بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Ustad Bukhari استاد بخاري

استاد بخاري

استاد بخاريءَ جي شاعري پنهنجي قوم جي اڪثريتي عوام جي زندگيءَ جي عڪاسي به آهي ۽ انهن جي خواهشن، جذبن ۽ خوابن جي ترجمان به آهي ته وري انهن کي بيمارين، جهالتن، اونداهين ۽ وهمن ڀري زندگي کان ڇوٽڪاري جو گس ڏيکاريندڙ به آهي. استاد پنهنجي قوم سان گڏ تڙپندڙ ۽ گڏ کلندڙ ۽ گڏ جدوجهدون ڪندڙ شاعر آهي.
استاد جڏهن چوي ٿو:
سنڌ جي سورن جو ڪونهي آند پاند،
گهر ڊٺل وهڪيل ڍڳي، ڪمزور ڏاند،
پوءِ به شهپر کي وٽيندي پيو چوي،
سؤٽ سان ڪرڻُ اٿم جلدي پلاند!

يا جڏهن چوي ٿو:
ڏيون امتحان پر پڙهڻ کان کانسواءِ،
ڏسون ڪاميابيون ڪڙهڻ کانسواءِ،
وٺون حق پنهنجا گهرڻ کانسواءِ،
وڏا وير سڏجون وڙهڻ کانسواءِ!

ته ان وقت هو پنهنجي ماڻهن جي غلط ۽ نقصانڪار روين کي ظاهر ڪري ٿو جو هو ڄاڻي ٿو ته خرابين کي ظاهر ڪرڻ بنا ختم نه ڪري سگهبو. استاد پنهنجي وطن سنڌ سان محبت جو اظهار اهڙو خوبصورت نموني ڪيو آهي جو خود ان محبت تي محبت ٿي اچي.
جو توسان رکي سيلُ، ڀلي ڀيل هجي ڪو،
سو ڀيل ڀري پيرَ، سندس پير چمون ٿا.
جو توسان رکي کوٽ، ڀلي گهوٽ هجي ڪو،
ان گهوٽ مٿان چوٽ مٿان چوٽ ڪريون ٿا.

ائين نه ته ڪو هي فلاڻو خان آهي يا مون کي عزت ڏيندو آهي ته تنهنڪري ان جا سڀ ڏوهه معاف.
يا وري:
ٽهڪين ته ٽڙن موتيا
سڏڪين ته ڦٽن ڦٽڪا،
من، تون ته نه منجهندي ڪر!
مان منهنجون ستئي پيڙهيون،
رانڀاٽ ڪري روئينديون،
او سنڌ! نه روئيندي ڪر!
ڪنهن شهر ۾ محلي ۾،
ڪنهن ديهه ۾ ديري ۾،
توکي ته ڇپايان مان!
ڊاڪو ٿا هڻن ڊاڪا،
چؤڦير لکين جهاٽا،
ڪٿ سنڌ لڪايان مان!

لطيف وانگر استاد به اهڙو شاعر آهي، جنهن زندگيءَ جي تقريباً سڀني پاسن تي لکيو آهي، جنهن عام ۽ روزمرهه جي زندگيءَ تي به لکيو آهي ته وري خاص حالتن ۽ موقعن تي به لکيو آهي. جيئن سنڌ ۽ سنڌين جي حالت ڏسي چوي ٿو:
وڏا شهر دهشت جي شعلن ۾ آهن،
ننڍا ڳوٺ ڌاڙن جي کورن ۾ آهن،
هجي لانگ بوٽن يا ووٽن جي موسم،
هي گگدام سنڌي ته سورن ۾ آهن.

يعني مارشل لا هجي توڙي جمهوريت پر سنڌي ماڻهن لاءِ ساڳيا ڏوجهرا.
استاد سنڌين کي سورن ۾ وجهندڙن کي به سڃاڻي ٿو.
چئي ٿو:
ڪي لوڻ کڻي، چهڪ ڏئي، چير ڏين ٿا،
ڪي زهر ڀري زوم ڪري تير هڻن ٿا.
انصاف پڇيو: نانوَ ڏسيو ڪير هي آهن؟
فرياد چيو: مير ته ڪي پير چون ٿا.

وري پڇي ٿو:
واهرو ويري ٿئي، پوءِ ڇا ڪجي؟
روشني ميري ٿئي، پوءِ ڇا ڪجي؟
جو ڪري چوري، ڊڪي زوري وري،
سو اچي پيري ٿئي، پوءِ ڇا ڪجي؟

استاد اتي بس نٿو ڪري- وري بچاءَ جو گس به ڏسي ٿو.
غدار دوست ٿين، ڌڪاري ٿُڪي ڇڏيون،
جهونجهار پنهنجا ياد بنايون بچي پئون!
ماري وجهن ٿيون تر کي مسلسل منافقيون،
جي فيصلا سچار بنايون بچي پئون!

اڀرو ته اڄ قيام ڏهاڙو ڪري وجهون!
پگهري پون پهاڙ ڪو ڪاڙهو ڪري وجهون!
پردي ۾ انڌ، ڌنڌ بنا پردي ٿي پون،
پر مار کي ته الف اگهاڙو ڪري ڇڏيون!

هٻڪندڙ، سوچيندڙ، ڪنڊون پاسا ڪري فيصلا ڪن جدوجهدن کان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندڙن کي تنبيهه به ڪري ٿو.
هاڻي به جي نه وٺندو پنهنجي حقن جو قبضو،
کاڻين،  ٻنين، ملن ۾ کاتن پڪن جو قبضو،
شهرن ۾ پنهنجي پاڙن، چونڪن هٽن جو قبضو،
پوءِ سمجهو سرتي هوندوَ، ڌارين ڌڪن جو قبضو.

۽ کين سمجهائي ٿو:
جو پير هٽيو، سو پير ڪٽيو،
هي خوف به طاري رکڻو آ.
جا وِک وڌي، ڄڻ لال لڌي،
هي جوش به جاري رکڻو آ.

ڳالهه ڪجي ته مضبوطيءَ سان پير ڄمائي ڪجي. باقي مڙي ئي فارملڪٽي پوري ڪرڻ واري ڳالهه استاد جي نظر ۾ بلڪل بي معنيٰ آهي:
ڌوڏيئين نه درختن کي،
ڏئي اوٽ ٿو ڏيئن کي،
طوفان اهو ڪهڙو!
آزار ڪٿي ڦٿڪيا،
پر مار ٻڌي ٽهڪيا،
اعلان اهو ڪهڙو!

استاد بخاريءَ جڏهن وڏيرن، جاگيردارن ۽ ڪامورن کي ذاتي ۽ طبقاتي مفادن خاطر سنڌين جون کلون لاهرائيندي، کين تباهه ۽ برباد ڪندي ۽ سندن وسيلا کسائيندي ڏٺو- جيئن اڄڪلهه دهشتگرد پرست راڄ سنڌين مٿان مڙهيو ويو آهي ۽ اهڙن وقتن تي سنڌي عوام کي خاموش ڏٺو ته حيران ٿي سوال ڪيائين:
حڪومت ته عهدن ۾ مجبور آهي،
پر آزاد رعيت کي ڇا ٿي ويو آ؟
ڪندي مصلحت فيصلا آهي گم سم،
حقيقت جي غيرت کي ڇا ٿي ويو آ؟

ڳڻتي به ڪري ٿو!
اڄ نه جي دهشت ڪُٺي، ڪسندي ڪڏهن؟
هي قيامت قهر جي کٽندي ڪڏهن؟

وري جڏهن ڏکي کان ڏکين حالتن ۾ به وطن ۽ وطن واسين لاءِ ويڙهاند ڪندڙ ڪن ثابت قدم ماڻهن کي ڏسي ٿو ته حوصلو پيدا ٿئيس ٿو.
او طوفانو، ڪارونجهر گهر منهنجو آ،
سَرَ- تيليءَ تي چيهي جو آکيرو ناهي.
دهه- دهه، دڳ- دڳ قبضو آ، تر منهنجو آ،
ڳيري وارو ٽاري تي واهيرو ناهي.

اهڙي وقت تي جڏهن وطن جا مجاهد سچا انقلابي سچائيءَ خاطر وڙهندا هجن، تڏهن انهن جي نيڪنامي تي پريشان ٿيندڙن جي حالت کي ۽ انهن جي نيڪناميءَ تي خوش ٿيندڙن جي دلي ڪيفيت کي استاد ڏاڍو سهڻي نموني چٽيو آهي:
حاسد جي دل وک وک ڇلڪي،
ننڍڙي سوڙهي گهاگهر وانگر.
ساٿين جي دل ڇوليون ماري،
هيڏي ساري ساگر وانگر.

استاد جو شاعريءَ ڏانهن رويو به عوام دوست آهي. هو ايڏو وڏو شاعر هوندي به اڪيلي شاعر کي سڀڪجهه نٿو سمجهي. هو سطحي قسم جو ماڻهو ناهي. هو عالم آ، ڏاهو آ. تنهنڪري گهڻ طرفين ڳالهين کي اهميت ڏئي ٿو. ذهني پورهيي ۽ جسماني پورهيي جي گڏيل طاقت تي يقين رکي ٿو:
منهنجي هٿ ۾ ڪلڪ ۽ ڪانگ،
تنهنجي هٿ ۾ ڏاٽو ڏانگ،
مان ٿو ڪاٽيان قهري سوچون
تون ٿو مارين زهري نانگ.

شور ڪهڙو لهر جو ساگر سوا،
زور ڇا جو واءُ جو اوٿر سوا،
شعر منهنجو گر جي، گڏجي قوم سان،
اَسِلحو بيڪار آ لشڪر سوا.

او هاري او ناري! او ڪڙمي مزدور!
اسان واريون ڪلڪُون امانت اوهانجي.
توهان جون تکيون ڪوڏون ۽ ڪهاڙيون،
توهان جو قسم آهي طاقت اسان جي.

استاد هڪڙو آدرشي انسان هو- هن جا آدرش عظيم هئا. قوم جي روشن مستقبل جو آردش. صحيح ۽ غلط ۾ فرق ڪري صحيح کي مان ڏيڻ جو آدرش- منافقت کي ظاهر ڪرڻ جو آدرش. پورهيت طبقي کي ظالم طبقن ۽ پرمارن جي پنجوڙن کان آزاد ڪرائڻ جو آدرش ۽ وري اهي آدرش به مضبوط علمي بنيادن تي ٻڌل- بخاري هڪڙو سچو پچو ۽ پڪو پختو عالم قسم جو انقلاب دوست انسان هو.
سندس هي نظم ان حقيقت جي عڪاسي ڪري ٿو:
زندگي هڪ موقعو، ڪئي واقعا،
لمحي لمحي ۾ جڳن جا فيصلا.
فيصلو سورهيه بلاول جو پڪو،
سنڌ لئه سوچي جيئو جڳ جڳ يڪو.
فيصلو کهڙي وزارت جو ڪيو،
قوم جرمانو حقارت جو ڪيو.
فيصلو، خوشبو وڌي رڪجي هوا،
سنڌ جيئي پر ڪمي ڪڙمي سوا.
فيصلو آزادگيءَ ۾ آ مزو،
پر سجاڳي عام جي بنبي ڏچو.
فيصلو آزادگي برپا ڪجي،
عام ٿي اوٿر اٿي پو ڇا ڪجي.
واهه ڙي وا، بورجوازي فيصلا!
دلفريبي، دوکيبازي فيصلا!
مان سڃاڻان سوچ تنهنجي بورجوا،
انقلابي ٿي نه سگهندين بورجوا.
انقلابي، بورجوا تقليد ڇڏ!
انتها ڏي آ، رڳو تمهيد ڇڏ!
انقلابي، بورجوا تدبير ڇڏ!
پورهيتن ڏي ڊوڙ، پير ۽ مير ڇڏ
انقلابي، بورجوا دستور ٽوڙ!
جهور زرداري ستم، مزدور جوڙ.
انقلابي، انقلابي هوندو آ،
اجتماعي، انفرادي هوندو آ.
انقلابي، انقلابي هوندو آ،
عيش جي ڪڇ ۾ عذابي هوندو آ.
انقلابي، انقلابي هوندو آ،
ڌوڌ کان هر دور باغي هوندو آ.
انقلابي، انقلابي هوندو آ،
دور کي ڌوڏڻ جو عادي  هوندو آ.
انقلابي، انقلابي هوندو آ،
غار ٿي ويندي به غازي هوندو آ.
انقلابيءَ جي عبارت اڻ ڪٿي،
انقلابيءَ جي ثقافت سرڪشي.
انقلابيءَ جي بغاوت بندگي.
او زندگي!
او زندگي!

 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو