سيد رکيل شاهه
سائين رکيل شاهه ولد نور محمد شاهه، فتحپور لڳ گنداواهه ۾ ،
1262 ڌاري پيدا ٿيا. سندس اصل وڏا شيراز
جا ويٺل هئا ۽ ٻارهين صديءَ ۾ هجرت ڪري، سنڌ ۾ گنداواهه ۽ ٺٽي طرف اچي رهيا.
گنداواهه ۾ کين جاگيرون مليون. سندس خاندان مان ميان عبدالنبي شاهه وڏو بزرگ ٿي
گذريو آهي. جنهن کي ” سوا ڪسيري وارو پير“
چوندا آهن. هن جو روضو فتحپور ۾ آهي، سيد رکيل شاهه عبدالنبي شاهه جو ننڍو ڀاءُ
هو. رکيل شاهه وڏي ڀاءُ جي ڏاڍي خدمت ڪئي، انهيءَ ڪري هن کيس دعا ڪئي ۽ ڏس ڏنو ته
اوهان جي ميرانپور ۾ امانت رکيل آهي، اتان جا وڃي طالب ٿيو. ان وقت ميرانپور ۾
حضرت صوفي عبدالستار سائين سجاده نشين هو، رکيل شاهه به سندن مريد ٿيو ۽ ذڪر فڪر حاصل ڪري فتحپور ۾ اچي رهيو ۽
فيض عام شروع ڪيائين. پاڻ ستانوي ورهين جي ڄمار ۾
سن 1359 هجري 7 ربيع الثاني تي وفات ڪيائين.
سائين رکيل شاهه قرآن شريف پڙهيل هو ۽ عربي، فارسي چڱي طرح
ڄاڻندو هو. رکيل شاهه سنڌيءَ ۽ سرائيڪي جو زبردست شاعر هو. سندس ڪلام سلوڻو، سادو
۽ تصوف جو آئينه دار آهي. سندس ڪلام ۾ 750 ڪافيون، 300 ڏوهيڙا ۽ ٻه سه حرفيون آهن.
سندس ڪلام بحرالعشق نالي ڇپيل آهي. هڪ بيت مثال طور پيش ڪجي ٿو.
اکيون عاشقن جون، شرم ڀريون شاهي،
پسڻ سان ئي پاڪ ٿيون، آين آزل آگاهي،
سدائين ستر پوش ۾، تن جو واحد ٿيو واهي،
اها چاڙهي لاهي، ”رکيل“ سي سمجهي ويون
.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو