بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Sufi Ali Mohd Faqir Talpur صوفي علي محمد فقير ٽالپر


صوفي علي محمد فقير ٽالپر

طالب المولى
صوفي علي محمد فقير ولد صوفي مير محمد فقير ٽالپر سن 1902ع ۾ ڳوٺ ٽالپر وڏو تعلي ڪوٽ ڏيجي ضلعي خيرپور ۾ تولد ٿيو. سنڌي، فارسي ۽ عربي جي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي مدرسي ۾ حاصل ڪيائين. تمام سٺو ۽ عمده شاعر هو سندس سالو رتن امول جي نالي سان ڇپيل آهي. پاڻ صوفي درياءَ خان فقير جو روحاني طالب هو. سندس وصال 22 جمادي الاول 1400 هه مطابق 8 اپريل 1980ع تي ٿيو ۽ سندس آخري آرامگاهه ٽالپر وڏا ۾ موجود آهي.

ڪلام

ٿل:        ڪنهن ڪون سڻا وان آزار دل دا،
وڇڙي ورهيان دي، نهين يار ملدا.

مئين تان مُٺي دا ڏکيا جياپا،           قاصد سڄڻ ڪون ڏيوين نياپا،
ٻانهي تساڏي سڱ نه سياپا،            سهڻا نه ڪيتئي ڪڏان ترس تل دا.

مدتان گذر ڳيان اؤندا نه جاني،         دردان ڪيتي هي دلڙي رديواني،
نيتي هجر سڀ جوڀن جواني،         باقي رهيا وڃ، ڀانڊاهي رهيا وڃ، ڀانڊاهي گِل دا.

سرڪي پلايئي سِڪ دي سوائي،     ترها ڏکي داڪيتئي توائي،
رهيا وچ تخير مرغا هوائي،           محشر مچئي ظاهر چادل دا.

“علي محمد” ٻوليان ٻليندا، آيا عشق تئڏا مئڪون ڳوليندا،
ڏي ڏي جهڻڪان در در رُليندا،         ڏاڍا بار سر تي آيا بي مثل دا.


Sufi Faqir Nawab Bahawal Khan Laghari صوفي فقير نواب بهاول خان لغاري


صوفي فقير نواب بهاول خان لغاري

طالب المولى
صوفي فقير نواب بهاول خان ولد امداد علي خان ولد نواب بهاول خان شهيد ولد فقير ولي محمد صاحب تاريخ 5 رمضان المبارڪ 1339هه مطابق 13 مئي 1921ع تي پنهنجي آبائي ڳوٺ تاجپور ۾ تولد ٿيو. ابتدائي تعليم به اُتي ئي حاصل ڪيائين. ننڍي عمر والد جي سايئي کان محروم ٿي ويو. مگر پنهنجن بزرگن خصوصاً پنهنجي ناني حاجي نواب غلام حيدر خان جي صحبت ۽ تربيت مان گهڻو ڪجهه حاصل ڪيائين. 22 سالن جي عمر ۾ درگاهه جهوڪ شريف جي سجاده نشين حضرت عبدالستار شاهه ثانيرحه  جي هٿ تي بعيت ڪيائين، زمينداري ۽ طبابت کي پيشي طور اختيار ڪيائين. شاعري، راڳ رهاڻ ۽ ڪتابن جي مطالعي سان کيس گهڻي دلچسپي هئي. نواب صاحب 28 جمادي الاول 1409هه مطابق 2 جنوري 1989ع تي وصال ڪيو.

ڪلام

ٿل:        رک دل تي فڪر فنائيءَ جو،                       توکي ملڪ عدم ڏي هلڻو آ.

ظاهر ۾ ٿي اصل شريعت،  باطن ۾ وٺ راه طريقت،
ٿئي سودو صاف سچائي جو،

رمز رندي جو ستو نرالو،   دستئون پير مغان پي پيالو،
ٿئي سودو صاف سچائي جو.

دام دوئي جا ڇڏ تون ٽوڙي،           حسد ڪينو ۽ ٻيائي ٻوڙي،
رک شوق اندر جي صفائي جو.

“بهاول” رهه منجهه حال فقيري،       ترڪ ڪر ڇڏ اختيار اميري،
وٺ رستو راز خدائي جو.

Faqir Ali Gohar فقير علي گوهر


فقير علي گوهر

طالب المولى
فقير ميان علي گوهر ولد فولاد فقير شر ويٺل ڳوٺ مينگهو فقير شر تعلقو خيرپور ميرس 14- محرم الحرا 1337هه مطابق 20 آڪٽوبر 1918ع تي پيدا ٿيو. سندس پالنا ۽ پرورش سندس والد محترم جي نظر هيٺ ٿي. سنڌي فائنل پنهنجي ڳوٺ مينگهو شر ۾ پاس ڪيائين. اردو ۽ پارسي بهار دانش ۽ نگار دانش تائين ٽڳڙن ۾ جيد عالم استاد مولوي غلام محمد وٽان حاصل ڪيائين. عربي، ڳوٺ جي مولوي فيض محمد شر وٽ پڙهيو. گرمکي، شاستري، پامسٽري هندستان کان آيل هڪ پنڊت کان سکيو. علم تصوف، وحدانيت، معنى ۽ معرفت جي مراج پنهنجي والد بزرگوار وٽان ماڻيائين. کيس سماع جو هر وقت شوق هوندو هو. اگر وٽس ٻيو ڪو ڳائڻ وارو موجود نه هوندو هو ته پاڻ به ڳائيندو هو. سندس حليو ۽ پوشاڪ سندس والد جهڙي هئي، البت ان کان قد ۾ ڪجهه ننڍو هو. پاڻ شاعر هو. مختلف ٻولين جهڙوڪ، عربي، پارسي، سنڌي، اردو، سرائڪي ۽ هندي ۾ شعر چيائين. سندس 10 ڪتاب قلمي صورت ۾ آهن. شعر ۾ “علي گوهر” نالو تخلص طور ڪتب آڻدو اٿس. ڪٿي “بيخود” بي چيو اٿس. سندس وصال 2 جمادي الاول بروز اڱارو مطابق 13 ڊسمبر 1989ع تي ٿيو.

ڪلام

عشق ۾ سر ڏيڻ ڪاٽي سخاوت هن کي چئبو آهي،
مرڻ هن جي محبت  شهادت هن کي چئبو آهي.

ڪري جو عشق جي دعوى خودي کان ئي اول خالي،
ان الحق ورد آهي ان جو تلاوت هن کي چئبو آهي.

عشق جي آهي حالت هي سائين سوز آهي تازو،
عشق ۾ جان پرواز ٿيڻ عنايت هن کي چئبو آهي.

تصور يار جو هر دم رکڻ آهي رياضت هي،
ڏسڻ ديدار دلبر جو عبادت هن کي چئبو آهي.

عشق ۾ “علي گوهر” مدامي محو معشوقن،
آئينو ذات دل ان جي بصارت هن کي چئبو آهي.

Jhandal Faqir Korai جهنڊل فقير ڪورائي


جهنڊل فقير ڪورائي

طالب المولى
جهنڊل فقير ڪورائي ولد صاحب خان ڪورائي جي ولادت 1295هه ۾ ٿي. سندس ڳوٺ هانسير تعلقي ڪوٽ ضلعي ٿرپارڪر ۾ آهي. پاڻ قرآن شريف ۽ سنڌي تعليم مدرسي پٿوري مان حاصل ڪئي. 25 سالن جي عمر ۾ محمد فقير کٽياڻ جو طالب ٿيو ۽ ذڪر الاهي جاري رکيائين سندس شاعريءَ جو قلمي رسالو موجود آهي. پاڻ زندگي جو آخرير وقت، ڳوٺ شاهو خان ڪورائي تعلقو سامارو ضلع ميرپور خاص ۾ گذاريائين. جتي سندس آخري آرام گاهه آهي. سندس وصال 9 ربيع الاول 1408هه بمطابق 12 ڊسمبر 1982 تي ٿيو.

ڪلام

ٿل:        سڀ کان مٿي سهڻو ڏٺم تنهنجو ذڪر محفل ۾ هو،
صاحب حسن کي سونهن، جو تير نظر ريفل ۾ هو.

ابرو ڏسي ان جا اجهل ٿي منتظر خلقِ خدا،
حيرت حسن جي مون ڏٺي گذري مهل مون کي مدا،
تان ندا آئي اٿو، سڀ ڪو سڌو هلچل ۾ هو.

بيوس رهيس بيمار جان، آيس برهه جي باهه ۾،
تر ڦٿڻي تن مون لڳي، نه ساهه ماپي ساهه ۾،
باق ري رڳن منهنجن رهيو، پيون پساهه منزل ۾ هو.

خوب رُو جي خال نقطي، قيد دل کي قيد ڪيو،
جزوي عقل حد هوش جو، بس ڀڄي سڀ ڀيد ويو،
منهنجي مارڻ لاءِ حڪم، ان طرح ان پل ۾ هو.

خال و خط مرڪڻ  مهل ۾، رنگ قيصر جا ٿيا.
درد دهن تي لعل لالي، جا اُها ڪامل پيا،
سڀ حڪومت تي حڪم، ثابت “جھنڊل” ۾ هو.


Syed Jhangal Shah Mast سيد جهنگل شاهه مست


سيد جهنگل شاهه مست

طالب المولى
سيد جهنگل شاهه، ڳوٺ مولودي شريف تعلقه گهوٽڪي ضلعي سکر ۾ سن 1322 هه مطابق 1904ع تي ڄائو. سندس والد جو نالو سيد عظيم شاهه بخاري هو. سندس نالي بابت روايت آهي ته پاڻ ڄائو ۽ ٻي رات غائب ٿي ويوم سندس والد ڏاڍو پريشان ٿيو. ڏاڍو ڳولهيئون ڦلهيئون، آخر سندن حويليءَ جي ڀرسان جهنگل هو اتي ڏٺنون ته شاهه صاحب ملين. ستن سالن جي عمر کيس مدرسي ۾ وهاريو ويو. پاڻ مستاني طبيعت جو هوندو هو ۽ صوفين ۽ درويشن راڳ هلي ملي وڃي ٻڌندو هو. انهيءَ شوق ۾ طلب کيس اولادي امير جو طالب ڪيو. شاعري به ڪيائين جيڪا قلمي رسالي جي صورت ۾ موجود آهي. 21 شعبان 1387 هه بمطابق 24 نومبر 1967ع تي وصال ٿيس. سندس درگاهه ڳو مولودي شريف ۾ آهي. جتي هر سال شعبان جي مهيني ۾ تاريخ 21،22 ۽ 23 تي ميلو لڳندو آهي.

ڪلام
اچي ٿي حال ۾ حاضر، قلندر لال لاهوتي،
سوا تنهنجي نه ٻيو ڪو در، قلندر لال لاهوتي.
تون آن پيارو پيغمبت جو، سخي سردار سرور جو ،
تون آن حسبي نسبي حيدر، قلندر لال لاهوتي.
تنهني درٻار آ عالي، قلندر لال لڄ پالي،
موٽي ويندس نه گهر خالي، قلندر لال لاهوتي.
تنهنجي در تي جهڪن سارا، سڪندر شاهه ۽ دارا،
ڪيئي ارباب ۽ اڪبر، قلندر لال لاهوتي.
چوي “جهنگل شاهه” توکي هرهر، ملي معافي مٺا منور،
آهيان عاجز تنهنجو سڳدر، قلندر لال لاهوتي.

Sufi Faqir Roshan ul Din صوفي فقير روشن الدين


صوفي فقير روشن الدين “روشن”

طالب المولى
فقير روشن الديرن ولد فقير حاجي محمد سومرو تعلقي عمرڪوٽ جي ڳوٺ صوفي جو ويٺل هو، مرحوم سنڌي، اردو، فارسي ۽ انگريزي ۾ چڱو مايو رکندڙ هو. ابتدا ۾ سير ۽ شڪار جو شوق ۽ آخر ۾ فقير ٿي رهيو. فقير ته سندس گهر جي چيز هئي. نيٺ ته چله ڪشي ۾ جسم به جلائي ڇڏيائين. هڪ ڪتاب به لکيائين جو (غير مطبوع آهي) پنهنجي نوع ۾ يڪتا آهي. مرحوم بلڪل نرم طبيعت انسان، خوش اخلاق درويش ۽ باتهذيب فقير شاعر هو. صادق فقير سندس جد ۾ آهي. پنهنجي ڀاءُ صوفي قلندر بخش جي قتل ڪرائڻ بعد باقاعدي فقير اختيار ڪيائين.

ڪلام
ذاتي والا سر سنڀال
ناز نفي داڪر اثباتي
1- وحدت ڪنون ڪثرت هوتي         ڪثرت وچون وحدت هوتي.
سارا بره بحال      آڻ سمايا وچ صفا تي،
2- غوطا مارين غرق جي ٿيوين،      ماڻڪ ماڻين اڻ لڀ ايوين.
تنين وچ جذب جمال.         سمجهي ماين جي جذبون جهاتي،
3- وچ گهونگٽ دي گهوٽ گذارين،  ونحن اقرب چر تون پارين.
قالو والا قول تون پال.      ڪنڌ ڪياوين قزين ڪاتي،
4- هادي دا پريت وڻ.         سيني وچون سنگ سماوڻ،
هي رانجهن رل مل مال.    “روشن” لئون جا لئون لئون لاتي.

Faqir Allah Bux فقير الله بخش


فقير الله بخش “بهشتي”

طالب المولى
فقير الله بخش بهشتي صوفي بن فقير برادي مرحوم ويٺل هالا نوان ضلع حيدرآباد، 1890ع ۾ ڄائو. پاڻ ننڍپڻ کام ئي فقير ڏي مائل هو. سندس شمار قبله والد صاحب جن جي خاص خدمتگارن ۾ ٿيندو هو. خانگاهه ۽ حويلي جو پاڻي فقير صاحب پاڻ ڀريندو هو. جنه ڪري کيس بهشتي سڏيندا هئا. شاعري ۾ به اهو تخلص طور ڪتب آندو اٿس. وٽس هميشه راڳ جون محفلون ٿينديون رهنديون هيون جتي راڳ جا شوقين ۽ راڳيندڙ ڪافي تعداد ۾ اچي شريڪ محفل ٿيندا هئا. قبله حضرت مخدوم غلام محمد سائين عرف گل سائين جن فقير صاحب جن کي جيڪو مڪان عنايت فرمايو هو. ان جي تعمير ۾ ڄام صاحب جڪو وڏو هٿ هو. فقير صاحب ان مڪان جي لکي دروازي تي پنهنجو شعر نسب ڪرايو هو جنهن مان اندازو ٿو ٿئي ته اهو سندس آزري اشعار مان آهي. سندس تجهيز ۽ تڪيفن حضرت مولوي مخدوم غلام حيدر صاحب جن جي هدايتن مطابق ٿي ۽ فقير صاحب کي انهيءَ ئي مڪان ۾ سپرد خاڪ ڪرايائون ۽ آخري رسومات تائين موجود رهيا.

ڪلام
اک اکن اندر اڙائي دلربا کي ڪو ڏسي،
پرت وارو پيچ پائي دلربا کي ڪو ڏسي.
واٽ وحدت جي وسيلي نينهن جي نازڪ نظر،
۽ قدم قربيون ڪڏائي دلربا کي ڪو ڏسي.
اي الله بخا بهشتي ڄاڻو ٿي ڏسي ڄاڻ کي،
درد جا دونهڙا دکائي دلربا کي ڪو ڏسي.

Nawab Jan Mohd Laghari نواب جان محمد لغاري


نواب جان محمد لغاري

طالب المولى
جان محمد عرف جانعلي تخلص جانعلي ولد غلام الله لغاري ويٺل خانپور لڳ تاجپور تعلقه هالا ضلع حيدرآباد 8 اپريل 1881 ۾ ڄائو. مرحوم کي فقيري خانداني ورثي ۾ ولي ۽ شاعري به اهڙي طرح ملي، سندس شاعري پراڻي طرز  جي آهي. پاڻ نفيس مزاج ۽ خوش خلق هو. اگرچه پنهنجو فوٽو ۽ ڪلام شايع ڪرڻ جي خلاف هو مگر اهڙي مرد کي ڪيئن رهائي ڇڏجي. مرحوم جي روح کان اجازت وڃي ٿي. پاڻ 29 جولاءِ 1948 ۾ وصال ڪيو.

ڪلام
ڏاڍو عشق سڄڻ تنهنجو آهي،
1- صورت تنهنجي سرس سوائي،  سورج چنڊ جو چمڪو ڇاهي.
2- حال اسان جو معلوم توکي،  توبنا ٻيو ڪو نه آهي.
3- راض رانجهن اڳي ڇو ئي ڏيکارئي، هاڻي ڇڏيئي شايد الاهي.
4- موڙيئي منهڙو مٺا ڇو مان کئون،  ڪا ته اسان ڏانهن آهي.
“جانعلي” کي جي جيارا.
قربئون ڏسو اچي ڪاهي.

Syed Gohar Shah Saani سيد گوهر شاهه ثاني


سيد گوهر شاه (ثاني) “محافي ڌڻي”

منڱڻيجو ڊاٽ ڪام
سندن ولادت سنه 1275هجري مطابق 1856ع ۾ ٿي. پاڻ پنهنجي والد بزرگوار جي شهادت کان پوءِ درگاه شريف جا چوٿون نمبر پيرپاڳارھ ٿيا.
جماعت سندن لاءِ ”محافو“ ٺهرايو هو، جنهن ۾ پاڻ سوار ٿيندا هئا ان ڪري ”محافي ڌڻي“ جي لقب سان مشهور آهن. پاڻ قدس سرھٗ مسند نشين ٿيڻ سان سڀ کان اول پنهنجي مريدن ڏانهن توجه ڏنو، انهن جي اصلاح ۽ تربيت لاءِ سفر شروع ڪيا، جنهن سان جماعت ۾ هڪ نئون روح پيدا ٿيو. جيتوڻيڪ سندن مقصد هڪ روحاني رهبر جي حيثيت سان جماعت جي اصلاح ۽ تربيت هو پر انگريز بزدل ان ۾ پنهنجو خوف ٿي سمجھيو. هن پنهنجن ڇاڙتن ۽ خمير فروشن جي هٿان هڪ منصوبو جوڙيو، ته جماعت جي مک سرڪردھ ماڻهن کان دوکي ۾ ڪي ڪم ڪرائي پهريان انعام ڏئي ۽ پوءِ اهي ڪيس بيهاري ڏوهاري قرار ڏيئي بعد ۾ پيرصاحب تي رياستي زور ۽ جبر وجھي ڪن شرطن سان حاضر ڪري انهن کي قيد ڪيو وڃي. تاريخ گواه آهي، ته ڪيئن سانگھڙ جي هندو مکيءَ پاڻ پنهنجون مينهون ڪڍيون ۽ پوءِ پوليس بهادر فقيرن کان مدد وٺي خيرپور جي ڇٽل کان ڀرڳڙي تي ڪاه ڪرائي. پوءِ اهو ئي ڪيس ٺاهي فقيرن تي هنيو ۽ هيڏانهن پيرسائين جن کي حيدرآباد ۾ نظربند ڪري انهن ناليوارن جوڌن جون فهرستون کين ڏنيون جنهن تي معافي نامن جا معاهدا ڪري پيرسائين جي هٿان حاضر ٿيڻ جو پيغام ڏياري انهن کي ٺڳيءَ دغا سان سرِ عام ڦاهيون ڏنيون. پاڻ پنهنجي فقيرن کي اهڙي دوکي سان شهيد ڪرڻ تي رنجيدھ ٿيا ۽ پوءِ مسلسل انگريز سرڪار جي ظلم ۽ تشدد جا هيانو ڏاريندڙ واقعات ڏسي نه سگھيا ۽ پوءِ 39 سالن جي عمر ۾ 4 جمادي الثاني 1314هجري 11 نومبر مطابق 1896ع تي وصال فرمايائون.
سندن دؤر جا اهم واقعا:
بچو بادشاه ۽ پيرو وزير سانگھڙ ۽ ان جي آس پاس علائقن تي پنهنجي حڪومت قائم ڪئي ۽ انگريز ۽ ان جي ڇاڙتن کي خوب ذليل ڪيو. ڪيترائي اهم ماڻهو چونڊي جهنم رسيد ڪيائون. نائڪ جوال سنگهه کي بهرام بري جي ميڙي ۾ حرن ماري ڇڏيو. 1895ع ۾ لوڙها لڳا ۽ پهريون لوڙهو جانب جي دؤر ۾ لڳو.

Pir Syed Ali Gohar Shah Awal پير سيد علي گوهر شاهه اول


پير سيد علي گوهر شاهه اول (اصغر(

ڪتاب مقالات قاسمي
پير سيد علي گوهر شاهه (اول) راشدي جي ولادت جمع ڏينهن 4 رجب 1231هه  مطابق 1816ع ۾ ٿي ۽ 14 سالن تائين پنهنجي والد پير صبغة الله شاهه رحه جي تربيت هيٺ رهيا  رمضان سن1246هه ۾ پنهنجي والد جي وفات کان پوءِ انهن جا مسند نشين بڻيا، پاڻ جيتوڻيڪ انهيءَ مسند نشينيءَ مهل ننڍيءَ عمر جا هئا، پر جيڪو ٿورو وقت به کين سندن والد بزرگوار کان تربيت ملي سا به گهٽ ڪانه هئي، سندن والد هن نينگر جي تعليم ۽ تربيت جو چڱو خيال رکيو هو ۽ ٿوري ئي وقت ۾ فارسي زبان جا وڏا اديب ۽ شاعر بڻجي ويا، کين عربي ٻوليءَ جي به چڱي ڄاڻ هئي، سنڌي شعر ته کين ورثي ۾ مليل هو، شعر ۾ ”اصغر“ تخلص رکيائون. پاڻ وڏا علم نواز هئا. عالمن، اديبن ۽ شاعرن جو وڏو قدر ڪندا هئا. پاڻ قادري طريقت جا پير ۽ مرشد هئا، هن سلسلي جو راڳ ۽ سماع سان گهٽ تعلق رهيو آهي، پير سائين علي گوهر (اول) کي سماع جو به شوق رهندو هو. پاڻ سنڌي ديوان جا صاحب هئا، افسوس جو سندن عمر ڪا گهڻي نه ٿي، ڦوهه جوانيءَ ۾ تاريخ 11 جمادي الاوليٰ سن1263هه ۾ هن ماڳ کان منهن موڙي آخرت ڏانهن راهي ٿيا.
پير صاحب جي مريدن مان آخوند احمد سانوڻي هالائي قابل ذڪر آهي، جيڪو ڪلام الله جو حافظ هو. نظم، نثر ۽ انشاءَ ۾ بي نظير هو ۽ مير نصير خان ٽالپر جي ٻن فرزندن: مير نور محمد ۽ مير محمد حسن علي خان جو استاد هو.

Baabo Narag ٻاٻو نارگ


ٻاٻو نارگ

اٽڪل 200 يا 250 سالن جي ڳالهه آهي ته ڳوٺ سيد جو چمبڙن ۽ لجواڻي جي ڳوٺن جي وچ ۾ تعلقه ٽنڊوالهيار برهم کتري ذات ۾ نُک ڏوڙ ۾ ٻاٻي نارگ جو جنم ٿيو. هي ننڍي هوندي کان ئي ايشور جو پورن ڀڳت هو. سندس پتا ماتا جي نالن سان ۽ سندس جنم ۽ ٽٻي هڻڻ جي تاريخ يا سال جو اڃا پورو پتو نه پئجي سگهيو آهي سندس پتا ماتا جڏهن ٻاٻو نارگ اڃا ننڍو هو ته پرلوڪ پڌاريا سندس پرورش ان جي ڏاڏي ڪندي هئي. ننڍي هوندي جو نالو نارو هيس. پوءِ سڌيءَ ۽ ڀڳتي ڏسي نالو ٻاٻو نارگ رکيائونس.
جڏهن ڪجهه وڏو ٿيو ته اباڻي ڪرت يعني ڪپڙي رنڱائي ۽ ڇپائي جو ڪم شروع ڪيائين ۽ ان مان ئي پنهنجو گذر ڪرڻ لڳو وري ڪن سببن جي ڪري پنهنجو ڪم هلائي نه سگهيو ان ڪري ان ڳوٺ ۾ مسلمان کٽي(نکڙيو کٽي) رهندو هو. ان وٽ هي ساڳيو ڪم ڪرڻ لڳو ۽ ان جي عيوض هن کي پگهار ملندو هو جنهن مان ڏاڏي پوٽو گذران ڪندا هئا.
هي اڃا منڱيو ئي ڪونه هو جو هن ٻال برهمچاري ٿي رهڻ جو فيصلو ڪيو هو. هڪ دفعي ان مسلمان کٽي جي زال کي دل ۾ اها ڳالهه اچي وئي ته اسان کي ڪنواري ڪنيا پرڻجڻ جي لائق ويٺي آهي ڇو نه هن  جي شادي ٻاٻي نارگ سان ڪرائجي جو ڇوڪرو تمام چڱو سلڇڻو ۽ عمر ۾ به نوجوان ڇوڪريءَ کان ٻه ٽي سال وڏو آهي پر پنهنجي مڙس سان اها ڳالهه ڪيئن ڪڍي ان لاءِ وجه پئي ڳولهائين ۽ موقعو پئي تاڻيائين. هڪ ڏينهن ٻاٻو نارگ ٻاهر پکڙيل ننگ کڻڻ لاءِ وڃي رهيو هو ان مسلمان کٽي پنهنجي ان وڏورو ڌيءَ کي چيو ته “وڃ نارگ جي پٺيان ننگ کڻائي اچيس.” جوڻس کي اهو موقعو ملي ويو ۽ مڙس کي چيائين ته “تو ته ڌرم هاري ڇڏيو، هاڻي پنهنجي ڌي پرڻائي ڏيون نارگ کي”. اڳي وات مان اکر نڪرڻ تي ان ڳالهه لاءِ عمل ڪندا هئا ۽ ان تي پنهنجو ڌرم سمجهندا هئا ۽ ڪڏهن به نه ڦرندا هئا ڇو ته “ڌرت پڙيئَي ڌرم نه ڇوڙيئَي” واري چوڻي قائم رکندا هئا.
جڏهن رات ٿي ته نارگ کي چيائون ته تون شادي ڪر ۽ توکي اسين پنهنجي ڌيءَ ته تنهنجو گهر ٺهي پوندو  خوش گذاريندي پر هن سفا انڪار ڪيو. تنهن تي پنهنجي عزيزن سان صلاح ڪري رٿ رٿي ته نارگ کي رات جو گهر ۾ گهرائي زوري نڪاح وجهي پنهنجي ڌيءَ پرڻائي ڏيون. پر ٻاٻي نارگ کي سڻس پئجي وئي سو اٿي جهنگ منهن ڏئي ڀڳو ته سندس پٺيان سندس دوست نالي چوءٿ رام مدد ڪرڻ واسطي ڀڳو. مسلمان کٽيءَ کي جڏهن سڌ پئي ته نارگ ڳوٺ ڇڏي وڃي ٿو ته هي به پٺيان پيس. ٻاٻو نارگ ۽ چوءٿرام هلندي هلندي جڏهن چمبڙن جي ڳوٺ کان اٽڪل ٽي ميل کن پري هڪ مقام وٽ پهتا ته اتي اهو مسلمان کٽي ۽ سندس ساٿي اچي ويجهو پهتا. هڪ ته ٻاٻو نارگ ۽ چوءٿرام ٻئي ٿڪجي پيا هئا ٻيو هيءُ کٽي به ساٿين سميت اچي پهتو. ٻاٻي نارگ ٻي ڪا واه نه ڏسي ان مقام وٽ بيهي ڌرتِيءَ ۾ ٽٻي هنئي ته چوئٿرام چيس ته يار مونکي ڇڏي نه وڃ مونکي به وٺي هل، اتي زمين وري ڦاٽي پئي ۽ چوئٿرام به زمين ۾ ٽٻي هنئَي. مسلمان جي هنن پٺيان پيا هئا سي ڏسندي ئي دنگ رهجي ويا ۽ ڏاڍو حيران ٿيا پوءِ موٽي هليا ويا.
مولچند منگهو مل ڏامراڻي نک دڙا برهم کتري ويٺل شهر ٽنڊو الهيا هڪ رات خواب لڌو جنهن ۾ ٻاٻي نارگ هنکي درشن ڏنو ۽ چيائينس ته چنبڙن کان ٽن ميلن جي مفاصلي تي مقام جي ڪنڊ وٽ مون ٽٻي ڏني آهي ۽ مونسان گڏ منهنجو دوست چوئٿرام به آهي ان به ٽٻي هنئي آهي. اتي نشانيءَ طور هڪ ڌڙيو ٻيو ڪٽارو اهي ٻه پور رکيا اٿو جي کڻي اچو ۽ ان جاءِ تي منهنجي سماڌي ٺهرايو ۽ شاديءَ ۾ جيڪو ڪنوار کي ويڏيءَ مهل ڪوٺڙيءَ جو پڙو ٿا پهرايو ان ۾ هي ٻئَي پور به هڻجو.
صبح جو ڀائي مولچند خواب واري ڳالهه پئَنچن سان ڪئي ۽ ڪي پئنچ ٽنڊي الهيار مان سنڀري نڪتا ۽ اچي ان ٻڌايل هنڌ تي پهتا ڏٺائون ته برابر ڌڙيو ۽ ڪٽارو رکيا آهن جي هنن کنيا نشان ڪري ڇڏيائون. پوءِ اتي ﭼﺆکنڊي ٺاهي ان ۾ ٻه سماڌيون ٺهرايون هڪ ٻاٻي نارگ جي ۽ ٻي سندس دوست چوئٿرام جي . پوءِ جڏهن ٻاٻي نارگ جي ڏاڏي سرڳواس ٿي ته انکي به ان ﭼﺆکنڊي جي ٻاهران سماڌي ڏنائون. جيئَن ته ٽٻي بڊي جي چنڊ ڏينهن هنئَي هئي، ان ڪري هر سال بڊي جي چنڊ کان تاريخ پهرين ۽ ٻي ڪل ٽي ڏينهن ميلو لڳندو هو جو ميلو پوج پئَنچات برهم کتري ٽنڊي الهيار واري هڻائيندي هئي. جتي ڪٿي ڪٿي جا ماڻهو پري کان ايندا هئا. سڏ پنڌ تي مائي چُکِيءَ جي سماڌي هئي، جنهن ڏٺو ته ٻاٻو نارگ مون کان زور آهي ته حڪم ڪيائين ته ميلو منهنجو جاٽ ٻاٻي جي. تنهنڪري جيڪي ياتري ٻاٻي نارگ جي ميلي تي ايندا هئَا سي مائي چُکي جي سماڌي تي به اچي درشن ڪري ويندا هئا. تنهن کانسواءِ سندس آگيا جي پالن لاءِ ڪوٺڙي جي پڙي ۾ پلاند کان ڌڙيو ۽ ڪٽارو به ڇريندا هئا، جو پڙو ڪنوار پائي ويڏيءَ تي وهندي هئي ۽ کترين جي نشاني هئي. پر هندستان ۾ لڏي اچڻ بعد هِيءَ رسم به ماڻهن ڇڏي ڏني آحي.
جڏهن ٻاٻو نارگ تاندڻيءَ جو ڪم (کاڌيءَ هٿ جي اُڻيل سوڙ، پٿراڻي، وهاڻو، بجڪو، رجائي وغيره ڇپڻ لاءِ مليل ڪپڙي کي تاندڻي چئبو آهي) ڪندو هو، ٻاٻو نارگ جو چرون چاڙهي ڪورو ڪپڙو ئي بنا رجي چرونءَ ۾ کڻي وجهندو هو ۽ چوندو هو ته هيءُ فلاڻي جو بجڪو اٿئي، هي فلاڻي جي سوڙ اٿئي، هي فلاڻي جي پٿراڻي اٿئي وغيره وغيره يعني ڌڻيءَ جو نالو ۽ جيڪا ڪپڙي مان ئي رڱڻي هوندي ان جو نالو وٺي چرونءَ ۾ وجهندو ويندو هو. جڏهن رنڱ ٽهڪجي تيار ٿيندو هو هِي ڪڍنڌو هو ته اُهي ننگ سڀ اهڙا ئي تيار ڇپيل تيار ٿيندا هئا جيئن هو چوندو هو.
ٻاٻو نارگ مهمان نواز به خوب هو.  هڪ دفعي هڪ ڄڃ وڙس اچي لٿي جنهن ۾ ماڻهو به 20 کان 70 هئا.  هن ننڍڙي ديڳڙي کڻي چاڙهي ۽ ان مان سڄي ڄڃ کي کارائي وڃي پار پيو.
تيجو مل واڻيو ويٺل ڳوٺ ڊيشڪ لڳ شهر ميرواهه گوچاڻي ضلعي ٿرپارڪر کي پرڻي بعد ڪي ورهيه لنگهي ويا پر اولاد ڪونه ڪو ٿيو هو. جنهن ٻاٻي جي سماڌي تي اچي پلئه پاتو ۽ پنڌ ڪندو ئي رهيو.  ٻاٻي جي ديا سان هنکي پٽ ڄائو.
هڪ مسلمان نالي خميسو ذات لجواڻي جنهن جي زمين ٻاٻي جي ﭼﺆکنڊي ڀرسان هئي، جنهن ۾ هن ڪا پوک  پوکي جنهن جي سنڀال لاءِ رات ڏينهن ٻنيءَ تي لهندو هو. هڪ ڏينهن اچي سخت برسات پئي ۽ سندس ماني گهران اچي ڪانه سگهي. کيس بک به اچي لڳي. ڪنهن وقت ڏسي ته هڪ کٽ آسمان مان لهي رهي آهي جنهن تي ٻاٻو نارگ ۽ ٽهليو ٽهلرام ويـٺل ڳوٺ چنبڙ ٻئي ويٺل هئا، جا اچي ٻاٻي نارگ جي ﭼﺆکنڊي ۾ لٿي. هي هيٺ پاڻيءَ وغيره جي ٻنيءَ ۾ سنڀال ڪري ٻنا وغيره ٺاهي پيهي تي چڙهيو. جان کڻي ڏسي ته گرم گرم روٽي ٽن ڄڻن جي اتي رکي آهي. اها ڏسي هن ٻن ساٿين جيڪي هيٺ هئا انهن کي سڏ ڪيو ۽ روٽي ڏيکاري ڳالهه ٻڌائي پوءِ ٽنهي ويهي اها روٽي کاڌي ۽ ڍئو ڪيائون. ان بعد هنن جو ٻاٻي نارگ ۾ ڏاڍو صدق ٿي ويو، ۽ ميلي وقت ڪا نه ڪا اچي شيوا ڪندا هئا. ياترين کي ڪڏهن گهوڙن جي لاءِ گاهه رسائي ويندا هئا ڪڏهن ڀنڊاري جي رڌ پچاءَ لاءِ ڪاٺيون ڪري ڏئي ويندا هئا، ڪڏهن پاڻي ڀريندا هئا وغيره وغيره.
هن دفعي ميلي جي وقت ڀڄن ڀاءُ ڪندي جوت جاڳندي ﭼﺆکنڊي ۾ نظر آئي جا سڀني ياترين ڏٺي جنه لاءِ عجب ۾ به پئجي ويا ۽ وشواس به وڌين.
هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته سخت طوفان لڳو ۽ مينهن اچي پيو جو جهر جهنگ پاڻي ٿي ويو. ان ڪري ان سال ميلي ڪو به ياتري ڪونه آيو ۽ نه ڪوئي ميلو بڊي جي چنڊ تي لڳايو ويو، پر هڪ جوان سگهرو پنهنجي زال سميت گهوڙي تي چري جهر جهنگ جهاڳي ميلي واري ڏينهن اچي اتي پهتو جو سندس جا سکا سکيل هئي سا پوري وئي. اچي ڏسي ته ڪير به ڪونهي ۽ سج لٿي جو ٽائيم هو، سو هاڻي ڪڏهان وڃي؟ پوءِ هن گهوڙي جي ٻاهران ٻڌي پاڻ گهوڙي جوپ ڪاشو لاهي ان کي ﭼﺆکنڊيءَ ۾ ويٺا ۽ آخر سمهي پيا. جڏهن ننڊ آين ته آواز آيو ته اٿو اٿي روٽي کائو جڏهن اٿيا ته ڏسن ته ٻن ٿالهين ۾ گرم طعام رکيا آهن جي هو ٻئي کائي ۽ سمهي پيا ۽ باسڻ اتي ئي کڻي رکيائون. صبح جو اٿي ڏسن ته باسڻ هئا ئي ڪين. پوءِ هو سلام ڀري پرساد رکي واپس روانا ٿيا.
اُهي سنڌ ۾ ڪوبه کتري ڇپائي جي ڪم لاءِ پٽئي تي وهندو هو ته پهرين ائين چوندو هو ته ٻاٻا نارگ نوري ڪجان ڪم حضوري. ائين ڪرڻ سان هننجي ڇر ۽ رنگ ٻئي سٺا ٿيندا هئا.
سنڌ مان لڏڻ بعد ماڻهن ڪيترن ئي هنڌن ميلا لڳائيندا هئا ۽ ڀڄن ڀاءُ ڪرڻ پرساد يا ڪڻڪون ورهائيندا هئا جهڙوڪ اجمير، بياور، جئپور، ڪوٽا، راجڪوٽ، جيتپور، آگرو وغيره. اجمير ۽ بياور ۾ ٻاٻي نارگ جا آستان ٺهيل آهن.

Sufi Folad Faqir Shar صوفي فولاد فقير شر


صوفي فولاد فقير شر

صوفي فولاد فقير شر 1867ع ڌاري ضلعي خيرپور تعلقي ٺري ميرواهه ۾ پيدا ٿيو. پاڻ هڪ صوفي بزرگ، انسان دوست ۽ سٺو تعليمدان ٿي گذريو آهي. پنهنجي سڄي زندگي تصوف جي راهه ۾ گذاريائين. درگاه جهوڪ شريف ڏانهن گهڻا ئي پيرين پنڌ ڪيائين. هڪ دفعي جهوڪ شريف جي سجاده نشين ميان غوث محمد فقير وٽ ويو ۽ اتي اڪثر ويندو هو. ساڻس گڏ سندس ڀائيٽيو دوست علي فقير ساڻس گڏ هلندو هو. هڪ دفعي جهوڪ شريف ۾ ترسيل هو ته کيس خواب ۾ شاه عنايت شهيد ديدار ڪرايو ۽ ميان غوث محمد فقير سجاده نشين کي حڪم ڪيائين ته فقير فولاد علي کي مون وارو تاج ڏيو. اهو خواب ميان غوث محمد به ڏٺو ۽ پهرين رات خيال نه ڪيائين وري ٻي رات به ساڳيو خواب ڏٺائين ته به اعتبار نه ڪيائين. آخر ٽئين رات کيس زبردست تاڪيد ٿيو ته جيڪڏهن توهان اسان جو چوڻ نه ڪندئو ته نقصان هيٺ ايندئو. اهڙي تاڪيد بعد ميان غوث محمد فقير شاه شهيد وارو رکيل تاج کڻي اچي فقير فولاد علي کي ڏنو.
حضرت سخي قبول محمد درازي به سندس زماني ۾ موجود هو. هڪ دفعي وٽس ويو ته سخي صاحب ڀاڪر پائي کيس پيشاني تي چمي ڏني ۽ چيائينس ته توکي آفرين هجي جو عشق الاهي ۾ ايتريون تڪليفون سَٺيون اٿئي. تون هن دور جو منصور آهين. تو جيتريون تڪليفون ڪنهن ٻئي صوفيءَ نه سٺيون آهن. توکي اگر حضرت سچل سرمست جو همراز چئجي ته به واڌارو ڪونه ٿيندو.
سائين فولاد علي قلندر شهباز جي بشارت تي پير ڳوٺ ڀرسان مڱرجي ڳوٺ ۾ سيد محمد علي شاهه جو مريد ٿيو جيڪو پاڻ فقير خوش خير محمد جو طالب هو.
فقير سائين فولاد علي شر 100 سالن جي ڄمار ۾ پهرين ربيع الاول 1387 هه مطابق 10 جون 1967ع ڏينهن ڇنڇر وقت صبح جو 10 بجه وصال ڪيو. ان اولياءَ الله لايموت ينقلون من الدار الي الدار. يعني بيشڪ الله جا ولي مرن ڪونه پر هن گهر کي مٽائي هن گهر ۾ رهن ٿا.
صوفي فولاد شر جا ڪجهه ارشادَ:
”اڄ ڪلهه صوفي عام ٿا سڏائين، پر سچو صوفي ڪروڙين مان ڪو هڪ لڀندو. ان نفس سارو جڳ ماري ناس ڪيو آهي. مئن ماريا جڳ سارا مئين ڪون ڪنهين نه ماريا، جنهن نفس کي لا جي ترار سان ماريو سو فهو الله ٿيو، جنهن نفس کي ماريو سو خاڪ ٿيو، جيڪو خاڪ کان پاڪ ٿيو سو پاڪ ٿيو“
”جنهن صوفيءَ کي اِن ٻڌل نفس جو چڪُ پيو ته ڪو نه اُسرندو. ذڪر واري ترار به ڇڏائي ويندس. صوفي کاڌي پيتي ڏي لڙيو ته نفس جو چڪ پئجي ويندس“
”اولياءَ (مرشد) هجي ڪامل، انکي ٻئي جهان ڏيو ته توهان کي دم عنايت ڪري. هُن جي ڏنل دم ۾ الله سمايل هوندو آهي“
”دنيا جي ماڻهو کي فقيري محبت ٻڌائڻ ايئن آهي جيئن ٻوڙي کي دُهل ٻڌائجي“

Sufi Faqir Darya Khan Zangejo صوفي فقير دريا خان زنگيجو



دريا خان زنگيجو

 فقير دريا خان زنگيجو، روحل سائين جن جو 4 نمبر پٽ هو ۽ سجاده نشين   ٿيو. سندس ولادت 1765ع ڌاري ٿي.  چيو وڃي ٿو ته فقير دريا خان پهريائين هڪ ڊاڪُو (چور) هوندو هو پر پوءِ فقيري سندن والد محترم کان ملين. صوفي روحل سائين جن پاڻ به هڪ ناميار معتبر ولي هئا. هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته صوفي دريا خان رات جي پهر ۾ ڪنهن وڏيري جي ڏاندن جو جوڙو ڪاهي اچي پهتو ته گهر وٽ سندس والد صاحب مليس چوڻ لڳو ته هي ڏسو بابا فلاڻي جا ڏاند ڪاهي آيو آهيان جيڪو پاڻ کي وڏو فنيخان ٿو سمجهين، تنهن تي سندس والد صاحب چيس ته جڳ جون چوريون ته گهڻئين ڪيون اٿئي، ڪجهه الله جي چوري ڪري ڏيکار ته مڃان توکي، تنهن تي صوفي دريا خان چيس ته هائو بابا اوهان گس ڏسيو ته آئون الله جي به چوري ڪري ايندس، تنهن تي سندس والد صاحب وضو ڪرڻ لاءِ فرمايو، دريا خان وِضُو ڪري آيو ته والد صاحب راهِ حقيقي جو رستو ڏسيو ۽ کيس پنهنجي هٿ تي بعيت ڏني ۽ ذڪر ڏنو ۽ پوءِ انهن ڏينهن کانپوءِ الله جو نام ئي جپندو رهندو هو، صبح شام ڏينهن رات ڪا خبر ئي ڪانه پوندي هيس نه ماني نه پاڻي بس الله جي نام ۾ مشغول ٿي ويو ۽ الله جي در جي به چوري ڪري ورتائين ۽ سندس نالو وڏن صوفين ۾ شمار ٿي پيو. سنڌي، سرائڪي ۽ هندي ۾ ڪافيون چيائين، جيڪي سڄي سنڌ ۾ مشهور ٿيون. مختلف قلمي نسخن ۾ سندس 37 ڪافيون ڏٺيون ويون، جن مان ڪي نموني طور هيٺ ڏجن ٿيون.

[88] روپ سسئي*
جوڳي جيءَ جڙ لائي ويا، تن جا مارين ٿا هنڌ ماڳ مڙهيون
        1. سامي سفر هليا، آهي پورڀ پنڌ پڇائي ويا
                        ٻنڌي ڪمر ڪُلابا ڪش ڪڙيون
.2      لاڳاپا هن لوڪ جا، اُهي لاهوتي سڀ لاهي ويا
                        ڏئي ترڪ طمع کي ويا تڙيون
3.      تال طنبورا سُر ڪري، اُهي روح ۾ رمز رهائي ويا
                        مون کي گهارڻ آيون هت گهڙيون
4.     دريا خان“ سڱيون سيل جون، اهي ويهي وِير وڄائي ويا
                        مَن ٻاجهه پوي تن ڪاپڙيون.

[89] روپ آسا
پُڇو پُڇو حال ٺڙي، سامي دا سَئيان
جهنگ پُڇيندا آندا، ميري مَن ڀاوندا
تــخت هزاري دا جوڳي آيا
تين وَت ڪيها ڪيها بيک بنايا
ويکو عجب خيال ڙي، سامي دا سئيان
                وَنجهُلي وڄاندا، ڳاندا چيٽڪ لاوندا
2.      عـــجب عــجائق ويـــس ڪــريندا
مـــوهــن مُرلي دي نــال مــريندا
سُڻ ڌُڻ ٿَيان سچال ڙي، سامي دا سئيان
                چشمان چاندا، ڪيهان رمزان رلاوندا
3.      اِهين جوڳي دي نال مئن جوڳڻ ٿـيسان
ڳــــل وچ خـرقا خاڪي مئن پئسان
برهه تهيندا برحال ڙي، سامي دا سئيان
                لئون جو لاندا، جاندا پيچڙا پاوندا
4.     دريـــا خان“ دلبر دل وچ وسدا
مــاهي مـــليا کيڙا نَسدا
ڪيتا نينہ نهال ڙي، سامي داسئيان
                پؤپؤ پاندا چاندا اڱڻ سُهاوَندا.


[90]
گهڙيءَ گهڙيءَ ۾ آءٌ ٿيان گهور
ناتي لائڻ سان، نينهن نڀائڻ سان
.1      اکڙيون اَڙائي وڌءِ ڦاسائي، جهڪڻ لائي جهور، * 
                چشمن چائڻ سان، وري واجهائڻ سان
من اسان جو مست ڪيو آهه، ٽلڻ تنهنجي ٽور
                قدم اُٺائڻ سان، وکڙي وڌائڻ سان
ٿورو ڪري اچ پير ڀري سائين، اور اچي ڪا گڏ اور
کلڻ ڳالهائڻ سان، ٻولن ٻڌائڻ سان
دوست ”دريا خان“ جي دلڙي لُٽي آهه، مرڪڻ تنهنجي مور
حڪم هلائڻ سان، ماري مڃائڻ سان

پنهنجا رايا ڏيو