بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Sufi Faqir Darya Khan Zangejo صوفي فقير دريا خان زنگيجو



دريا خان زنگيجو

 فقير دريا خان زنگيجو، روحل سائين جن جو 4 نمبر پٽ هو ۽ سجاده نشين   ٿيو. سندس ولادت 1765ع ڌاري ٿي.  چيو وڃي ٿو ته فقير دريا خان پهريائين هڪ ڊاڪُو (چور) هوندو هو پر پوءِ فقيري سندن والد محترم کان ملين. صوفي روحل سائين جن پاڻ به هڪ ناميار معتبر ولي هئا. هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته صوفي دريا خان رات جي پهر ۾ ڪنهن وڏيري جي ڏاندن جو جوڙو ڪاهي اچي پهتو ته گهر وٽ سندس والد صاحب مليس چوڻ لڳو ته هي ڏسو بابا فلاڻي جا ڏاند ڪاهي آيو آهيان جيڪو پاڻ کي وڏو فنيخان ٿو سمجهين، تنهن تي سندس والد صاحب چيس ته جڳ جون چوريون ته گهڻئين ڪيون اٿئي، ڪجهه الله جي چوري ڪري ڏيکار ته مڃان توکي، تنهن تي صوفي دريا خان چيس ته هائو بابا اوهان گس ڏسيو ته آئون الله جي به چوري ڪري ايندس، تنهن تي سندس والد صاحب وضو ڪرڻ لاءِ فرمايو، دريا خان وِضُو ڪري آيو ته والد صاحب راهِ حقيقي جو رستو ڏسيو ۽ کيس پنهنجي هٿ تي بعيت ڏني ۽ ذڪر ڏنو ۽ پوءِ انهن ڏينهن کانپوءِ الله جو نام ئي جپندو رهندو هو، صبح شام ڏينهن رات ڪا خبر ئي ڪانه پوندي هيس نه ماني نه پاڻي بس الله جي نام ۾ مشغول ٿي ويو ۽ الله جي در جي به چوري ڪري ورتائين ۽ سندس نالو وڏن صوفين ۾ شمار ٿي پيو. سنڌي، سرائڪي ۽ هندي ۾ ڪافيون چيائين، جيڪي سڄي سنڌ ۾ مشهور ٿيون. مختلف قلمي نسخن ۾ سندس 37 ڪافيون ڏٺيون ويون، جن مان ڪي نموني طور هيٺ ڏجن ٿيون.

[88] روپ سسئي*
جوڳي جيءَ جڙ لائي ويا، تن جا مارين ٿا هنڌ ماڳ مڙهيون
        1. سامي سفر هليا، آهي پورڀ پنڌ پڇائي ويا
                        ٻنڌي ڪمر ڪُلابا ڪش ڪڙيون
.2      لاڳاپا هن لوڪ جا، اُهي لاهوتي سڀ لاهي ويا
                        ڏئي ترڪ طمع کي ويا تڙيون
3.      تال طنبورا سُر ڪري، اُهي روح ۾ رمز رهائي ويا
                        مون کي گهارڻ آيون هت گهڙيون
4.     دريا خان“ سڱيون سيل جون، اهي ويهي وِير وڄائي ويا
                        مَن ٻاجهه پوي تن ڪاپڙيون.

[89] روپ آسا
پُڇو پُڇو حال ٺڙي، سامي دا سَئيان
جهنگ پُڇيندا آندا، ميري مَن ڀاوندا
تــخت هزاري دا جوڳي آيا
تين وَت ڪيها ڪيها بيک بنايا
ويکو عجب خيال ڙي، سامي دا سئيان
                وَنجهُلي وڄاندا، ڳاندا چيٽڪ لاوندا
2.      عـــجب عــجائق ويـــس ڪــريندا
مـــوهــن مُرلي دي نــال مــريندا
سُڻ ڌُڻ ٿَيان سچال ڙي، سامي دا سئيان
                چشمان چاندا، ڪيهان رمزان رلاوندا
3.      اِهين جوڳي دي نال مئن جوڳڻ ٿـيسان
ڳــــل وچ خـرقا خاڪي مئن پئسان
برهه تهيندا برحال ڙي، سامي دا سئيان
                لئون جو لاندا، جاندا پيچڙا پاوندا
4.     دريـــا خان“ دلبر دل وچ وسدا
مــاهي مـــليا کيڙا نَسدا
ڪيتا نينہ نهال ڙي، سامي داسئيان
                پؤپؤ پاندا چاندا اڱڻ سُهاوَندا.


[90]
گهڙيءَ گهڙيءَ ۾ آءٌ ٿيان گهور
ناتي لائڻ سان، نينهن نڀائڻ سان
.1      اکڙيون اَڙائي وڌءِ ڦاسائي، جهڪڻ لائي جهور، * 
                چشمن چائڻ سان، وري واجهائڻ سان
من اسان جو مست ڪيو آهه، ٽلڻ تنهنجي ٽور
                قدم اُٺائڻ سان، وکڙي وڌائڻ سان
ٿورو ڪري اچ پير ڀري سائين، اور اچي ڪا گڏ اور
کلڻ ڳالهائڻ سان، ٻولن ٻڌائڻ سان
دوست ”دريا خان“ جي دلڙي لُٽي آهه، مرڪڻ تنهنجي مور
حڪم هلائڻ سان، ماري مڃائڻ سان

Sufi Mahdi Faqir Jahania صوفي مهدي فقير جهانيان



صوفي مهدي فقير جهانيان

غلام مصطفى ڪانڌڙو
سنڌ جي اولياءَ اڪرام ۽ بزرگن سنڌي ساهت کي سينگارڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. جن پنهنجي شعر ۽ حسن اخلاق جي بدولت ڪيترن ئي ڀٽڪيل انسانن کي راهه راست تي گامزن ڪيو ۽ ڪيترن ئي فضول رواجن کي اچي ختم ڪيو. جيڪي غيرن جي تسلط ڪري رسمن جي مٿان مروج ٿي ويا هئا. حقيقت اها آهي ته اسان جي سنڌ جا صوفي بزرگ اسان جي سنڌ جو سينگار آهن. هڪ باغ جا سهڻا گل آهن. ڪو شاهه عبدالطيف آهي ته ڪو سچل سائين ته ڪو شاهه عنايت ۽ حمل بيدي آهي. جتي سنڌين جي ٻين بزرگن جو ذڪر اچي ٿو اتي سائين مهدي شاهه جهانيان کي وساري نه ٿو سگهجي. جنهن پنهنجي شعر جي ذريعي اسان کي وحدانيت محبت، امن  ۽  ڀائيچاري جو پيغام ڏنو آهي. سائين مهدي شاهه جهانيان جو شمار سنڌ جي ڪامل ولي بزرگن ۾ ٿئي ٿو. جن جي زندگي جي رهڻي ڪهڻي تمام  سادي هوندي هئي.  مير سفر گهڻو ڪندا هئا. سنڌ جي عام روايت موجب سندن وٽ ڪچهري سدائين متل هوندي هئي. سندن گفتگو عارفانه ۽ فصيحانه هوندي هئي. ڪيترائي ماڻهو سندن قربن ڀري زندگي مان فيض حاصل ڪندا هئا. پاڻ وقت جا قلندر هئا. ڪڏهن دنيا دولت کي پاڻ وٽ نه رکيائون. فقيراڻي ، الفي ۽ پيرن ۾ ڇير ٻڌل هوندي هئي. موسيقي سان گهڻو پيار هوندو هئن. سندن ڪچهري ۾ هميشه صوفيانه راڳ رنگ جي محفل گرم هوندي هئي. ڪنهن وقت وجد ۾ اچي پاڻ به ڳائيندا هئا ۽ ڳائيندي جذب وچان نچڻ به شروع ڪندا هئا. سندن هڪ هڪ دم الاهي ذڪر کان خالي نه هئي. پاڻ قادر ڪلام شاعر هئا. شعر ۾ فرمائن ٿا ”دم ريڌاوتون دم دم سان، ڪارناهيدن ٻئي ڪم سان، نانگا نيارا آهيون نوري جوڙ ناهيون جم حم سان، عشق امر جا عاشق آهيون صورت وري سمس سم سان، معرت آهي ماڳي اسان جو حقيقي هم هم سان، هر مظهر جو مهدي مالڪ گڏيل ناهيو ڪم ڪم سان“.
فقير سائين مهدي شاهه جن معرفت طريقن حقيقت جا سڀ ماڳ ماڻيان ٿو وڌيڪ بهتر ٿيندو ته فقير سائين مهدي شاهه جن جي زندگي جو احوال به اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪجي. سائين مهدي شاهه جن شاهپور جهانيان جي تاريخي شهر ۾ ڄاوا سندن ننڍپڻ جو ڪافي زمانو ڳوٺ مدر علي وڳڻ تعلقه نواب شاهه ۾ گذاريو. پاڻ ڳوٺ جي هڪ مدرسي ۾ سنڌي عربي، فارسي تعليم حاصل ڪئي. 12 سالن جي عمر ۾ سڀ تعليم حاصل ڪري مدرسي کي الوداع چيائون.
پاڻ بچپن ۾ ئي پنهنجي والد سيد امام عبش شاهه جي زير اثر رهيا ان ڪري سندن زندگي ننڍپڻ کان ئي عارفانه رنگ ۾ رنگجي وئي. سندن ڪنب حضرت امام علي نقي عليه السلام جن سان ملي ٿو. هڪ ڏينهن جو ذڪر آهي ته پاڻ پنهنجي هڪ مريد وٽ جنهن جو تعلق رياست خيرپور ميرن سان آهي، قيام پذير هئا. هڪ ڏينهن منجهند جي وقت جيئن پاڻ آرام ڪرڻ واسطي پنهنجي ڪمري جو در بند ڪري ڪڙو ڏئي بستري تي ستا هئا ته هڪ آواز آيو ته اٿي سجاڳ ٿيو، اڃان ستاپيا آهيو. پاڻ ڇرڪ ڀري اٿيا ۽ دروازي ڏانهن ڏٺائون ته بند هو. وري آواز آيو پاڻ ڪمري جي چئني پاسي نظر ڦيرائون ته سيراندي واري پاسي هڪ سفيد پوش بزرگ نظر آيو، پاڻ بزرگ کي عرض ڪيائون ته اوهان ڪير آهيو ته بزرگ فرمايو ته نه پڇو ته بهتر آهي. پاڻ گهڻو اسرار ڪيائون ته بزرگ چيو ته نه پڇو ته بهتر آهي نه ته اوهان جي زندگي جو سڪون هليو ويندو،  پاڻ فرمايوئون ته اسان کي قبول، بزرگ فرمايو ته مون کي قلم ۽ پين ڏيو. ان بزرگ پني تي لکيو حسين عليه  ابن علي. ان بعد کين بارگاهه الاهي جي تلقين ڪندي بزرگ نظر کان اوجهل ٿي ويو. پاڻ ڏينهن کان سٺا ويس ترڪ ڪري گيڙو الفو پاتائون ڪڏهن به کٽ تي نه ستا نه سٺو طعام کاڌائون انهي مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته فقيرن سائين مهدي شاهه جن کي تلقين حسين عله ابن علي عليه السلام جن وٽان  ملي. ڪجهه خطابن ۾ رکيو ويو آهي ته پاڻ سائين روشن علي جا طالب هئا. اهو غلط آهي کين باطني تلقين سڌي حسين عليه السلام ابن علي عليه السلام جن وٽان ملي ۽ ظاهري طلب پنهنجي والد بزرگ وار سيد امام  عبش شاهپور تان ملي هڪ دفعي جو واقعو آهي ته پاڻ شاهپور  جهانيان ۾ پنهنجي خانقاه جهانيان تي تشريف فرما هئا ته هڪ شخص محمد موسيٰ ڪورائي آيو. جيڪو پٽ جي اولاد لاءِ سوالي بنجي آيو هو، 4-5 ڏينهن لاڳيتو ڪچهري ۾ اچي ويهندو هو پر عرض نه ڪري سگهندو هو. هڪ ڏينهن فقير سائين جن سڏي کيس چيو ته جنهن وقت هتان ٻاهر نڪري وڃان ته منهنجي حقي مان جيتريون ڦوڪون ڀريندي اوترا پٽ ٿيندا  جنهن تي فقير توکي منع ڪندا پر تون زوري اهو عمل ڪري وٺجان ٿيو ائين هڪ ڏينهن فقير سائين جن ٿورو ٻاهر اٿي ويا. موسيٰ تاڙ ۾ ويٺو هو ۽ اچي پنج ڦوڪون ڀري ورتائين ايستائين فقير پهچي ويو ۽ ان شخص کي اتان هٽائي ڇڏيائين خدا جي قدرت جو محمد موسي کي پنج پٽ ڄاوا جيڪي اڄ زنده آهن ۽ فقير سائين جن ڪرامات جي گواهي ڏئي رهيا آهن.
فقير سائين جن جون ڪيتريون ئي ڪرامتون آهن جن کي بيان ڪرڻ سان مقابلو وڌي ويندو ٻين موقعن تي باقي ڳالهيون به انشاءَ الله ضرور بيان ڪندس. پاڻ 30 رجب تي بمطابق 3 آڪٽوبر 1962ع ۾  صوڀي ديري لڳ مير خان ساهاڻي ۾ وفات . وفات کان ڪجهه دير اڳ ۾ پاڻ سڀني قرب وارن طالبن مريدن دوستن سان آخر ۽ ملاقات ڪرڻ ويا ۽ يڪ تاري تي هڪ قصا کي ڪهڙي قدرت وساريان نه وحدت، ان بعد اچي  بستري تي ليٽي پيا ۽ ائين سندن روح پرواز ڪري مالڪ حقيقي تائين پهچي ويو. سندن جسم مبارڪ شاهپور جهانيان نيو پئي  ويو ته هڪ ڪڪر جيڪو صوڀي ديري کان اٿيو ۽ سندن جسم مبارڪ مٿان سايو ڪندو ۽ بوند وسائيندو شاهپور  جهانيان تائين گڏ هلندو رهيو. اهو ڪرشمو موري جي ڪيترن دوستن ڏٺو. مون خود پنهنجي گنگهار اکين سان هي ڪرشمو ڏٺو. جو بادل به سدن وفات تي ڏک جو اظهار ڪري روئي کين خراج عقيدت پيش ڪري رهيا هئا.


Syed Roshan Ali Shah Jahania سيد روشن علي شاه جهانيان



سيد روشن علي شاه جهانيان

سيد روشن علي شاه حيدرآباد جو هڪ مشهور صوفي بزرگ ٿي گذريو آهي. هي 1862 ۾ ڄائو ۽ جهانيان جهانگسٽ ۽ جلالُ الدين سرخ-پوش بخاري جي خاندان مان هو. سندس خاندان جو ان نقوي(امام نقي علي الحادي جي اولاد) خاندان سان تعلق آهي جيڪي اُچ شريف ۽ جهانيان ۾ رهندا هئا. سندس وڏا اُچ شريف مان لڏي اچي سنڌ ۾ رهيا. سندس پيءُ سيد قطب علي شاه جهانيان پڻ ٽنڊي جهانيان، سنڌ جو مشهور صوفي بزرگ ٿي گذريو آهي جتي سندس اولاد اڃا تائين رهي ٿو. هيءُ هڪ صوفي ۽ عظيم شاعر ٿي گذريو آهي.
سيد روشن علي شاه، سيد قطب علي شاه جي گهر ۾ ڄائو جيڪو پڻ جهانيان خاندان جو هڪ عظيم صوفي بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس پيءَ تمام گهڻا سال پهاڙن ۾ روحاني سادگي سان گذاريا. سيد قطب علي شاه، روشن جي شروعاتي پڙهائي ۽ تربيت لاءِ خصوصي ڌيان ڏنو. جڏهن 20 سالن جو هو ته تمام گهڻو خوبصورت ۽ سٺو ڏسندڙ هو. هڪڙي ڏينهن هي ڪنهن ويجهي ڳوٺ ۾ ڪنهن محفل ۾ ويو ته اتي هڪ عورت سندس عشق ۾ جڪڙجي وئي. روشن ان کان پڇيو ته “مون ۾ اهڙو ڇا آهي جنهن توکي مون ڏانهن ايڏو ڇڪيو آهي؟” آرام سان هن جواب ڏنو ته، “آئون تنهنجي وارن سان محبت ڪريان ٿي”.  ۽ فورن سيد روشن حجام وٽ ويو ۽ مٿو ڪوڙائي آيو ۽ وار ڪنهن ڪپڙي جي ٽڪر ۾ وجهي ان عورت جي حوالي ڪيائين ۽ چيائين “هي حصو وٺ جنهن سان توکي محبت آهي ۽ تعريف به ڪئي. مهرباني ڪري هن کي پان سان گڏ رک”. پوءِ بنا ڪنهن خيال ڪرڻ جي اهي ورتائين. سندس پيءُ سندس روحاني اُستاد بڻيو. هي سندس پيءُ جو وڏي ۾ وڏو مريد ۽ نسبتي هو. هي پنهنجي ڪامل مرشد جي رهنمائي هيٺ روحاني صلاحيتون سکيو ۽ عمل ڪيائين. پنهنجي مرشد جي شان  ۽ مريدي بابت روحاني بيت لکيائين. سندس گهڻو ڪري ڪلام مذهبي ۽ تاريخ تي مُبني آهي. هيٺ “گلشن روشن” مان ورتل ڪجهه اردو شاعري ڏجي ٿي جيڪا ڪربلا جي غمگين واقعي سان تعلقي آهي.

کربلا کا صفر شهه ني کِيا راهِ خدا مين
شبير کا سب قنبا لُڻا راهِ خدا مين

عباس کي بازُو کڻي اکبر گئي ماري
اسغرسا پيسار شاه ني دِيا راهِ خدا ۾

سر سبز رهي دُنيا مين اولاد کا گُلشن
روشن کو بهي اب بخشو شِفا راهِ خدا مين
...

Bhagat RasingRam ڀڳت راسينگرام



ڀڳت راسينگرام

ڀڳت راسينگرام جو جنم ڀائي ايسرداس وسنداڻي نکه سوميسر ذات برهم کتريءَ جي گهر ۾ تاريخ 24 اسو سنبت 1882 شهر مٽياريون تعلقو هالا ضلع حيدرآباد سنڌ ۾ ٿيو. هيءُ قد جو ڊگهو ۽ بدن ۾ پورو پنو هو. مٿي تي پٽڪو، بدن تي قميص ۽ ڌوتي پائيندو هو. ڏاڙهي رکيل هيس. سدائين نماڻو ٿي ايشور جي ڀڄن ۾ محوُ رهندو هو.
هي گرهستي هو. اباڻي ڪرت ڪپڙي جي ڇپائيءَ ۽ رنڱائيءَ جو ڪم ڪندو هو. پنهنجي ٻين ڪٽنبين سان گڏ رنڱاوت جو ڪم ڪندو هو جو سڀئَي گڏ هئا. ننڍي هوندي کان ٿورو گهڻو ايشور ڏانهن لاڙو هوندو هوس پر جڏهن پنجويهن ورهين جو ٿيو تڏهن سڄو ڌيان ايشور ۾ لڳائڻ لڳو ۽ ڀڳتيءَ ڏانهن پورو ۽ پڪو لاڙو ٿي ويس. پوءِ گروءَ جي تلاش ڪيائين. ڳوٺ تنو جي وسِيءَ ۾ ڀائي پرم هنس شش ٻائي گلابداس کي پنهنجو گرو ڪري ان کان گر منتر ورتائين ۽ گلابداسي پنٿ اختيار ڪيائين جو آخر تائين ان ۾ رهيو. سندس پويان هاڻي پاڻ کي گلابداسي سڏائيندا آهن. هنن جي نمسڪار يا کيڪار جو اکر “جئي مهاراج” آهي. هن کي ڀڳتي جي ايتري لگن لڳل هئي جو هو روزانو پرڀات جو ٽئي ميل پنڌ ڪري مٽيارين مان تنوءَ جي وسين گروءَ وٽ درٻار ۾ ويندو هو ۽ اتان موٽي اچي پنهنجي روزاني ڪم ڪار کي لڳندو هو.
جڏهن پرماتما جو پورو پورو عشق لڳس تڏهن انهيءَ جا گڻادواد ڳائڻ لڳو ۽ بي اختيار ڀڄن ۽ سلوڪ ويٺو چوندو. جي پوئي وري انهن کي ياد ڪري وهي لکندو هو. هڪ ڪتاب لکيائين جنهن ۾ ٻه ٽي سئو ڀڄن ۽ ڪيترائي سلوڪ سندس ٺاهيل لکيل آهن. اهو سندس هٿ اکر لکيل ڪتاب قلمي نسخو ته سندس اولاد وٽ آهي باقي ان تان نقل ڪيل ڀڄن شلوڪ سڀ مورُو مل ڌانڌا وٽ پڻ آهن، جو اڃا ڇپيو ڪونهي. هت فقط نموني طور ڀڄن ۽ شلوڪ لکجن ٿا پر سندس واڻي گهڻو ڪري هندي ڀاشا ۽ پنجابي ڀاشا جا اکر مليل جليل سان گڏ آهي ۽ ڪٿي ڪٿي سنڌي اکر ۽ لفظ به ڪتب آندا اٿس. چڱو ڪوي هو.
            هڪ ڏينهن گروءَ کي ڀڄن ڳائيندي چيائين: “ڪرون آزي سنو شاه جي ٿيوين “راسينگه تي راضي”. پوءِ هي مٽيارين مان لڏي سنبت 1961 وڪرمي ۾ اچي نوابشاه ويٺو. پڇاڙيءَ تائين اتي ئي رهيو.
نوابشاه ۾ تاريخ 10 ڪَتي سنبت 1965 وڪرمي ۾ هن فاني دنيا کي الوداع ڪري پرلوڪ پڌاريو ۽ وڃي وئنڪٺ ۾ واسو ڪيائين. سندس ڪي نشانيون اڃا سندس پوٽن وٽ رکيل آهن.
شلوڪ
جوڳه ڪريئَي جان م ڪيا ڀمي برهمنڊ،
دم سين ڌيان لڳائيي جوڳه ڪجي اکنڊ ،
“راسينگه” ٻيو سڀ پاکنڊ، سونهون بن سنسار ۾.

زباني ذڪر جي ڇا کي جکين جکه،
پرو پوندءِ ڪو نڪو توڻي ذڪر ڪرئين لکه،
“راسينگه” تڏهن پوي پرکه ، جڏهن ڪرين ذڪر قلوب ۾.

جي گڏجين پرينءَ کي ته ڪر وطن کي توائي،
واڪا ڪندي ويڙه ۾ ويندء عمر اجائي،
لنو لالن سي لائي، ته رچين “راسينگه” رنگ ۾.

جي نه گڏيون پرين کي، تن کي پورن مٿي پور،
وڇوڙي جي ورهونءَ جا سوءرن،
مٿي سوءر گڏجون سي حضور رتيون “راسينگه” رنگ ۾.

قلمي ذڪر ڪامل ستگوروءَ بتايو،
اٺئي پهر الاهوء الاهوء، وڃي پساه ۾ ملايو،
پوء “راسينگه” رلايو، دم دوست جي دم ۾.

Faqir Ghazi Ghamksar فقير غازي غمڪسار



فقير غازي غمڪسار

موڪليندڙ: راشد ٻرڙو
شهنشاه هادي شافي ، مڪمل ڪامل صاحب صوفي ، فقير غازي غمڪسار سائين ولد حضور جان محمد سائين سندن درگاه شريف مئخانه ڳوٺ رفيق مهيسر تعلقه ڪنگري ضلع خير پور ميرس ۾ آهي (اهو سندن اصل ڳوٺ نه هيو ) سندن ولادت با سعادت تاريخ 9 شعبان 1307هه بروز آچر وقت صبح ڳوٺ ( حافظ سڄڻ مهيسر ) درياءَ جي ڀرسان ڪچي ۾ ٿي . ۽ اهو سندن اصل ڳوٺ هيو پاڻ ۾ ٻه ڀائر هئا . فقير محمد عثمان سائين ۽ فقير عبدالرحمان سائين وحدت ۾ اسم غازي غمڪسار پيو . پاڻ جڏهن ٻن سالن جا ٿيا ته سندن والد سڳورو هي فاني جهان چڏي ويو . ۽ ڇهن سالن جي ڄمار ۾ سندن والده ماجده
سڳوري به رحلت فرمائي وئي . بعد ۾ مامي سڳوري پاڻ وٽ رهايو ۽ پاڻ مامي جو مال چارڻ لڳا ۽ غربت جي ڪري اڪثر ميرن ۽ ڦاٽل ڪپڙن ۾ گذاريندا هئا . ٿورا وڏا ٿيا ته سندن مامي سڳوري ٻنهي ڀائرن کي امروٽ شريف واري مدرسي ۾ چڏي آيو ، جتي ديني تعليم سان گڏ عربي ۽ فارسي تعليم مڪمل ڪري دستار بند عالم ٿيا . پر ازل کان حضرت عشق جي چڻنگ چولي ۾ پيل هئي . سندن والده ماجده سڳوري
کي پير سائين پاڳاري حضرت علي حيدر نر ، سڳوري دعا فرمائيندي ٻڌايو هو ته توهان کي اهڙا ٻه نينگر ٿيندا جيڪي تمام وڏي درجي جا ڪامل اولياءَ هوندا . ان دعا جو تاثير پيدا ٿيندي . غازي غمڪسار سائين جن وٽ روحي اسرار نمودار ٿيڻ لڳو ۽ پير طريقت ڪامل مرشد وٺڻ لاءِ باطني اشارو ملين . ان بعد ڪامل مرشد حاصل ڪرڻ جي تلاش ۾ نڪري پيا . جتي جتي الله وارو فقير ٻڌن پيا ، اوڏانهن وڃن پيا . اڪثر ڪشالا ڪري سنڌ جون درگاهون گھمڻ لڳا .جڏهن حضرت سچل سرِمست سائين جي درگاھ تي اچي رهيا ته ان وقت فقير سائين سخي قبول محمد گادي نشين هئا . گادي ڌڻيءَ سان مليا ۽ پڇڻ تي پنهنجو احوال غازي غمڪسار سائين جن پيش ڪيو ۽ طالب ٿيڻ لاءِ اظهار ڪيائون .ته گادي ڌڻي پاڻ وٽ ڪافي ڏينهن رهايو ۽ روحي رنگ پيدا ٿيڻ ته نظر ڦيريائون فقير سائين جو باطني حال خيال ڏسي فرمايائون ته توهان تي قادر ڪريم ، جي ايتري روحي مهر نظر هن وقت بيٺل آهي . جيتري اسان کي روحي سمجهه بخشي وئي آهي.توهان اهڙو مرشد پاڪ تلاش ڪيو جيڪو توهان کي وڌيڪ روحي الاهي اسرار جي سمجهه ڏئي سگھي . بعد ۾ فقير غازي غمڪسار سائين جن سچل سائين تي ٽي مهينا رهي ويراڳ ٻڌو ۽ روحي سڪون ماڻيو .آخر موڪلائي وري مرشد پاڪ جي تلاش ۾ نڪتا . سفر تئه ڪندا الله وارن جا آستانا گھمندا گھمندا لقمان شريف لڳ خير پور ميرس پهتا ، ان وقت والي رياست مير علي نواز هيو ۽ لقمان شريف ۾ ڪامل اصفياء حضور فقير هادي علي محمد سائين جمالي جن وٽ آيا . فقير سائين جن اڪثر خلق خدا کي راه هدايت وارو فيض ڏيندا هئي ۽ هتي اڪثر سوالن جا سوال درٻار الاهي ۾ منظوري سان پورا ڪندا هيا . مگر طالب گھڻا ڪونه
ڪندا هئا . جڏهن غازي غمڪسار سائين جن پنهنجو احوال ٻڌايو ۽ طالب ٿيڻ جو عرض رکيائون ته ٿورن ڏينهن ۾ قبول پيو تمام سرهائي حاصل ٿيڻ ۽ مرشد جو هٿ ورتائون .عشق الاهي ۾ ايترو ته مهو هيا ، جو گھر ۽ مٽن مائٽن جو ڪوبه فڪر نه رهيو ، اڪثر ڪري مولا پاڪ جي محبت عجز عاجزي ، هيٺاهون حال اميد ، خشوع ۾ مرشد پاڪ جي خذمت ۽ رياضيت ۾ ۽ مرشد پاڪ جي سمجهايل قلبي ذڪر ۾ گذاريندا هئا . پنجويهه سال جيستائين مرشد پاڪ جي ظاهر ديهي هئي ته خذمت ۾ رهيا ان وقت لقمان شريف جي بازار ۾ هڪ الله واري درويشياڻي مائي ڏتي فقيرياڻي رهندي هئي .هن وٽ ڪافي ماڻهو عرض کڻي ايندا هئا . هي مستيءَ جي خيال ۾ هوندي هئي .۽ نانگي ويهندي هئي ، پر جڏهن اتان فقير علي محمد سائين يا غازي غمڪسار
سائين جن جي آمد ٿيندي هئي چوندي هئي ته لٽو ڏيو مان پاڻ کي ويڙهيان مرد ٿا اچن ، ان فقيرياڻي جو قبو خيرپور ۾ اسٽيشن روڊ تي ٺهيل آهي . ان وقت مير علي نواز خان وٽ ولايت مان هڪ ماڻهو پروانو کڻي آيو .جنهن ۾ هڪ شعر گرو نانڪ سائين جو لکيل هيو جنهن جي پڙهڻ سان هر شيءِ جي اسم مان حضور پاڪ صلي الله عليه وسلم جن جو اسم پاڪ ٺهي پيو . ان جي ڀيٽ ۾ اها تلاش هين ته ڪوئي اهڙو الله جو درويش فقير ملي جو اهڙو شعر ٺاهي ڏي جنهن جي پڙهڻ
سان هر شيءِ مان اسم الله جي ذات جو ٺهي پوي ته ان کي سون ٺهڻ جو ڪيميائي نسخو ڏينداسين جڏهن اهو شعر فقير علي محمد سائين جن وٽ کڻي آيا .ته ان وقت پنهنجي طالب فقير غازي غمڪسار سائين جن کي حڪم فرمايائون ته اهڙو شعر هاڻي جو هاڻي انهن کي لکي ڏيو شعر جيڪو لکي ڏنائون سو هيٺ لکجي ٿو،

ذات الله جي اثيات آ هر شيءِ جي اســم انـــــــــــــــدر ،
هر اسم ابجد ۾ ڪڍي 5 سان ضرب ڪري 6 جوڙ ڪري ،
6 سان اگتي ضرب ڪري پوءِ 30 جي ونڊ جو فڪر ڪر ،
جو بچي 10 سان ضرب ڪري 7 ملائي الله اثـــــياب ڪر ،
غمڪسار هن معماء سان لاتحريڪ ذرته جو يقين ڪامل ڪر .

گرو نانڪ سائين جو بيت هيٺ لکجي ٿو ؛

نـــــــام لـــــيو جس کا اسي کــر دو چئو گـــنٽا ،
دو اور ملاکر پنج گنٽا کر دو بيسوا ديو اڙا ،
جو نچي اسي نو گنا کر دو دو اور مـــــــــــــلا ،
اس پد سي نـــــانــــــڪ ”محـــــــمد“ ليوو بنا .

بعد ۾ ڪيميا جي نسخي وٺڻ لاءِ چيو ويو مگر فقير علي محمد سائين جن فرمايو اسان کي ان نسخي جي ضرورت نه آهي ۽ نه ورتائون . ڇو ته سندن پاڪ نظر ئي ڪيميا هئي . پاڻ وڏا علامه ۽ مفتي هيا . سندن هٿ اکرن سان عربي فارسي ۾ ڪيترائي درسي ڪتاب لکيل آهن پنهنجي هٿ اکرن سان قرآن پاڪ جا نسخا سون ، چاندي ۽ زعفران جهڙين قيمتي شين سان لکيل آهن . سندن اکر مبارڪ به اهڙا هيا .جو مشين به اهڙو چاپو مشڪل ٺاهي سگھي . اڄ به اهي سڀ شيون سندن درگاھ تي لقمان شريف ۾ موجود آهن . جيڪي فقير سائين ولي محمد جمالي جن جي زير نگراني آهن . فقير علي محمد سائين جن ساري عمر شادي نه ڪيائون ، سندن شاهي گھراڻي جي هجڻ باوجود به سادگي واري زندگي اختيار ڪيائون ، وٽن ڪو سوالي سوال پورو ٿيڻ تي مٺائي يا روڪ رقم کڻي ايندو هيو ته لقمان شريف جا ننڍا ٻارڙا انتظار ۾ هوندا هيا . ته فقير سائين وٽان اهي ماڻهو وڃن ته اهو سڀ ڪجھه اسان کڻون ۽ ان عمل ۾ فقير سائين ڏاڍا خوش ٿيندا هئا ۽ راضي هوندا هئا . ۽ پاڻ وٽ بچائي نه رکندا هئا . پاڻ حڪمت جا به صاحب هوندا هئا .
مطلب ته ظاهر علم جا گوهر هوندا هئا . حڪمت ۾ اعلي حڪيم ۽ ڪامل اوليائن ۾ گوبر فقير هوندا هئا . اهڙا ڪامل ، اڪمل ۽ مڪمل مرشد پاڪ غازي غمڪسار سائين جن کي مليو . جتان وڌيڪ حضرت عشق جي چاڙهي چڙهي فيضياب ٿيا .

مرشد پاڪ جي ظاهر ديهي مٽڻ بعد ٽنڊي مستي ڳوٺ ۾ فيض واھ جي ڀرسان درگاھ حضرت سيد عبدالقادر جيلاني بادشاھ جي روضه اقدس تي ڏھ سال رهي روحي عبادت ذريعي ڪيتريون ته باطني منزلون طئه ڪيائون. اهڙي طرح اندازن چاليھه سال رب پاڪ جل جلاله جي ريجهائڻ خاطر الله الله ڪرڻ ۾ مشغول رهيا . بعد ۾ واپس اچي تعلقي ڪنگري جي ڳوٺ رفيق مهيسر ۾ مڪمل رهائش پذير ٿيا . هن ڳوٺ ۾ رهڻ سان فقير سائين جن کي شروع ۾ ڪافي تڪليفون ڏنيون ويون . مثلاۡ ويراڳ جي ٻڌڻ تي اعتراض کڙا ٿيا . ڪورٽن ۾ ڪيس ڪيا ويا . چوريون ڪرايون ويون مطلب ته ڪافي اهنجن مٿان اهنج ڏنا ويا . پر پاڻ بنا ڪنهن گهبراهٽ جي حقيقي عشق ۾ محول رهيا ۽ خلق خدا اچڻ لڳي جن کي لنگر کارائڻ جو بندوبست ٿيل هيو جيڪو اڄ تائين قائم رهندو پيو اچي . ڪنهن کان ملڪيت يا ڌن وغيره نه ورتائون مگر مولا سان محبت رکڻ وارن کي مولا پاڪ جي راه ۾ فيضياب ڪندا رهيا جن جن کي پنهنجو طالب ڪيائون تن کي اڪثر ڪري پاڻ وٽ رهائي الله الله ڪرائيندا هئا . اڌ رات کان بعد ڪنهن به طالب کي ننڊ ڪرڻ جي اجازات نه هوندي هئي ۽ ذڪر الاهي ۾ ويهي سج اڀاريندا هئا .اڪثر ڪري سارو ڏينهن ويراڳي توحيد ڳائيندا هئا . جيڪا وڏي پرهيز سان ٻڌي ويندي هئي .ڪچهري ۾ ڪوبه ٻيڙي يا نشي دار شيءِ نه واپرائيندا هئا . نه گوڙ ڪندا هئا ، ويراڳي سلسلي سان توحيد بيان ڪندا هئا . مثلن شروع ۾ التجا ۽ عاجزي واري ٻولي ان بعد قدرت جي واکاڻ ، فراق ميڪلاپ ۽ آخر ۾ هم اوست جي ٻولي هلندي هئي . غازي غمڪسار سائين جن جا اڪثر طالب روشن دل بڻجي پايئه تڪميل تي پهتا . جن ۾ حضرت فقير ميان غلام رسول سائين جن جو وحدت ۾ علاب نالو هيو جيڪو درگاه لونگ فقير لوڙهي واري جا گادي نشين پڻ رهيا ۽ سندن هر سال وڏو ٻارهو ٿيندو آهي . فقير واحد بخش سائين، فقير لالڻ سائين ، فقير پنجل سائين ، فقير گامڻ سائين ، فقير اوباهيو سائين ، فقير خان محمد سائين ، فقير عبدالله سائين ۽ ڪيترائي هئا .انهن ۾ خاص خاص فقير سندن ڀائيٽيو هيو جيڪو سندن گادي نشين به ٿيو . اهو آهي حضور هادي فقير گل حسن سائين جن جي لاءِ سندن مرشد پاڪ غازي غمڪسار سائين جن فقيرن جي مجموعي ۾ فقير علي محمد سائين جي روضي مبارڪ تي فرمايائون ” فقيرئو ڏسو گل حسن فقير ڏي هي فقير انهيءَ ديهيءَ سان انهن ڪپڙن سان باطن جي درٻارن ۾ گهمندو آهي . حالانڪ اسين به هن ديهي نه پر روحي جسم سان ويندا آهيون.“ فقير گل حسن سائين سالڪ به هوندا هئا مست به هوندا هئا. اڪثر ڪري سوين ميل پيادل سير ڪندا هئا .ڪڏهن پير اگهاڙا گهمندا ته ڪڏهن ڪپڙن پائڻ جي به ظاهري سڌ نه رکندا هئا . جيڪا گهر ۾ پچي سا کائيندا . ڪڏهن ماڙيچن سان گڏ کائيندا هئا. ڪڏهن ٻليءَ کي پاڻ سان کارائيندا هئا . ته ڪڏهن ٻارڙن کي پاڻ کان ڀتر هڻائيندا هئا . ڪڏهن شاهي لباس پائي گهوڙي سوار ٿيا ۽ عشق مجاز سندن وندر هوندي هئي . سندن وڏو نينگر حضور محمد يوسف عرف نانڪ يوسف فقير سائين ولد حضور گل حسن فقير سائين جن هن وقت غازي غمڪسار سائصن جن جا گادي نشين آهي . جن طالب ڪرڻ جو سلسلو في الحال بند رکيو آهي . اميد وار عرضدار ڪيترائي آهن طالبي وارو سلسلو اڃا تائين يعني 2003 ع تائين بند آهي . تقريباََ اٺاويهه سال ٿي ويا آهن
.

Leela Shah ليلا شاه



ليِلا شاه

سائين ليلا شاه پٽ ٽوپڻ داس 13 مارچ 1880 ۾ حيدرآباد ضلعي جي ڳوٺ مهراب ۾ ڄائو. ننڍپڻ ۾ سندس نالو ليلارام هو. سنت شري ڪيشورام سندس مرشد هو ۽ کيس ليلا شاه جو نالو ڏنو.
            ننڍپڻ ۾ پاڻ چاچي پريو مل ۽ سندس گهر واري جي سارسڀال هيٺ رهيو، پر اهي ٻئي سندس ننڍپڻ ۾ ئي لاڏاڻو ڪري ويا. سندس پڙهائيءَ ڏانهن گهٽ صفتون ڏيکارڻ ڪري چاچي کيس پڙهائي کان پوءِ دڪان تي وهڻ ۽ مارڪيٽ مان اناج وغيره وٺڻ لاءِ پڇيو. سندس جوان دل تمام رحمدل هئي، جو پاڻ مارڪيٽ مان ڳوٺ موٽڻ کانپوءِ غريبن ۾ کاڌي جون شيون ورهائيندو هو.
            جسماني دنيا بيمطلب شيءَ وانگر هيس جنهنڪري پاڻ گهر ڇڏي، هندي ٻولي پڙهڻ شروع ڪئي. نرواڻ آشرم جي سوامي پرمانند کيس ويدانت بابت خيالات ڏنا. سنت ڪيشورام جي لائق رهنمائي هيٺ، ليلارام روحاني راه ڏانهن رخ ڪيو. جلدي پاڻ ويدانيت جو صاحب ٿيو. ان کان علاوه پاڻ ٻين مذهبن جي ادب، جهڙوڪ شريمد ڀڳوت گيتا، انپنيشاد وغيره پڻ پڙهيا. انهي وقت ماڻهن کيس ساڌو ليلارام جي نالي سان ڄاڻڻ شروع ڪيو، جنهن بعد سوامي ليلا شاه جي نالي سان مشهور ٿيو.
            گانڌي جي خيالن کيس تمام گهڻو متاثر ڪيو، تنهنڪري اڪثر هريجن جي ڪالوڻين ۾ گهميو ۽ رڳو کادي لباس پائيندو هو. سندس روحاني تربيت دوران پاڻ آزادي جي ضرورت لاءِ زور ڀريو ۽ انهي لاءِ ماڻهن کي گانڌي جو ساٿ ڏيڻ لاءِ حوصلا افزائي ڪئي.
            ورهاڱي کانپوءِ ليلارام هندستان ڏانهن لڏي ويو. اها سندس تلقين هئي جو تمام گهڻين جاين جهڙوڪ اجمير، آگرا، گوڌرا، اُلهاس نگر ۽ اديپور وغيره ۾ سماجي ڀلائي جون تنظيمون جهڙوڪ ناري شالا، گوء شالا وغيره وجود ۾ آيون. اترڪاشي ۽ نينيتل ۾ هئڻ دوران سندس ملاقات هڪ نوجوان ڇوڪري “آسو” سان ٿي، جيڪو سندس پوئلڳ بڻيو ۽ دنيا جو مشهور روحاني صاحب آسارام باپُو بڻيو.
سائين ليلا شاه 4 نومبر 1973 ۾ پالنپور ۾ لاڏاڻو ڪيو.

Vasaan Shah وساڻ شاهه



وساڻ شاهه

سائين وساڻ شاه، روهڙي جي مشهور بزرگ ڀائي ڪُندارام جي خاندان ۾ تاريخ 14 مهيني مانگهه سنبت 1904 (1848ع) ۾ جنم ورتو. سندس پيءُ جو نالو ڀائي گيانچند هو جيڪو پڻ جنداه پير جو مشهور ڀڳت هو. اهو لالا تلسيداس جو گهر هو جتي ماتا هسي ٻائي هڪ ٻار کي جنم ڏنو، جيڪو مستقبل ۾ هلي “روهڙي جو رهبر سائين وساڻ شاه” جي نالي سان مشهور ٿيو.
            پنڊت منشارام، جيڪو مشهور نجومي هو، هن ٻار جي جنم ڪُنڊلي ٺاهي ۽ هن طرح بيان ڪئي:   جيئن ته هي ٻار مانگهه جي مهيني ۾ ڄائو آهي تنهنجي ڪري هيءُ نرم ڳالهائيندڙ، همت وارو، ٻين جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪندڙ ۽ گهڻن دوستن وارو ٿيندو. جيئن ته هي شڪالا پڪش ۾ ڄائو آهي تهنڪري هي علم وارو ۽ ذهين ٿيندو. روحاني نڪشتر ۾ ڄمڻ ڪري هي خدا جو اوتار ٿي سگهي ٿو. روحاني نڪشتر ۾ ڄمندڙ سچ جا ڳولهيندڙ، تمام عقلمند ۽ چنڊ جهڙي صورت جا هوندا آهن. اهي سڀ شيون ڏسڻ ڪري پنڊت منشارام سندس نالو “ورشو” رکيو، جيڪو اڳتي هلي پارُو شاه صاحب ڦيرائي “وساڻ” رکيو.
            چاچي ڪُندارام هن ٻار جي پڙهائي جو عهدو کنيو. جلدي هن ٻار شري گرو نانڪ ديو جن جي بنس جي تلاوت ڪرڻ شروع ڪئي. وساڻ شاه پاڻ مرادي لنگر جي تنظيم شروع ڪئي. جواني جي عمر ۾ سندس شادي ريلُو سنگهه جيڪوٽموهي جو مقامي هو، جي ڀيڻ سان طئي ٿي. اها سوامي پارُل شاه جي ڄاڻو شخصيت هئي جنهن کيس سندس عقيدتمند ٿيڻ تي متاثر ڪيو. سائين پارُل شاه اوڌُوت پنٺ جو پوئلڳ هو، جتي خدا روح کي اصلي ماڻهن کان نظر نياز ڪيو ، اهي ماڻهو تمام گهڻو وقت تماغي مختصل (ديوانه) ڏٺا ويا پر اهي پنهنجي ئي خوشيءَ وچان اڪيلا هوندا هئا. اهي پنهنجي جسماني صفائي ۽ ٻي ڪنهن سان به  ۽ ڪٿي به کائڻ کان فڪرمند نه رهن ٿا. سائين وساڻ شاه پنهنجي گروءَ جي اهڙي نموني خدمت ڪئي جو سائين پارل شاه کيس دعا ڪئي؛ “وساڻ! وسندو ئي رهندي” ۽ اهو حقيقت ۾ بدلجي ويو جئين جو وساڻ شاه اڃا تائين نه صرف پنهنجن پوئلڳن پر سندس پوڄا جي جاين، جن مان هڪ سائين وساڻ گهوٽ درٻار اُلهاس نگر ۾ زنده آهن.
            سائين وساڻ شاه شري گرو نانڪ جي بنس ۽ صوفين جي ڪلامن جي تلاوت ڪرڻ سبب تمام گهڻو مشهور ٿيو. انهيءَ مندر ۾ سڀن لاءَ 24 ڪلاڪ لنگر کوليو ويو. سائين پاڻ سڀن مهمانن جي سار سنڀال لهندو هو. سائين وساڻ شاه جي موجزن جون تمام گهڻيون ڪهاڻيون آهن جيئن “سڀاڳو” هڪ ننڍڙو ٻار جيڪو درياءَ جي پاڻي ۾ وڃڻ جي چوٿين ڏهين واپس وريو. سائين وساڻ شاه سنبت 1984 ۾ لاڏاڻو ڪيو.

Faqir Parbirham فقير پاربرهم



ڏاڏو پاربرهم

ڏاڏو پاربرهم اصل ۾ ڪڇ ديش جي مڌسڌن نالي برهمڻ جي گهر ۾ اوتار ڌاري پرگهٽ ٿيا. سندس ماتا جو نالو ميگهه ٻاﺋﻲ هو.
لونگرام جي پراڻي ڪتاب ”پاربرهم پرڪاش“ مطابق ڏاڏو پاربرهم ننڍي هوندي ئي برهم ۾ لين هو. ساڌو سنگت ۾ هري ڪيرتن ۾ ايندو ويندو هو. سندس ويچار ۽ خيال تمام سادا ۽ آتما شڌ ۽ پويتر ﻫﺌﺎ. جئين جئين وڏو ٿيندو ويو سڀني وڪارن کان دور ٿيندو ويو. من سدائين پرماتما طرف رهندو هو گهر ۽ ڪاروبار کان پري رهندا هئا ڏاڏي پاربرهم جو هڪ برهمڻ جي گهر مها سندري ڪنيا سان مڱڻو ٿيل هو ڏاڏو الک جي روپ ۾ هو جنهن چاهيو ٿي ته سنسار کان نيارو رهي انياءِ کي پاڙ کان پٽي ڌرم جو هو هنڌ ڌاڪو ڄمايان. انهي ڪري هو مائٽن کان لڪي هڪ پوتي وٺي سندس ساهرن جي گهر ۾ وڃي منڱيتي جي مٿي تي پوتي پارائين ۽ پيرين تي هٿ رکي سندس ڀيڻ ڪيائين.
 اتان ڏاڏو سڌو هنگلاج هليو ۽ بعد ۾ ٻيا سڀ تيرٿ ڪيائين، جنهن ۾ ڪاشي ناٿ، بدريناٿ، ڪيڏارناٿ، ۽ ٻيا تيرٿ ڌام ڀيٽي اچي گرنار پهتو. ياد رهي ته ڏاڏي کي تيرٿ ڌامن تان ترشول مليا جيڪي اڄ به ڇڙين جي صورت ۾ آستانن تي رکيل آهن.
اتان ڏاڏو هليو اچي ڌرنگ نالي ڳوٺ ۾ شري گرو مهڪڻ ڪاپڙي صاحب جي منڊلي ۾ ترشول کوڙي ڌوڻو لگايائين،  شري گرو مهڪڻ ڪاپڙي جا اڳ 99 چيلا هئا.  ڏاڏو پاربرهم اتي خوب شيوا ڪرڻ لڳو ۽ گرو مهڪڻ ڪاپڙي کي پڻ وڻي ويو. ڏاڏي پاربرهم گرو مهڪڻ ڪاپڙي کان نام ورتو ۽ گرو ڪيائين.
ڏاڏو پاربرهم ڪرامت ۾ پنهنجي گرو کان به وڌي ويو. گرو مهڪڻ پڻ ڏاڏي پاربرهم جي اوچ پدوي ۽ عجب ڪرامتون ڏسي من ۾ خيال ڪيو ته اهڙي الک پرش (ڏاڏي پاربرهم) مان دنيا کي فائدو ملي ۽ ڏاڏي پاربرهم کي آگيا ڏني ۽ چيائين ته توهان ٿرديش جي مهوپٽڻ ڳوٺ ۾ وڃو جتي ماڻهن کي اُپديش ڏئيي هندو ڌرم جي لڄا رکو. ڏاڏو پاربرهم اُتان سڌو هليو اچي ٿر جي مهوپٽڻ ڳوٺ ۾ داخل ٿيا جتي غريبن، دکين ۽ محتاج ماڻهن جي شيوا ڪرڻ لڳا. رات جو انهن جي گهر جي گهر ۾ اچي اناج پهچائڻ، بيماريون دور ڪرڻ ۽ گهرن جا ڪم ڪار پڻ ڪندا هئا. سندس ڳوٺ ۾ کاري پاڻي کي پڻ مٺو بڻايائين. اهڙيون عجب ليلائون ڏسي ڳوٺ وارا سمجهي ويا ته هي درويش يقينن ڀڳوان جو روپ آهي ۽ اهي ڏاڏي پاربرهم جا مريد بڻجي ويا.
ڏاڏي پاربرهم مهوپٽڻ ۾ راول پير سان ملاقات ڪري سندس روح رهاڻ ڪياﺋﻴﻦ. راول پير جيڪو پڻ هڪ پهتل درويش هو جتي ڏاڏي پاربرهم جا جاٽي اڄ به ڄارصاحب تان واپس موٽندي پيرين پون ٿا. هڪ ڏينهن ڏاڏو پاربرهم ڄار جو ڏنڌڻ ڪري رهيو هو ۽ ڏنڌڻ ڪري اُهو پٽ تي کوڙي ڇڏياﺋﻴﻦ ۽ ٿوري وقت ۾ اهو وڏو ٿي هڪ وڻ ٿي ويو ۽ مٿانهون ڇانو ڪري بيٺو آهي جتان اڄ به جوت جاڳي ٿي ۽ جاٽي عزت سان جنهن کي ڄارصاحب جي نالي سان سڏيندا آهن.
ڏاڏو پاربرهم هڪ ڏينهن پڙ کان اُتر طرف ڪنڊي جي وڻ کي ڀاڪر پاﺋﻲ سندس سڄي جسم تي ڳڙ لڳاﺋﻲ بيهي رهيو. ٿوري دير ۾ ڳڙ جي مٺاج تي ماڪوڙا ۽ ماڪوڙيون اچي گڏ ٿيون ۽ ڳڙ کائڻ شروع ڪيائون ۽ ڳڙ سان گڏ ڏاڏي جو شرير پڻ کائجڻ لڳو. پر ڏاڏي پاربرهم ” اوم شوم“  جي جاپ ڪرڻ ۾ لين هو تنهن ڪري پنهنجي شرير جي ڪا به سُڌ نه پيئي سڀ بدن جو ماس کائجي ويو پر ” اوم شوم“  جو جاپ چالو رهيو. ٿوري دير کان پوءِ انهي سماڌي مان جاڳي وڻ کان اوڀر طرف اچي ويٺا، جتي ڏاڏي  پاربرهم جا پريمي ويٺل هئا. جتي پريمين کي چيائين ” اڄ تٿ پانچم ۽ ڏينهن پڻ سٺو آهي مان پنهنجي ڌام واپس وڃڻ چاهيان ٿو. ائين چئي هري اوم چئي شانت ٿي ويا ۽  سندس ديهه مان وڄ جهڙو چمڪاٽ نڪتو ۽ اهو سڌو ڀٽ تي ڄارصاحب ڏانهن هليو ويو. ويٺل ماڻهن سمجهيو ته ڏاڏو ايشوري جوت ۾ سمائجي ويو ۽ اهو چمڪاٽ ڏسي جوت جو درشن ڪري سڀني ويٺلن چيو سداشِوَ سداشِوَ سداشِوَ اکيون کولي ڏسن ته سا ئيجن  (ڏاڏو پاربرهم) سامهون  ئي ويٺا هئا.  وري ٿوري دير کان پوءِ ڏاڏو پاربرهم نڪ تي هٿ رکي جئين ماڻهو پاڻي ۾ ٽٻي هڻندا آهن ائين ڏاڏي زمين ۾ ٽٻي هڻي انتر ڌيان ٿي ويا سڀني ماڻهن اهو نظارو ڏسي جئه جئه ڪار ڪرڻ لڳا.
ماتا ميگهه ٻائي پنهنجي لال جون اهي عجب ڪرامتون ۽ انتر ڌيان جو ٻڌي اچي سرڳ ڌام (ويڙيجهپ) پڌاري ۽  ماتا ميگهه ٻائي جي سماڌي پڻ ڏاڏي پاربرهم جي سماڌي جي ڀرسان ٺهيل آهي.
...

پنهنجا رايا ڏيو