بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Faqeer Dadan Joyo فقير دادن جويو

فقير دادن جويو [ 1906ع – 1979ع ]

تذڪرة الشعراءُ لاڙڪاڻي جي سلسلي ۾، فقير دادن ولد ميان ڌڻي بخش جويو جو نالو نه وٺڻ سراسر ڀل چئبي. سندس ولادت 19 شوال 1323هه مطابق 21 جولاءِ 1906ع تعلقي واره جي ڳوٺ ”ميان داد چنجڻيءَ“ ۾ ٿي آهي. ابتدائي تعليم ڳوٺ محراب سنديلي مان، ماستر صاحب خان شاهاڻيءَ وٽان ورتائين. ست درجا سنڌي پاس ڪري، وڌيڪ تعليم لاءِ ڪوشش ڪانه ورتائين. جوانيءَ ۾ کيس مجازي ميخ سوگهو ڪري ورتو. پوءِ ته ناڪاميءَ سببان، شاعري ڪرڻ لڳو. اِنهيءَ سلسلي ۾ لالو راونڪ جي فقير روشن ضمير، هدايت علي نجفي ”تارڪ“ (1860ع – 1939ع) کي پنهنجو اُستاد ڪري ورتائين. روحاني رهبر لاءِ فقير خير محمد ”خوش“ هيسباڻي بلوچ (1809ع–1877ع) کي وڃي ڳولهي لڌائين.

دادن فقير، بيڪ وقت ڪيترين ئي خوبين جو مالڪ هو. خاص ڪري عوامي شاعريءَ ۾ سندس ثاني ڪو ڇڊو هو. مزاحيه به حد درجي جو هو. سڄي عمر ڪنوارو رهيو. پڇاڙيءَ ۾ کيس ڇن (هرنيا=Hernia) جي مرض وڪوڙي وڌيس؛ جنهن ڪري مفلسيءَ سببان ڪو به خاطر خواه علاج ڪرائي نه سگهيو. نتيجي آخر موت جي منهن ۾ آڻي اُڇليس؛ ۽ 72 ورهين جي ڄمار ۾، 26 ذوالقعد 1399هه مطابق 19 آڪٽوبر 1979ع تي سومهڻيءَ ٽاڻي، راڌڻ اسٽيشن لڳ راه رباني ورتائين. افسوس ! جو نه سندس پونيرن مان ڪو بچيو هو؛ ۽ نه وري سندس ڪو اوهي واهي ٿي بڻيس!! سلطان جويو ۽ غلام قادر سولنگي سندس شاگرد پرگهور لهندا پئي آيا. سندس مٽيءَ پنوڙو، راڌڻ اسٽيشن لڳ، شهر واري ”گهڙي پير قبرستان“ ۾ ٿيو.
هن مقبول عوامي شاعر، نظم، مرثيا، دوها، غزل، رباعيون، بيت، قطعا ۽ منقبت وغيره جهجها چيا آهن. کيس موسيقيءَ جي به وڏي ڄاڻ هئي. ادبي محفلين جو مور هو. نهايت ترنم سان شعر آلاپي، حاضرين کان خوب داد حاصل ڪندو هو. سندس ڪلام اڄ به عام و خاص جي زبان تي جهر جهنگ ۾ جهونگاريو پيو وڃي. سندس هڪ طويل نظم مان چند مصرعون نموني طور هيٺ ڏجن ٿيون:-
جن توتان فدا تن من کي ڪيو – ڏس تن جو تدارڪ ڪير ڪري؟
جيئرا ته ملن جيئرن سان ٿا – مردن جو تدارڪ ڪير ڪري؟
هڪ ناهه مرض جو ماٺ ڪجي – هت حاجت ناهي حسابن جي،
زخمن جو تدارڪ ڪير ڪري – زهرن جو تدارڪ ڪير ڪري؟
سنگتي نه رهيو ساٿي نه رهيو – پانڌي نه رهيو ڪانڌي نه رهيو،
لاوارث لاش ٿيو عاشق جو – مدفن جو تدارڪ ڪير ڪري؟
دل ڀي نه رهي جان ڀي نه رهي – جنهن صورت ۾ تون ڀي نه رهين،
تنهن صورت ۾ ”دادن“ ڇا ڪري – دان جو تدارڪ ڪير ڪري؟

 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو