بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Makhdoom Talib-Ul-Mola مخدوم طالب الموليٰ



مخدوم طالب الموليٰ
سنڌ ۾ چند اهڙيون هستيون آهن، جيڪي ڌرتي جي سڃاڻپ بڻيل رهيون آهن. اهڙين هستين ۾ سنڌ جي روحاني جماعت سروري جي روح روان سنڌ جي لافاني شاعر، بي شمار خوبين جو حامل، قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ جو به شمار ٿئي ٿو. قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ جي اڄ ارڙهين ورسي سموري سنڌ ۾ ملهائجي رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ جي اباڻي شهر هالا ۾ مک تقريب جو اهتمام ڪيو  ويو آهي، جتي سندس هزارين چاهيندڙ ۽ موجوده گادي نشين درگاهه حضرت نوح قبلا سائين مخدوم امين فهيم، مخدوم سيد الزمان، مخدوم شڪيل الزمان، مخدوم جميل الزمان، مخدوم خليق الزمان سميت هزارين سندن چاهيندڙ مزار تي پڙ چاڙهي جتي خصوصي دعائون گهرندا ته اتي قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ جي زندگي تي روشني پڻ وجهندا.

قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ جي شخصيت تي مون وٽ ڪي ايڏا وڏا لفظ نه آهن جيڪي سندس شخصيت سان ڀيٽيان. هو ته هڪ اسان لاءِ خواب بنجي ويو، اهو خواب جنهن کي اسان اڄ ايڏو سارو وقت گذرڻ باوجود به وساري ناهيون سگهيا.  قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ به حيثيت هڪ شاعر جي جيڪر ڏسجي ته سنڌ جو اهو لافاني شاعر هو، جنهن جي شاعري ۾ لفظ رقص ڪندي سندن محتاج ٿا نظر اچن. چوٽي جا گائڪ سندن شاعري ڳائڻ لاءِ هر دؤر  ۾ پياسا نظر آيا. سندن شاعري ملڪي توڙي غير ملڪي فضا ۾ جيڪا هلچل مچائي، دليون پگهاريون تنهن جو ذڪر اڄ به گهڻن ذهنن تي ڪلهه جيان تازو آهي. سندن شاعريءَ ۾ لفظن جي ادائيگي اهڙي ته مهارت سان ٿيل هوندي هئي، جيڪر ڪو هڪ ڀيرو سندن شاعري ٻڌندو هو ته هو ٻيهر هر هر سندس شاعري ٻڌڻ جي خواهش ظاهر ڪندو هو. قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ جي دؤر  ۾ هالا ۾ ادبي ميلا متل نظر ايندا هئا، سندن اوتارن تي سنڌ جا وڏا وڏا اديب اچي ادبي اڃ اجهائيندا هئا.  قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ پنهنجي سموري ڄمار ادبي خدمتن تي نڇاور ڪئي، سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين هئڻ جي ناتي کان پاڻ به ادبي دنيا لاءِ نه وسارڻ جوڳيون جتي خدمتون سرانجام ڏنيون اتي پاڻ مڃايو ۽ ادبي بورڊ جي فلاح ۽ بهبود لاءِ هنگامي بنيادن تي جيڪي قدم کنيا، سي اڄ به تاريخ جو حصو آهن.
اڄ تمام گھڻي خوشي جي ڳالهه آهي ته جنهن بورڊ جا چيئرمين قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ جن هئا، اڄ انهي بورڊ جا چيئرمين سندن ئي فرزند مخدوم امين فهيم جا پٽ مخدوم جميل الزمان آهن، جيڪي قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ وانگي سنڌي ادبي بورڊ ۾ خدمتون سرانجام ڏيندي نظر ٿا اچن سندن ڪيل ڪمن کي سنڌي ماڻهو انتهائي ساراهه ڀرين نگاهن سان ڏسن ٿا قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ جتي ادبي دنيا ۾ پاڻ ملهايو ۽ تاريخ جو حصو بڻجي ويا ته اتي به حيثيت سروري جماعت جي روحاني پيشوا هئڻ جي ناتي کان به پاڻ مڃايو ۽ هن وقت تائين سندن شخصيت جا ڪيترائي عاشق سموري سنڌ ۾ موجود آهن، جيڪي سندن شخصيت تي ساهه ڇڏين ٿا پاڻ روحاني جماعت سروري جا جنهن وقت روح روان هئا، تنهن وقت ۾ امن، ڀائيچاري جي فضا کي جنم ڏيڻ محبت جو پيغام گهر گهر پهچائڻ جو پنهنجي جماعت وسيلي درس ڏيندا رهيا ۽ هرحال ۾ پنهنجي سروري جماعت سان زندگي جي آخري ساهه تائين وفا ڪئي، پنهنجي مريدن کان پنهنجو حقيقي عشق موت جي ڀاڪرن ۾ ڀرجڻ تائين نڀايو. سندن شخصيت جي اهڙي بيشمار خوبين کي ڏسندي گهڻا ماڻهو مٿس ساهه ڇڏيندا هئا ۽ سندن واکاڻ ڪرڻ بغير رهي نه سگهندا هئا.
قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ جيڪي خدمتون سرانجام ڏنيون، سندن جيڪو ڪردار رهيو، اهو تاريخ جو هڪ نه وسارڻ جوڳو باب بڻجي رهجي ويو آهي، جنهن کي سنڌي ماڻهو ورهين تائين ڳائيندا رهندا. مون کي ياد آهي ته جڏهن لاڙڪاڻي ۾ قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ ايندا هئا ته جماعت الشعرا سنڌ جي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو هائوس تي ٿيندڙ گڏجاڻي جي صدارت ڪندا هئا، ادبي  ميلا مچائيندا هئا جتي بابا مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۽ قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ جون نه وسارڻ جهڙيون يادگار ادبي ڪچهريون رچنديون هيون، انهن ڪچهرين ۾ ڪنهن حد تائين مان به شامل رهيس ۽ قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ جا ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي لاڙڪاڻي واري چيمبر ۾ چيل لفظ ۽ ادبي ڪچهريون اڄ تائين آئون وساري ناهيان سگهيو. مون کي ائين لڳندو آهي ته اڄ به قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ حيات آهن ۽ بابا سائين ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سان سندس لاڙڪاڻي واري چيمبر تي ڪچهري پيا ڪن. اڄ ايڏو سڄو وقت گذي وڃڻ باوجود به هن جي موت جي خبر برداشت ڪرڻ جي سگهه سرير ۾ ناهي ، اهو هن لاءِ جو اسان کي سندن شخصيت سان عشق رهيو آهي، اهو عشق جو موت ٽوڙي ئي سگهي!
سندن لاڏاڻي کان پوءِ ادبي حوالي سان تمام وڏو خال پيدا ٿيو ته اتي سروري جماعت کان انهن جو روح روان الڳ ٿيو پر سندن لاڏاڻي بعد قبلا مخدوم امين فهيم هالا جون رونقون بحال پيا ڪيو اچن ۽ پنهنجي سروري جماعت ۽ پنهنجي مريدن جو پنهنجي اولاد کان به وڌيڪ خيال ٿا رکن اتي ادبي سرگرميون به والد مرحوم قبلا مخدوم طالب الموليٰ وانگي شروع ڪيون آهن ۽ بزم مخدوم طالب الموليٰ سموري سنڌ ۾ ادبي حوالي کان سرگرم آهي ۽ قبلا سائين طالب الموليٰ جو اڌ ۾ ڇڏيل ادبي سفر هن تنظيم وسيلي سنڌ ۾ پکڙجي رهيو آهي، جيڪا اسان لاءِ تمام وڏي ڳالهه آهي ته اتي قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ وانگي مخدوم جميل الزمان سنڌي ادبي بورڊ کي ٻيهر جيئندان ڏياري نوان لاڙا متعارف پيا ڪرائين، سا ڳالهه سموري سنڌ لاءِ باعث فخر آهي جڏهن سنڌ ۾ ٻوڏ آئي  ته قبلا سائين مخدوم امين فهيم پاڻ ملهايو. واهن جا ڪپ ٻڌڻ کان ويندي ڀاڻوٺ جي مقام تي پنهنجي مريدن جون ڊيوٽيون لڳايون ۽ پاڻ هن ڪم جي نگراني ڪندي حيدرآباد، مٽياري ۽ هالا سميت سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن کي ٻڏڻ کان بچايو. سندن اهڙي جرئت ۽ همٿ کي ڏسندي گهڻا ماڻهو سندن شخصيت جا عاشق بنجي ويا. قبلا مخدوم امين فهيم هر موڙ تي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي پنهنجي جماعت جو پنهنجي اولاد وانگي خيال ڪيو آهي ۽ انهن سان هر حال ۾ وفا ڪئي آهي ۽ اڄ قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ جي ورسي جي موقعي تي به قبلا مخدوم امين فهيم اهو ازم پيا دهرائن ته
طالب تو اپني دل ڪو تو ديوانا نه بنادي،
يون نقش غم بار سيبتخا نه بنادي.
دشمن ڪي زبان پر تيرا ذڪر هو هر دم،
اي يار! ميري زيست ڪو افسانه نه بنادي.
ساقي تيري ان مست نگاهون ڪي مين صدقي،
اورون ڪي طرح مجهه ڪو بهي ديوانا نه بنادي.
اي پردا نشين آه تيرا ناز حقيقت،
باز آڪر ڪهين مجهه ڪو تماشا نه بنادي.
اس زلف پريشان ڪي لئي اي ميري دلبر،
الله ميري هاتهون ڪو توشا نه بنا دي.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو