سامي
صاحب [ 1743ع – 1849ع ]
سنڌ جي ويدانتي شاعرن ۾،
شڪارپور جي مردم خيز خطي جو مشهور بلند پايه شاعر، ڀائي چين راءِ عرف ”سامي صاحب،
پٽ بچو مل لنڊ جو نالو ورتو وڃي ٿو. سندس جنم 1743ع ڌاري شڪارپور ۾، هاٿي در نزديڪ
هندن جي پاڙي ۾ ٿيو. سندس پتا مالدار سکر ماڻهو هو. وٽس ڪنهن شيءِ جي به ڪمي ڪانه
هئي.
اهڙي سکي ۽ سهنجي ماحول سان
ڀائي چين راءِ جي دل نه ڀري. پاڻ ٻالجتيءَ کان وٺي، دنيا جي ڪوڙن سکن ۽ کٽرا ڳن کي
ٻن وجهي، ساڌن جي سنگت اختيار ڪيائين. کيس دنيا جي لوڀ لالچ جي ڪابه وحشيت نه هئي
۽ نه ئي وري لاڏ ڪو واري چلولي ماحول مان ڪا راحت پئي آئي؛ جنهن ڪري من کي زماني
جي محويت کان پاسيرو رکي، ضروري وديا جي واس وٺڻ لاءِ، ست سنگ ۾ گذارڻ لڳو.
پاڻ ڪلهوڙن ۽ ميرن جون صاحبيون
پئي سنڀريو؛ ۽ ملوڪي خيالن جي اوستا ۾ صبر سان ساهه کڻڻ بدران راتيان ڏينهان آلمڪ
ترقيءَ جو ڳالهائو رهيو. ڌڻي مهربان آهي؛ جنهن کيس هڪ اهڙي ويدانتي مهاپرش ساڌوءَ
۽ سنجينده شخصيت: سوامي مينگهراج سان ملايو، جيڪو اڳتي هلي سندس زندگيءَ جو مول
مقصد بڻجي ويو.
ڀائي چين راءِ، سوامي صاحب جي
رنگ ۾، ست سنگ کان چمڪي اٿيو. سندس دل ته اڳ ئي دکايل ۽ اهڙن سنتن لاءِ سڪايل هئي،
ويتر سواميءَ جهڙي ودوان واري صحبت ”سون تي سهاڳيءَ“ جو ڪم ڪيو. پوءِ ته چين راءِ
فقيراڻي گودڙي قبول ڪندي، سوامي صاحب جهڙي سنجينده شخصيت جي هردي ۾ اهائي جوت
جاڳايل پسي، جنهن جو اڳ هو اڃايل هو. سوامي صاحب ڪجهه وقت ترسي، بهار جي بادلن
جيان محبت جو مينهن وسائي پنهنجي ماڳ موٽيو.
گروءَ جي وڃڻ بعد، چين راءِ کي
اچي وير اڳ لڳو. هوڏانهن سندس پتا، خيالن ۾ ڦيري آڻڻ لاءِ شادي به ڪرايس؛ مگر کيس
ڪنهن شيءَ مان به مزو نه آيو. پوءِ ٻارين ٻچين وڃي امرتسر کان نڪتو، جتي گرو نانڪ
جي سکيا مان لاڀ حاصل ڪري، واپس وطن وريو. هينئر سندس عمر چاليهن ورهين جي لڳ ڀڳ
اچي چڪي هئي. کيس شاهي بازار ۾ ڪپڙي جو دوڪان به ورثي ۾ مليو هو، پر هن ان ڏانهن
به توجه نه ڏنو؛ ۽ رهيل جوت ۾ محبت واري جو ڳولهائو رهيو. وٽس ذات پات جي ڀيد ۾ ڌرم
جي ٻنڌڻن جي پابندي پسند نه هئي. پاڻ ڪڏهن مسلمان درويش جي صحبت ۾، ته ڪڏهن وري
هندو ودوانن جي ساڌ سنگت ۾ رهيو.
ڀائي چين راءِ، انهيءَ عمر ۾
”سلوڪ“ ٺاهڻ شروع ڪيا، جيڪي سنسڪرت زبانن ۾ آهن. مٿس سوامي مينگهراج جو ايترو ته
اثر هو، جو پنهنجي سموري سلوڪن ۾ ”سوامي صاحب“ جو نالو آندو اٿس. جيئن ته پاڻ انهن
کي ڪنهن ڪتاب ۾ لکندو نه ويو، بلڪ ڪاغذن جي ٽڪرن تي لکندو، ڀرسان پيل هڪ مٽ ۾ ويو
وجهندو. سندس پٽ، ڀائي گهنشامداس اهي سمورا سلوڪ سموهي، گرمکي اکرن ۾ لکرايا، جتان
پوءِ ديوان راءِ بهادر ڪوڙي مل چندن مل لکياڻيءَ ، 1873ع ۾ وري عربي – سنڌي
صورتخطيءَ ۾ قلمبند ڪرايا.
سامي صاحب جا سلوڪ هونئن ته
تمام گهڻ چيل آهن، جيڪي دستياب ٿي سگهيا آهن، انهن جو ڳاڻيٽو ٻه هزار هڪ سئو چيو
وڃي ٿو. سمورا سلوڪ ويدانيت جي ويچارن سان واحد جي واکاڻ ۾ آهن. منجهن ڌڻي تعاليٰ
جي ويجهڙائي لاءِ اهي سمورا مارگ (راز) واضح ڪيل آهن، جن تي ويدانيت جي عمارت جڙيل
آهي. ازانسواءِ سندس سلوڪن ۾ صوفين جيان ”پاڻ سڃاڻڻ“ تي وڏو زور ڏنل آهي، ايتري
تائين جو هر شيءَ ۾ ايشور (خدا تعاليٰ) کي ساکي (سمجهي) ٿيو. هو طالب کي دنيا جي
ٻنڌاڻن ۾ ڦاسڻ کان سختيءَ سان نندي ٿو. ساڳئي وقت مسلمان صوفين جيان، هر انهيءَ
شيءَ جو قائل آهي، ته ”خدا تعاليٰ کي حاصل ڪرڻ لاءِ جستجو ۽ نيڪ عمل جي زياده
ضرورت آهي.“
سندس سلوڪن ۾ ”ممتا مارڻ“،
(خودي ختم ڪرڻ) ”مايا جي موهه“ (دولت جي نشي) کان دور رهڻ، ”ڪام“ (شهوت)، ”ڪروڌ“
(ڪاوڙ)، ”لوڀ“ (لالچ)، ”موهه“ (هرکڻ)، ۽ ”اهنڪار“ (فخر ۽ وڏائي) جهڙن ويرن (دشمنن)
کي وچ نه وجهڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ تاڪيد ڪيل آهي. مثلا: هڪ هنڌ مايا بابت چيو اٿس:-
”مايا اچڻي وڃڻي، ڪهڙي ڪهڙي
ڀاءِ؛
ڪن جي دٻي رهي ڌوڙ ۾، ڪن جي
ساڙي باه؛
ڪن جي چور هڻي ويا، ڪن لئه
هاءِ هاءِ؛
سڦلي ٿيندءِ ساءِ؛ جيڪا ڏيندي
نانءِ ڌڻيءَ جي.“
مطلب ته سامي صاحب جي سکيا
ويدانتي اصولن تحت هئي. هو هن جهان کي فاني سمجهي، ايندڙ وقت جو اونو رکندڙ هو. هڪ
اندازي مطابق 1849ع ۾ پرلوڪ پڌارڻ سان سندس عمر هڪ سئو ستن ورهين جي لڳ ڀڳ چئي وڃي
ٿي. سندس وقت جا همعصر ڪويض حضرت سچل سرمست رح (1739ع – 1829ع)، فقير قادر بخش
”بيدل“ رح (1814ع – 1842ع) ، صوفي دلپت (1769ع–1849ع) ۽ گوئٽي (1749ع–1831ع) هئا.
سندس سلوڪ اڄ به سنڌ خواه هند جي مندرن ۽ منڊلين ۾ وڏي چاه وچان پڙهيا ۽ ڳايا وڃن
ٿا.
(1)–
سوامي مينگراج برهمڻ هو؛ جنهن کي ”منگتراءِ“ به ڪري سڏيندا هئا. هو اصل بهاولپور
رياست (پنجاب) جي احمدپور شهر جو رهاڪو هو. سير سفر ڪندو، شڪارپور جي هاٿيدر وٽ
هيمنداس برهمڻ جي ٽڪاڻي (مڙهي) ۾ رهندو هو. وڏو ودوانن، سنسڪرت جو ڄاڻو ۽ شعر ۾ ڀڙ
هو. ڪيترائي سندس شاگرد هئا. ڀائي چين راءِ به پاڙي جي لحاظ کان سندس خاص عزت
ڪندڙن مان هو؛ جنهن ڪري ساڻس وڏي پريت ٿيس؛ ۽ ”گروءَ“ (مرشد) ڪري ورتائين. سوامي
صاحب ”ويدن جا ويچار“ پنهنجن چيلن کي ٻڌائيندو رهيو، جتان ڀائي چين راءِ کي خاصو
ڪلياڻ حاصل ٿيو. سچ پچ اهو گروءَ جي تيمار داري جو نتيجو هو، جنهن چين راءِ جو چين
چٽ ڪري ڇڏيو هو.
(1) –
”سلوڪ“ ، پراڪوت زبان جو لفظن آهي؛ جنهن جي لغوي مراد آهي: گڏ ڪرڻ يا وڌڻ. سنسڪرت
۾ کيس ”شلوڪ“ (آواز، ٻولي، ڀڄن يا پڪار) چئبو آهي. سٽاءَ جي لحاظ کان هي چئن سٽن
جو شعر آهي؛ جيڪو هم قافيه مصرعن تي ٻڌل ٿئي ٿو. سنڌ جي ويدانتي شاعرن ۽ ڀڳتي
فقيرن ”سلوڪ“ چيا آهن. ڀائي چين راءِ؛ دلپت، آسو، ڪيستورام، موهن فقير ۽ سام هن ڏس
۾ گهڻو اڳتي آهن.
...
جس هُجي توهان کي اها معلومات سهيڙي اٿو
ReplyDelete