بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Sakhi Jam Datar سخي ڄام ڏاتار


سخي ڄام ڏاتار


نامور بزرگ سخي ڄام ڏاتار ڏهين صدي هجري جي اوائل ۾ ٿي گذريو آهي. هن جو تعلق سمن جي دور سان آهي . هيءُ شهيد مخدوم بلاول جو اهم خليفو هو. روايت آهي ته هيءُ غوث بهاوالدين ذڪريا ملتاني جي درگاه ڏانهن جيڪي لاڙ واريون جماغتون ڊٺڙي جي واٽ سان وينديون هيون سي ڄام ڏاتار وٽان دعا گھري پوءِ اڳتي وينديون هيون . آسپاس جا ماڻهو ڄام ڏاتار ۾ عقيدت رکندا هئا . ان عقيدي جي خاص صورت اها هئي جو هو ڦنڊر باسيندا هئا . اها رسم آڳاٽي دور کان هلندي پئي اچي ئ تحفته الڪرام۾ ليکڪ لکي ٿو ته ؛ ميران محمد جونپوري جي تبليغ سبب سنڌ جي مذهبي ماحول ۾ سخت ڇڪتاڻ پردا ٿي مخدوم بلاول ۽ سندس خليفن ميران محمد جونپوري جي سخت مخالفت ڪئي . شاه بيگ ارغون ميران جونپوري جو معتقد ٿي پيو ۽ سنڌ تي قبضي کانپوءِ مهدوين شاه بيگ ارغون جو ساٿ ڏنو جنهن مخدوم بلاول سميت ڪافي خليفن کي شهيد ڪرائي ڇڏيو انهن خليفن ۾ سخي ڄام ڏاتار به چيو وڃي ٿو ان حوالي سان هيءُ بلاولي تحريڪ جو اهم رڪن سڏيو ويو آهي. جنهن کي مخدوم بلاول کانپوءِ شهيد ڪيو ويو هو. ڄام ڏاتار جو ،قبرو ضلعي بينظير آباد (نوابشاه) ۾ آهي. هي درگاه ٽيهن ايڪڙن جي مقام ۾ قائم آهي . جنهن ۾ 120 کن اوتارا آهن . هي درگاه اوقاف کاتي جي حوالي آهي . درگاه تي هر سال ربيع الاول مهيني ۾ پهرين سومر تي عرس ۽ ميلو لڳندو آهي.
هڪ ٻي روايت موجب ڄام ڏاتار جو اصل نالو علي اصغر شاه هو. جيڪو نقوي سادات گھراڻي ۾ 623هه ڌاري ڄام صاحب کان اولهه سيد آباد ڳوٺ (جيڪو هن وقت کنڊر بڻيل آهي) ۾ ٿيو هو.ان روايت موجب .هن اچ۽ ملتان ۾ تعليم ورتي هئي. سيد علي اصغر شاه هتي اچي مدرسو قائم ڪيو ۽ سندس وفات 700هه ۾ ٿي .


 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو