چيزل شاه
عبدالعزيز شاه ڀاڳناڙي (بلوچستان) جي صوفي درويش رکيل شاه
جو لائق فرزند ۽ سجاده نشين هو. هي بزرگ درگاه جهوڪ جي ميلي تي سماع جي مجلس ۾
گوڏا ڀڃي ويٺا. چيزل شاه پاڻ وڏي مڻيا ۽ مريد خادمي وارو هو پر هن پنهنجي پيءُ
واري واٽ وٺي درگاه جهوڪ جي مريدي ۽ طالبي ۾ وڏي محبت سان گذاريو. شعبان
1404هه/مئي 1984ع ۾ وفات ڪيائين. سندس چيل ڪلامن جو ذخيرو گهڻو آهي. جيڪو قلمي
صورت ۾ موجود آهي. پنهنجي والد کان فيض مليس ۽ هڪ ڪلام جي ٿلهه ۾ والد بزرگوار
”رکيل شاه“ کي ”رکيل“ جي اکرن ۾ هن طرح آندائين ته:
”ڪر سجدو سِر قتلام ميان
ڏس ’ري
کي بي لام‘ ميان
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو