بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Bedul Faqir بيدل فقير

بيدل فقير

روهڙيءَ جو مشهور شاعر، فقير قادر بخش بيدل 1230هه مطابق 1814ع ۾ ڄائو. چوڏهن سالن جي عمر ۾ ظاهري علم جي تحصيل ڪيائين. روحاني فيض پرائڻ لاءِ قلندر شبهاز تي ويو. اتان موٽڻ بعد، مير صوفي جان الله شاهه جو مريد ٿيو، جنهن جي طريقت جو سلسلو شاهه صوفي عنايت شهيد سان ملي ٿو.

بيدل فقير سنڌ جو عظيم شاعر، وڏو عالم ۽ فاضل ٿي گذريو آهي. سندس علم ۽ فضل سندس تصنيفن مان معلوم ٿئي ٿو. جن جو انگ ٽيهه کان مٿي آهي. جيڪي فارسي نثر ۽ نظم، عربي مقولن ۽ نظم، سنڌي سرائيڪي ۽ هندي شعر تي مشتمل آهن، فارسيءَ ۾ سندن ٻه ٽي ديوان آهن. بيدل جي ڪلام ۾ هر هنڌ تصوف  ۽ وحدت الوجود جي اپٽار آهي. سندس ڪلام ٻولي سادي ۽ سلوڻي آهي. بيدل سنڌي ڪافيءَ کي نئين اسلوب ۾ پيش ڪيو. هتي هڪ ڪافي جي ٽي بند ڏجن ٿا. جيڪا ڏيڍي آهي ۽ ٿل ٿورڙن بندن ۾ ٻٽو قافيو آندل آهي؛

ڪانگ لنوي مٺي لات، محبت مسافر ڄاڻ ڪي ايندا،

ايندا جوُءِ ۾ جانب جائي، وائي جنين جي اٿم وات،

دوست دلاسو دل ڏيندا، بيدل بلڪل ٿي نه ماندو،

سمجهه صبح ڪي رات، هوت اچي توسان هڪ ٿيندا

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو