بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Hemu Kalani سيمون ڪالاڻي

هيمون ڪالاڻي
سکر جي فضائن ۾ پکين اڃان پنهنجا آکيرا به نه ڇڏيا هئا، سکر جيل جو لوهي گيٽ وڏي آواز سان کليو هو، ڪجهه سرڪاري عملدار جيل اندر روانا ٿيا ۽ گيٽ وڏي آواز سان وري بند ٿي ويو. هيمون جي پتا پيسو مل سمجهيو ته سندس ڳڀرو  ڦاسي چڙهيل  هيمون جي ارٿي سندن حوالي ڪئي ويندي.  پر ائين نه ٿيو، سندن آلا نيڻ شام چار وڳي تائين پنهنجي پُٽ جو لاش ڏسڻ لاءِ اوسيئڙو ڪندا رهيا. شام چار وڳي ڪيترن شرطن ۽ ضمانت کانپوءِ بند سرڪاري گاڏي ۾ هيمون کي گهر ڌڻين تائين پهچايو ويو. هيمون کي ڦاسي صبح جو ستين وڳي ڏني وئي، ۽ لاش 4 وڳي ڏنو ويو، سو به انهي شرط سان ته سکر ۾ ڪو دنگو فساد ٿيو ته اُن جا ذميوار سندس مائٽ هوندا. هيمون جو منهن ڏسڻ لاءِ هزارين ماڻهو روڊ رستن تي گڏ ٿي ويا هئا، ڪي ماڻهو گهرن جي ڇتن تي بيٺا هئا.

هيمون ڪالاڻي جي ڪردار کي خبرناهي ڇو اسان سنڌ واسين  نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي، نه  اُن تي تحقيق ٿي ۽ لکيو ويو آهي نه ئي اُن تي سنڌ مان ڪو ڪتاب ڇپيو آهي. اسان سنڌ واسين هيمون ڪالاڻي کي ائين وساري ڇڏيو آهي جيئن مغربي پنجاب وارن ڀڳت سنگهه کي، پر هاڻي ڪجهه لاهوري ڀڳت سنگهه کي ياد ڪرڻ لڳا آهن ۽ اُن جي ياد ۾ ڪجهه پروگرام ڪن ٿا.  مون جڏهن سائين جي ايم سيد جو ڪتاب جنب گذاريم جن سين پڙهيو اُن ۾ به ڪٿي هيمون جي زندگي تي ڪو تفصيلي احوال نه مليو. سائين جي ايم سيد خبرناهي ڇو هن ديس ڀڳت تي نه لکيو. باقي پيرعلي محمد راشدي ڪتاب، اُهي ڏينهن اُهي شينهن ۾ ڪٿي به شهيد سورهيه بادشاهه لاءِ ٻه اکر نه لکيا آهن، اُتي هن ڪجهه پيراگراف هيمون ڪالاڻي تي لکيا آهن. راشدي لکي ٿو؛ جيڪڏهن سکر جو احوال لکندي مون جيڪڏهن هيمون تي قلم نه کنيو ته اُن سان زيادتي ٿيندي.
علي محمد راشدي  لکي ٿو؛ 1942ع ۾ مهاتما گانڌي انگريزن کي هندستان مان ڪڍڻ لاءِ مشهورQuit India  تحريڪ هلائي، اُن تحريڪ جي سلسلي ۾ ساري هندستان اندر باهه ٻري وئي. بيشمار فساد ٿيا. سرڪاري عملدارن تي خوني حملا ڪيا ويا. ريلون ڪريون، پوليس ٿاڻن تي حملا ٿيا. انتقامي جذبي ۾ انگريز به انڌا ٿي پيا. ان دوطرفي خوني هلچل جو اثر سنڌ تي به پيو. سال 1942ع ۾ هيمون ڪالاڻي پراڻي ۽ نئين سکر جي وچ ۾ هڪ جاءِ تي ريل (فوجي ٽرين) ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪئي، ريل ته ڪانه ڪري پر پاڻ پڪڙجي پيو. انهن ڏينهن ۾ حرن کي سزا ڏيڻ لاءِ سنڌ ۾ اڳي ئي مارشلا لاڳو ٿي چڪو هو. هيمون تي به ڪورٽ مارشل ڪيس هليو. ڦاسي جي سزا مليس مٽن مائٽن گهڻو ئي اپيلون ڪيون پر هيمون پاڻ معافي نه گهري. عملدار انتظار ۾ رهيا ته ڇوڪرو پڇتائي معافي گهري ته سندس سزا ختم ڪري ڇڏيون. پر اهو ناممڪن هو. انگريز تنگ ٿيو ۽ کيس ڦاسي ڏيئي ڇڏيائونس. (ڪتاب مان حوالو)
سنڌ جي نوجوان نسل کي صرف ايتري ڄاڻ آهي ته هُن انگريز سرڪار جي ٽرين ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪئي، پڪڙجي پيو ۽ ڦاسي جي سزا اچي ويس. ان کان اڳتي تمام گهٽ ماڻهو ان جي زندگي متعلق ڄاڻن ٿا. اسان ماڻهن نڌ جي انهن هندو آزادي پسندن کي شايد انهي ڪري وساري ڇڏيو آهي جو  هو مسلم ليگي نه هئا، يا هو هندو هئا، انهي ڪري اسان جو رويو تنگ نظري وارو رهيو آهي. انگريزن خلاف جدوجهد آزادي ۾ هندستان جي سڀني قومن قربانيون ڏنيون.  جڏهن انگريز سامراج خلاف آزادي جي تحريڪ شروع ٿي هئي، انهن ۾ 1857ع ۾ آزادي جي جنگ ۾ مسلمانن سکن، ۽ هندن  برابري جون قربانيون ڏنيون هيون. مقصد اهو هو ته ڪنهن طرح انگريز سامراج کي هن ڌرتي تان تڙي ڪڍجي  ۽ اهو سلسلو 1947ع تائين هلندو رهيو،  اها ٻي ڳالهه آهي ته انگريز سرڪار جي چالبازين سان  هندستان ۾ رهندڙ قومن جي بندوقن جا رُخ  مذهبي رواداري ۾ هڪ ٻئي جي سينن ڏانهن ٿي ويا هئا. ورهاڱي جي راهه ۾  ايترو ظلم شايد انگريز سامراج نه ڪيو هو جيترو هندن، سکن. مسلمانن هڪ ٻئي جي خلاف رت جون نديون وهائي ڪيو هو، انهي نفرت جو اندازو ڪرشن چندر جي ناول غدار کان وٺي خوشونت سنگهه جي لکيل ناول ”اي ٽرين ٽو پاڪستان“ پڙهي اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
هي ساڳيو مهينو هو جنوري جون سخت سرد راتيون سي به سکر جا سرد ڏينهن 1943ع جو سال هو جڏهن هن آزادي پسند ڇوڪراٽ کي ڦاسي تي لٽڪايو ويو هو.  اهو انگريزن هيمون جي مائٽن تي ٿورو ڪيو جو هيمون جو مڙهه مائٽن حوالي ٿيو. خوشنصيب هئي  شريمتي ڄيٺي مائي ڪالاڻي  جو کيس نوجوان پُٽ جو لاش مليو. انگريزن جي روايت هُئي ته هو آزادي پسندن کي مارڻ کانپوءِ انهن جا مڙهه گم ڪري ڇڏيندا هئا.  هيمون کي شايد اها خبر نه هئي ته جڏهن انگريز هي ملڪ ڇڏي هليا ويندا، تڏهن سندن ماتا پتا به سنڌ کي آلين اکين سان ڇڏي  شرنارٿي بنجي ويندا.
ڪجهه وقت اڳ مونکي عبدالله جيسر، لليه پتڻ  موري واري، ڪتاب ”آزاديءَ جو پروانو: شهيد هيمون ڪالاڻي“ موڪليو. ڪتاب 184 صفحن تي مشتمل آهي.
هي ڪتاب ڄيٺو لالواڻي لکيو آهي. جيڪو اسٽيج پبليڪيشن احمد آباد گجرات انڊيا مان ڇپيو آهي. مان سمجهان ٿو هيمون ڪالاڻي تي لکيل هي پهريون سنڌي ڪتاب آهي جيڪو سال 2007ع ۾ ڇپيو آهي. جيڪو هيمون جي جدوجهد کي سمجهڻ ۾ مدد ڏئي ٿو پر افسوس اهو ڪتاب به سنڌ جي مارڪيٽ ۾ موجود ناهي.
هيمون ڪالاڻي جو جنم 23 مئي 1923ع ۾ سکر ۾ ٿيو هو. هن ڪتاب جي مطالعي مان نه صرف هيمون جي جدوجهد جي مڪمل تفصيل سامهون اچي وڃي ٿو بلڪه اُن دور ۾ سنڌ ۾ جيڪا آزادي جي  جدوجهد هلي رهي هئي، اُن جي به ڄاڻ ملي ٿي. اُن دور ۾ سنڌ ۾ حرن جي جدوجهد عروج تي هئي. مئي 1942ع ۾  حرن به لاهور ميل ڪيرايو هو، جنهن کانپوءِ جون 1942ع  ۾ مارشلا لڳي هئي. ڪانگريسين ۽ سڀاش چندر بوس جي انقلابي تقريرن جو به نوجوانن تي وڏو اثر هو. اُن وقت سکر به جدوجهد آزادي جي ڪارڪنن جو وڏو مرڪز هو. ساڌ ٻيلو ديش ڀڳتن لاءِ وڏي پناهه گاهه هو، جتي هندستان جي ٻين علائقن جا روپوش انقلابي اچي پناهه وٺندا هئا. ڪرانتي جي مقصد لاءِ ٺهندڙ سوراج سينا منڊل جو هيمون ڄڻ ڪه دماغ هو، هن جا ڪارڪن هر وقت آزادي جي ساٿين سان لهه وچڙ ۾ هئا. هيمون جڏهن ريل جي پٽڙي ٽوڙڻ جو منصوبو جوڙيو هو هن سان گڏ 28 ڄڻا هئا، رات جو سکر جي بسڪوٽ جي ڪارخاني ڀرسان هيمون ۽ ان جي ساٿين اوزارن سان ڪم شروع ڪيو پر ڪارخاني جو چوڪيدار کين ڏسي ويو، جنهن وڃي پوليس کي فون ڪيو. پوليس کي ايندو ڏسي هيمون جا ساٿي ڀڄي ويا پر هي نوجوان پنهنجي ڪم کي لڳو رهيو ۽ پڪڙجي پيو. هن کي سکر جي مرڪزي جيل ۾ رکيو ويو، جيڪو 1906ع ۾ تعمير ٿيو هو. هن تي ٽارچر ٿيو، ساٿين جا نالا ٻڌائڻ ۽ گواهه بڻجڻ تي کيس آزادي جي آڇ ڪئي وئي، پر هن ڪجهه به نه ٻڌايو. سنڌ ۾ مارشلا هئڻ ڪري هيمو جو ڪيس به اسپيشل ٽربيونل ۾ هليو. هيمون کي وڪيلن سمجهايو ته اوهان ڪڏهن به اقبال جرم نه ڪجو پر هيمون ڪنهن جي به نه ٻُڌي. حيدرآباد جي فوجي هيڊڪوارٽرمان ڪمانڊر لارڊ لاروني هيمون جي ڦاسي جا حڪم سکر جيل جيلر کي موڪليا. هيمون جي مائٽن کان وٺي سنڌ جي اهم شخصيتن جن ۾ ڄيٺي سپاهميلاڻي، جمشيد مهتا، ساڌو ٽي ايل واسواڻي،  جهڙن شخصيتن دهلي جي وائسراءِ لارڊ لنٿگو کي هن معصوم تي رحم جي اپيل ڪئي ، ۽ کيس يقين ڏياريو ويو ته هيمون لکت ۾ معافي وٺندو پر هيمون معافي نه ورتي، بقلم پير علي محمد راشدي ته ڪيتري وقت تائين ڦاسي جي سزا کي ليٽ ڪيو ويو، شايد هي نوجوان پنهنجي عمل تي پڇتائي معافي وٺي جيئن کيس آزاد ڪيو وڃي. پر هن ڦاسي جي ڦندي تائين سرڪار اڳيان سر نه جهڪايو. لکندڙ لکن ٿا؛ جڏهن هيمون جي ارٿي کنئي وئي، تڏهن نئين ۽ پُراڻي سکر جي ڪل آبادي 40 هزار هئي، پر ارٿي ۾ شامل سوڳوار لک کان مٿي هئا. هيمون جي خاڪ کي سنڌو ۽ گنگا ۾ لوڙهيو ويو. هيمون جي ڦاسيءَ تي جواهر لال نهرو سخت افسوس جو اظهار ڪيو هو ۽ هن سنڌ اچي هيمون جي خاندان سان تعزيت ڪئي.
هيمون جا مائٽ پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ هندستان جي رياست راجستان ڏانهن هليا ويا. جتي پيسو ڪالاڻي سنه 1962ع ۾ ديهانت ڪري ويو. جڏهن ته هيمون جي ماتا شريمتي ڄيٺي مائي ڪالاڻي سيپٽمبر 1986ع ۾ ديهانت ڪري وئي. هندستان جي وزيراعظم جواهر لال نهرو ڄيٺي مائي سان ملاقات ڪئي هئي، کيس سونو تمغو ڏيندي ۽ سنڌو ماتا جو خطاب ڏنو ويو، جيئن ڀڳت سنگهه جي ماتا کي هندستان وارن پنجاب ماتا جو خطاب ڏنو هو. پنجاب ماتا سنڌو ماتا سان ملڻ راجستان آئي هُئي.
هيمون ڪالاڻي جي گرفتاري 23 آڪٽوبر 1942ع ۾ ٿي، ڦاسي جي سزا 21 ڊسمبر 1942ع ۾ ٻڌائي وئي. اُن کي اڄوڪي ڏينهن 21 جنوري 1943ع ۾ بغاوت جي ڪيس ۾ ڦاسي ڏني وئي. هي اُهي ڏينهن هئا جڏهن شهيد سورهيه بادشاهه تي به حيدرآباد جيل ۾ ڪورٽ مارشالا تحت مقدمو هلي رهيو هو. شهيد سورهيه بادشاهه کي ٺيڪ ٻه مهينا بعد ڦاسي ڏني وئي، پر افسوس شهيد جو جسد خاڪي وارثن حوالي نه ڪيو ويو. هندستان ۾ هيمون ڪالاڻي جي ياد ۾ 18 آڪٽوبر 1983ع ۾ يادگار ٽڪلي جاري ڪئي وئي. اُن کان علاوه لوڪ سڀا ۾ هيمون جو يادگار مجسمو به جوڙيو ويو.

 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو