بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Budhal Faqir ٻڍل فقير

ٻُڍل فقير

سنڌ ڌرتي پنهنجي سيني تي اهڙين شخصيتن کي جنم ڏنو آهي، جن جي خوشبوءِ وَڻ وَڻ واسي ڇڏيو آهي ۽ پيشوا ۽ رهبر بڻجي ڀٽڪيل ۽ زنگيل ذهنن جي نئين سِر اصلاح ڪري سُواٽ سونهائين.

اهڙو سلطاني سهاڳ ماڻيندڙ مرد شڪارپور شهر کان ڏهه ڪلوميٽر اتر، شهيد الله بخش اسٽيشن (لوڊرا) کان چار ڪلوميٽر سر  اوڀر تي بخشي انڙ جي بَستي (هينئر درگاهه ٻڍل فقير) ۾ 1865ع ۾ فقير عبدالواسع اُنڙ جي گهر ۾ تولد ٿيو.[1]

عبدالواسع جنهن کي عام ماڻهو وَسيو پڪاريندا هئا، تنهن درويش جي دُعا سان مليل پٽ جو نالو ٻُڍو (پوڙهو- پيرسن) رکيو. پيار وچان (اسم تصغير جي صورت ۾) ٻڍل يا ٻڍڙو ڪري سڏيو ويندو هو. فقير پاڻ به شاعريءَ ۾ اهي ٽيئي نالا ڪتب آندا آهن.

ٻڍل فقير جو ننڍپڻ ۽ جواني

عبدالواسع جو سڪيلڌو موڀي پٽ جڏهن پڙهڻ جهڙو ٿيو ته مائٽن تعليم ڏيارڻ لاءِ ڪوشش ڪئي، پر پاڻ ظاهري علم حاصل ڪرڻ کان نابري واري ويٺو، سندس والد سڳوري ڀانيو ته:اَندر جا اَندوهَه- لَٿا ڏک، سُک ٿيا. (شاهه)
پر بندي جي مَن ۾ هڪڙي، صاحب جي مَن ٻي. مائٽن جون اُميدون راس نه آيون، ڇو ته،لوڪ وَهي لهوارو- هي هَلي اوڀاروجي مصداق هن پنهنجي زندگيءَ جو آغاز آزاد ماحول، آزاد سوچ ۽ فڪر سان ڪيو ۽ ماحول جي روايتن جي سراسر ابتڙ سندس اهڙو عمل ان وقت جي سطحي ماڻهن کي سمجهه ۾ نه آيو، پوءِ کڻي ڪِن چيو ته، مورڳو ’مجنون‘ آهي، ڪن چيو ته سودائي يا جنات جو اثر اَٿس. مطلب ته ساري لوڪ جون لهواريون ۽ اوڀاريون ڳالهيون هُلڻ لڳيون، پوءِ ڪڏهن پيرن ۽ فقيرن تي چَڙا وڄايائون، ڪڏهن آڪڙا وجهي آڱريون ڀڳائون، ڪڏهن حڪيمن ۽ ويڄن وٽ وڃي ذهني علاج ڪرايائون، پر هنن جون سموريون تدبيرون راس نه آيون. پر انهن جي اُبتڙ هن فقير پنهنجي نرالي طبيعت/ فطرت تي قائم رهندي، نبين جي سنت طور مال چارڻ شروع ڪيو. جنهن حيوانن تي رحم کاڌو ۽ انهن جو هر جاءِ تي خاطر خواهه خيال رکيو، ته اهو انسانن جو اڃا وڌيڪ رهبر ۽ هڏڏوکي ثابت ٿيندو آهي.اهڙيءَ سادگيءَ ۽ فڪر جي آزاد زندگيءَ کي پسند ڪندي ٻڍل فقير مال چارڻ کي وڌيڪ اهميت ڏني. مطلب ته سندس شروعاتي زندگي مستيءَ جي عالم ۾ گوشائي گذري. وقتي ته سڄو ڏينهن سانت ۽ چپ چاپ ۾ گذرندو هوس.

شاعريءَ جي شروعات

ٻڍل فقير کي مائٽ درگاهه پير ڳوٺ جي ٽئين گادي نشين پير حذب الله شاهه راشدي تخت ڌڻيءَ وٽ وٺي ويا، اتان دست بعيت ٿيڻ بعد کيس ڳوٺ وٺي آيا. اهڙيءَ طرح پاڻ روحاني مرشد جي سڳي ۾ هميشہ لاءِ واڳجي ويا. مرشد جي رشد ۽ هدايت تي هلندي نفسه اماره جي نفي ڪندي، عام کان گوشائتو ٿي مالڪ حقيقي جي ياد ۾ وقت گذارڻ لڳا. ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي عشق جو اظهار لفظن جي روپ ۾ ڪندا هئا، خدا تعاليٰ سندن اندر ۾ تخليقي ڏات ۽ ڏانءُ جون سموريون صلاحيتون سمايون هيون. فقير صاحب جي سموري شاعري پڙهندي معلوم ٿئي ٿو ته، هن جي شاعريءَ ۾ تقليد ۽ ترغيب جي بوءِ بنهه ڪانهي. شاعريءَ جي هر صنف ۾ موضوع ۽ انداز نئون ۽ نرالو آهي. جيئن ته ٻڍل فقير انگريزن جي دؤر جو شاعر هو، ان وقت سنڌ بمبئي صوبي ۾ شامل هئي. سندس رحلت آڪٽوبر 1939ع ۾ ٿي. ان وقت سنڌ کي بمبئيءَ کان آزاد (جون 1936ع) ٿئو ٺيڪ ساڍا ٽي سال گذرڻ وارا هئا ۽ ٻي عالمي جنگ جو آغاز ٿي چڪو هو.

ڇپيل ڪلام بابت

طوطلداس جي پراڻي ڇاپيل ڪلام ۾ ڪيتريون ئي اوڻايون هيون. هڪ ئي ڪافي جي رديف ۽ قافيي اڳي پوءِ ڪري ٻه ٻه دفعا ڇاپيو ويو. قافين کي مناسب ۽ اصلي جاءِ کان هٽائي صرف رديف جي صورت کي قائم رکيو ويو. سڄو ڪلام بي ترتيب ۽ سُروار سٽاءَ کانسواءِ ۽ ٻيا فرضي عنوان ڏئي نامناسب انداز سان شامل رکيو ويو. لفظن جي معنيٰ قياسي ۽ اڻ ٺهڪندڙ ڏني ويئي، جيڪا پڙهندڙ لاءِ باعث تڪليف هئي.اسان هن ڪلام ۾ ڪوشش ڪري مٿين سمورين اوڻاين کي خيال ۾ رکندي، انهن جي صحيح نموني اصلاح ڪندي، سڄي ڪلام جي نئين ترتيب رکي آهي ۽ ڪجهه اڻ ڇپيل ڪلام پڻ هن ڇاپي ۾ شامل ڪيو ويو آهي، اڻ ڇپيل ڪلام درگاهه تي رکيل ٻڍل فقير جي شاعريءَ جو قلمي بياض قبله سائين مست محمد مقيم منهنجي حوالي ڪيو هو. جنهن مان ڪجهه اڻ ڇپيل ڪلام مليو ۽ ڇاپي رسالي جي ڪلام جي تصحيح به درگاهه واري قلمي بياض تان ڪئي وئي، جيڪا پڻ مستند ۽ صحيح سمجهي ويئي. ڏکين لفظن جي معنيٰ هر صفحي جي هيٺ ڏني ويئي آهي، ته جيئن پڙهندڙ کي تڪليف درپيش نه اچي.

مرشد جو ڪلام

شاعريءَ جو وڏو مقصد آهي، ماڻهن جي ڏکن ۽ ڳڻتين کي پري ڪرڻ ۽ انهن جي خيالن، سوچن ۽ فڪرن کي وڌائڻ ۽ درست ڪرڻ.شِلي چوي ٿو ته، شاعر ڏکن کان سکندا آهن ۽ گيتن سان سيکاريندا آهن. شيڪسپيئر چوي ٿو ته، شاعر ان وقت قلم کڻي لکي ٿو، جڏهن هن جي مس ۾ محبت جا ڳوڙها شامل ٿين ٿا.
هڪ روايت آهي ته شاعرن جي سيني تي لوح محفوظ واري مس جا ڇنڊا پيل هوندا آهن.حقيقت ۾ سٺي ۽ مثبت شاعري اها آهي، جيڪا شعور ۽ ادراڪ کي اعليٰ ۽ ارفع بڻائي، خوشي ۽ سڪون بخشي، سچ جي ترغيب ڏئي، دل ۽ دماغ جي ترجماني ڪري، روزمره جي حالتن، واقعن سان تعلق رکي. سلاست، عام فهم، موسيقيت ۽ جدت واري زمري ۾ هجي- اهائي شاعري روحاني سڪون ۽ اطمينان بخشي ٿي.ٻڍل فقير جو سمورو ڪلام مٿين سمورن خوبين جو چٽو دستاويز آهي. اهوئي وڏو سبب آهي جو اتر سنڌ جي سمورن شاعرن کان گوءِ کڻي ويو آهي يعني تمام گهڻو ڳايو ۽ ٻڌو وڃي ٿو. سنڌ ۽ بلوچستان ۾ سندس ڪلام کي عام مقبوليت حاصل آهي. سنڌ کان سواءِ هندستان ۾ شاهه ۽ سچل کان پوءِ ٻڍل فقير رح جو ڪلام ٻڌو ۽ ڳايو وڃي ٿو ۽ اتي فقير جون ورسيون به ملهايون وڃن ٿيون.اسلام ۾ هر سال فقير خير محمد سيٺار جي وساطت سان وڏي پيماني تي ورسي ملهائي ويندي آهي.[2] درگاهه شريف تي ٽي روزه ساليانو عرس ملهايو ويندو آهي، جيڪو 26، 27 ۽ 28 مارچ تي هر سال منقعد ٿيندو آهي. ميلي ۾ سنڌ، بلوچستان، پنجاب ۽ هندستان کان مريد ۽ عقيدتمند ڪَهي ايندا آهن.ميلي جي دوران درگاهه جي زيارت، مرشد جو ديدار ۽ حال داڳا (جنهن ۾ ٻڍل فقير جون ذاتي تصرف واريون شيون، ڪُلاهه (ٽوپي)، تسبيح، وٽو، حاسو، جتي، ڪپڙا وغيره) ڏيکاريا ويندا آهن. عرس ۾ ٽيئي ڏينهن درگاهه سان منسلڪ/ ڪَڙي جا سوين راڳي فقير سُرتار ۾ مرشد جو ڪلام ڳائي روحاني سڪون حاصل ڪندا آهن


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو