهان شاهه باز آهيو“
ان ڏينهن کان وٺي حضرت
عثمان رح شاهه باز جي لقب سان مشهور ٿي ويا پوءِ اهو لفظ گهڻي استعمال سبب شهباز
ٿي ويو.
حضرت بابا ابراهيم رح ۽
پوءِ حضرت سيد جمال شاهه مجرد رح کان خرقا حاصل ڪرڻ کانپوءِ حضرت لال شهباز قلندر
رح “حرمين شريفين“ جي زيارت لاءِ حاضر ٿيا، ان سفر جي سانگي سندن ملاقات مشهور
بزرگ حضرت سيد جلال الدين سرخ بخاري رح سان ٿي، حضرت سرخ بخاري نامور صوفي حضرت
مخدوم جهانيان جهان گشت جو ڏاڏو هو، حضرت سيد جلال الدين بخاري رح ۽ حضرت لال
شهباز رح ۾ هڪ جهڙائي ته ٻئي سيد زاده هئا، ٻئي حق جا طالب هئا ۽ ٻئي ڄڻا ڳاڙهو
لباس پائيندا هئا، حضرت سرخ بخاري رح ۽ حضرت لال شهباز قلندر رح ڪيترن ئي سالن
تائين مڪه معظمه ۽ مديني منوره ۾ رهي پيا ۽ انهن ڀلن پارن تي ٻنهي بزرگن گڏجي سخت
رياضتون ڪيون ۽ ڪشت ڪٽيا، اتان کانپوءِ بخارا ويا هئا.
بخاري جي بادشاهه جي
ڌيءُ سان لال شهباز قلندر رح جي شادي کانپوءِ پاڻ حضرت سيد جلال الدين بخاري رح
سان گڏ هن تاريخي شهر ۾ رهي پيا ۽ مختلف معرفت جي صاحبن کان ڪسب فيض حاصل ڪندا
رهيا، هڪ ڏينهن حضرت جلال الدين سرخ بخاري رح وجد جي ڪيفيت ۾ لال شهباز قلندر کي
مخاطب ٿيندي فرمايو ”سيد! مون معرفت جي آسمان تي هڪ شهباز کي اڏرندي ڏٺو آهي ۽ اهي
شهباز توهان آهيو“. نيٺ ڪجهه عرصي کانپوءِ حضرت لال شهباز قلندر رح، حضرت سيد جلال
الدين بخاري رح کان اجازت ورتي ۽ بخارا کان موڪلائي، حضرت علي ڪرم الله وجهه جي
زيارت لاءِ نجف اشرف حاضر ٿيا. هڪ رات پاڻ اتي خواب ۾ ڏٺو ڪو بزرگ کين مخاطب ٿي
چئي رهيو هو، ”سيد عثمان! توهان بنا دير ڪربلائي معليٰ هليا وڃو، اتي توهان جا
والد محترم موجود آهن ۽ هو توهان کي ڏسڻ لاءِ بيقرار ۽ مضطرب آهن“.
حضرت لال شهباز رح خواب
جي عالم ۾ “ بزرگ جي هدايت ٻڌي ۽ پوءِ ٻي ڏينهن پاڻ ڪربلائي معليٰ روانا ٿي ويا،
جتي حضرت سيد ڪبير رح پنهنجي قلندر پٽ کي سيني سان لاتو ۽ وصيت ڪندي فرمايائون پٽ!
هي دنيا داراالامتحان آهي مون پنهنجي الله کان سڄي ڄمار بس هڪ ئي دعا گهري آهي ته
اها ذات پاڪ توکي هر آزمائش ۾ ثابت قدم رکي“.
ان واقعي جي ڪجهه ڏينهن
کان پوءِ سيد ڪبير رح دنيا مان برقعو مٽائي ويا، سندن وفات کانپوءِ حضرت لال شهباز
قلندر رح ڪربلائي معليٰ کان سبزوار ڏي ويا، اتي سندن پير و مرشد حضرت بابا ابراهيم
رح جي رهائش هئي پنهنجي مريد کي ڏسي حضرت بابا ابراهيم رح بيقرار ٿي ويا. ”سيد!
توهان سان ملاقات لاءِ ئي الله تعاليٰ مونکي زنده رکيو آهي“. ”شيخ محترم! اڃا سالن
تائين توهان جي ڇانو اسان جي سرن تي قائم رهندي“ حضرت لال شهباز قلندر رح روئڻ
هارڪو ٿيندي چيو:
”نه سيد!“ حضرت بابا
ابراهيم رح فرمايو ”اجل جو فرشتو منهنجي در تي اچي پهتو آهي بس رڳي چائنٺ ٽپڻ جي
دير آهي“ ايئن چئي حضرت بابا ابراهيم رح پيرو مرشد جو فرقو ۽ ٻيا تبرڪات حضرت لال
شهباز رح جي حوالي ڪيا، ”هي مون وٽ توهان جو جيترو خرقو هو، توهان کي ملي ويو،
هاڻي مان دنيا مان هليو وڃا ته توهان جمال شاهه مجرد جي خدمت ۾ حاضر ٿجو، اهي ئي
اوهان جي تڪميل ڪندا“.
ڪجهه ئي ڏينهن جي وٿي
کانپوءِ حضرت بابا ابراهيم رح به ”دارفنا“ کان ”داربقا“ ڏانهن هليا ويا، والد صاحب
جي وفات کانپوءِ هي ٻيو دکدائڪ الميو هو جنهن کي حضرت لال شهباز رح ڏاڍي شدت سان
محسوس ڪيو هو، ٿورڙي ئي عرصي ۾ ٻن محبوب هستين کان وڇڙڻ ۽ انهن صدمن کي سهڻ سولو
ڪم نه هو..
اهو ستين صدي هجري جي
ٻئي ڏهاڪي جو ذڪر آهي جڏهن هندستان ۾ اسلامي سلطنت قائم ٿي چڪي هئي پر ڪجهه علائقن
۾ اڃا تائين هندو حاڪم اقتدار ۾ هئا، انهن هندو حاڪمن ۾ راجا سيوستان به هو. هي
تاريخي ۽ قديم شهر هو جنهن کي اڄ سيوهڻ چون ٿا، سيوهڻ ۾ راجا جيرجي جي دور حڪومت ۾
قلندر شهباز رح اتي آيا هئا ۽ ان هنڌ پکڙيل برائين کي پاڙن کان پٽي ڀٽڪين کي سنئين
واٽ تي آندائون.
حضرت لال شهباز قلندر
رح ڊگهي ڄمار ماڻي، اڪثر روايتن مطابق پاڻ 21 شعبان 673 هجري ۾ دنيا مان موڪلائي
ويا.
سن 757 هجري ۾ سلطان
فيروز شاهه تفلق جي حڪومت ۾ سيوهڻ جي حاڪم ملڪ اختيارين الدين، حضرت لال شهباز رح
قلندر جي مزار مبارڪ تعمير ڪرائي هئي. تنهن کانپوءِ ”ترخاني“ خاندان جي آخري حاڪم
مرزا جاني بيگ روضي ۾ واڌ ويجهه ڪرائي ان کانپوءِ 1009 هجري ۾ مرزا جاني بيگ جي پٽ
مرزا غازي خان بيگ مزار جي عمارت ۾ ٻيهر ترميم ڪرائي.
سن 1173 هجري ۾ سنڌ جي
ڪلهوڙي حاڪم ميان غلام شاهه، درگاهه تي پٿر جو فرش لڳرايو ۽ صدر دروازو وڏو ڪري
هڻايو.
حضرت لال شهباز قلندر
کي هن فاني دنيا مان موڪلائيندي ساڍا ست سئو ورهين کان به مٿي جو عرصو گذري چڪو
آهي پر سندن روحاني فيض اڄ به جاري آهي.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو