بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Syed Anwar Shah سيد انور شاه

سيد انور شاه

سنڌ ڌرتي به اهڙي خوشنصيب ڌرتي آهي جتي وقت به وقت صوفي اولياءَ الله جي آمد جو سلسلو جاري وساري آهي. اهڙن اوليائن ۾ انور سائين جو نالو ڪنهن تعريف جو محتاج نه آهي. پاڻ ويهين صدي جا تصوف جا عملبردار آهن سائين جن جي ولادت باساعت 11 محرم الحرام 1324 هجري به مطابق 1904ع ۾ مخدوم سيد خدابخش شاهه جي گهر واقع ڳوٺ جهانپور شريف ضلع گهوٽڪي ۾ ٿي. انور سائين جن جو جَدِ احد جو سلسلو 21 واسطن سان سيد جلال الدين عرف جهانيان جهان گشت 32 واسطن سان امام موسي ڪاظم عليه السلام 35 واسطن سان امام زين العابدين ابن امام مظلوم شهداءِ ڪربلا صابرو شاڪر امام حسين عليه السلام سان ملي ٿو.
تعليم و تربيت:
جيئن ته سائين جي آمد کان چند ڏينهن پوءِ سائين جن جو والد محترم جناب سيد خدابخش شاهه سائين وصال ڪري ويا. انهيءَ کان پوءِ انور سائين جن جي پرورش جو بار سندن چاچي سيد بهادر علي شاهه جي حوالي ٿي جيڪي وقت جا نامور عالم دين هئا سائين جن کي تعليم لاءِ ڳوٺ جي مدرسي ۾ داخل ڪرايو ويو سائين جن ڄمندي ڄام هئا مدرسي ۾ عشق الاهي ۾ مستغرق رهڻ سبب ظاهري علم ۾ بي ڌياني سبب اتي علم حاصل نه ڪيائون. سندن چاچي ڳوٺ محمد پور تعلقه اوٻاوڙو جي مدرسي ۾ داخل ڪرايو. انهيءَ کان پوءِ مولوي محمد عيسيٰ وٽ قرآن پاڪ جي تعليم لاءِ ويهاريو ويو. پاڻ هڪ هفتي اندر مولوي صاحب کي مڪمل قرآن پاڪ پڙهي ٻڌايائون. مولوي صاحب حيرت ۾ اچي ويو. انهي سائين جن جي چاچي کي اچي ٻڌايو ته سائين جن علم لدني سان آراسته آهن. پاڻ جيتوڻيڪ ظاهري علم حاصل نه ڪيائون تڏهن به سندن شاعري جو مثال ملڻ ناممڪن آهي. سائين جن جي شاعري سنڌي، سرائيڪي، اردو، فارسي، هندي، گرمکي، بلوچي ٻولين تي مشتمل آهي. سائين جن جي ڪلامن جو رسالو ٻه ڀيرا ڇپجي چڪو آهي.
رياصت عبادت:
انور سائين همهءِ اوست فنافي الله جو مقام ماڻي هميشه اڪيلائي ۾ رهڻ پسند ڪندا هئا. تمام تر وقت جهنگ ۾ گذاريندا هئا عبادت الاهي ۾ ساندهه 14 سال گذاريائون. سندن اکيون هميشه لعل رهنديون هيون. پاڻ 14 سالن گوشئه نشيني کان واپس اچي ڪجهه وقت ڳوٺ جي مڙهي ۾ رهيا. تنهن تي ڳوٺ جي ساداتن توڙي ٻين مسلمانن ناراضگي ظاهر ڪئي. پاڻ فرمايائون ”مڙهي – مندر – مئخانه – مسجد ساڳيون جايون آهن – خدا پاڪ هر هنڌ حاضر ناضر آهي.
اهو ئي سبب آهي جو سائين جن جي فقراءَ ۾ هندو – مسلم – مارواڙي – ماڙيچاسوچي سڀ موجود آهن. سائين جن جي ميخاني تي راڳ ويراڳ جون محفلون ٿيڻ لڳيون. الله جا فقير ظاهري توڙي باطني حاضري ڀرڻ لاءِ اچڻ لڳا. جن مان ظاهر جي شخصيات ۾ محمد فقير کٽياڻ. غمدل فقير، داتا ولايت شاهه سرفهرست هئا. سائين جن جي نمايان فقيرن ۾ شائق فقير، پانڌي فقير منگهن فقير، الهڌنو فقير، ويراڳ علي فقير مصري فقير، نانگو نهال شاهه، استاد عنابت الله فقير جو نالو شامل آهي. سائين جن جي شاعري ۾ هم اوست جو عنصر نمايان آهي رِند ٿي رهبر سڏايون. مست هون مئخان ۾ اَناالحق اظهار ٿيو- منصور جان ميدان ۾. هم اوست سان گڏ سائين جن جي شاعري ۾ هجرو فراق – ثنا- حمد به موجود آهي ۽ انهي سان گڏ سنڌ جي ڪلاسيڪل تمثيلي شاعري پڻ موجود آهي.
سائين جن جو وصال 21 محرم 1381 هجري به مطابق 5 جولاءِ 1961 تي ٿيو

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو