بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Mohammad Siddique Musafir محمد صفيق مسافر

محمد صديق مسافر

سنڌ جي علمي ۽ ادبي تاريخ ۾ محمد صديق ”مسافر“ جو نالو ان کي وڏي عزت احترم سان ورتو وڃي ٿو جو هن سنڌ جي علم و ادب ۾ ڪيترائي اهڙا خزانه لکيا آهن يا انهن لاءِ ڪم ڪيو آهي جو جيڪڏهن هُن کي لاڙ جو مرزاقليچ بيگ چئجي ته ان ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. هونئن ته محمد صديق ”مسافر“ پنهنجي علمي ۽ ادبي خدمتن جو ذڪر سندس ڪتاب ”ڪليات مسافر“ ۾ گهڻو ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته اهو هڪ وڏو شاعر ۽ اعليٰ نثرنويس پڻ هو.شاعري ۾ ان ڪيترائي شاگرد پڻ آهن. محمد صديق ”مسافر“ 1879ع ٽنڊي باگي جي هڪ شيدي گهراڻي ۾ گلاب خان جي گهر ڄائو هو ان جو والد آفريقي ملڪ زنجبار مان غلام جي حيثيت سان پهرين مسقط آيو جتان پوءِ ٺٽي آيو ۽ آخر ۾ بدين ضلعي جي تاريخي شهر ٽنڊي باگي لڏي آيو هو.

محمد صديق ”مسافر“ پرائمري اسڪول جو ماستر هو جتان ترقي ڪري اهو ٽريننگ ڪاليج فارمين ۾ استاد مقرر ٿيو، مرحوم جي ادبي ۽ علمي تاريخ ڊگهي آهي . 1934ع ۾ هو ”سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي“ جي ڪاروباري ڪميٽي جو ميمبر ٿيو، جنهن ۾ هُن کي تصنيف تاليف ڪميٽي جو ميمبر مقرر ڪيو ويو، جيئن اهو هڪ استاد هئڻ سان گڏ سٺو مضمن نگار ، ناقد ۽ شاعر به هو جنهن جي سنڌي ادب ۾ ڪيل خدمتن کي هرگز نه وساري نٿو سگهجي. ٽريننگ ڪاليج ۾ تعليم جي نالي سان هڪ ماهوار رسالو به نڪرندو هو جنهن جو مسافر ايڊيٽر پڻ ٿي رهيو. جنهن ۾ هن علم و ادب تي ڪيترائي مضمون لکيا ان ۾ هن سنڌ جي ماڻهن جا قديم فن ۽ ڪجهه رواج، پراڻيون نشانيون، ڏاهي پڙهيل زال، علم جا شوقين شاگرد، تعليم ۽ تربيت انسان جي من جي حقيقت ۽ طاقت ، صوفي ۽ تصوف ، زيب النساءَ ”مخفي“، پليگ، چاند بيبي، پراڻيون نشانيون، مرزا جاني بيگ ۽ سنڌ جي شاعري جهڙا تحقيق مضمون پڻ شامل آهن. محمد صديق ”مسافر“ جيڪي ڪتاب لکيا اهي ديوان فاضل، قرب قليچ، هدايت المسلمين(6 ڀاڱا)، شهيد ڪربلا، غلامي ۽ آزادي جا عبرتناڪ نظارا، ممتاز دمساز، سڄاڻ زالون، چونڊ مضمون، منازل مسافر ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن. جڏهن ته مرزا قليچ بيگ وانگر هن به ڪيتن ئي ڪتابن جا سنڌي ترجما ڪيا.جيڪي اڄ به سنڌي ادب جا وڏا شاهڪار آهن. محمد صديق ”مسافر“ علمي ادبي مقالن لکڻ جو ماهر سمجهيو ويندو هو. سندس ڪتابن مان خاص طور تي ديوان فاضل ۽ قرب قليچ مان ڪيتروئي مواد خانبهادر محمد صديق ميمڻ جي ڪتاب جي سنڌ جي ادبي تاريخ ڀاڱي ٻي ۾ شامل ڪيو ويو آهي.          
محمد صديق ”مسافر“ هڪ استاد پڻ هو. معلم جي حيثيت ۾ ان جون خدمتون وڌيڪ نمايان رهيون آهن خاص طور تي پڙهائي جي معاملي ۾ جڏهن اها ڪا سمجهاڻي ڏيندا هئا ته اهو ڪون سمجهبو هو ته اهو ڪو سٺ ستر ورهين جو پوڙهو پيو ڳالهائي بلڪه ايئن محسوس ٿيندو هو ته ڪو نوجوان آهي جيڪو  ڳالهائي پيو. پاڻ 1961ع ۾ وفات ڪئي ۽ کيس ٽنڊي باگي ۾ ئي دفن ڪيو ويو. جتي هر سال سندس برادري وارا  ”الحبش تنظيم“ جي طرفان ورسي ملهائيندا آهن ۽ مطالبو ڪندا آهن ته مرحوم محمد صديق ”مسافر“ کي ان جي علمي ادبي خدمتن تي ان کي رتبو ڏنو وڃي.
”مسافر “ سنڌ هو هڪ اهڙو شاعر هو جنهن شعر جي هر صنف  غزل، نظم، قصيدن، مثنوين، رباعين، قطعن ۽ مسدس تي طبع آزمائي ڪئي. سندس لکيل ڪليات ، ڪافيون، مناجات، جا ڳا ۽ اسڪولي ٻارن جا گيت به شامل آهن. جيڪي تعليم کاتي درسي ڪتابن ۾ شامل ڪيا آهن. ان مان ڏس هي منهنجي ٻلڙي ، واه ڙي تارا سندس مقبول نظم آهن. اهي نظم سنڌي جي پهرين ٻي درجي ۾ هئڻ ڪري هر ڪنهن کي ياد آهن.

 

1 comment:

پنهنجا رايا ڏيو