روحل فقير
روحل الله عرف ” روحل“ فقير زنگيجو قبيلي جو هو. 1733ع ۾،
ٿر ۾ ڄائو. عربي ۽ فارسي تعليم سان گڏ هندي تعليم به ورتائين. جوانيءَ ۾ ڪلهوڙن جي
حڪومت ۾ داخل ٿيو. بعد ۾ سڀ لاڳاپا لاهي، ميرانپور هليو ويو، جتي صوفي شاهه عزت
الله جو مريد ٿيو ۽ ٽيهه سال مٽيون ڀريندي گذاريائون. نيٺ مرشد کيس اجازت ڏني ۽
چيائنس ته اسان تنهنجي رهڻ جي جاءِ اها مقرر ڪريون ٿا. جتي توکي پاڻ مرادو روڪ
ٿئي. روحل اتان هليو نيٺ ڪنڊي ۾ پلاند اٽڪڻ سان اتي رهي پيو. ۽ انهيءَ جاءِ جو
نالو ڪنڊڙي پئجي ويو.
روحل سنڌ جو عظيم شاعر آهي، سندس ڪلام سرائيڪي ۽ سنڌي
کانسواءِ هندي ۾ به آهي. سندس بيتن، واين، ڪافين ۽ سه حرفين تي مشتمل آهي. هندي ۾
سندس من پرٻوڌ، گدينت گرنٿ، سرٻ گيان ۽ آگم وارتا مشهور تصنيفون آهن.
روحل جو ڪلام سادو ۽ سليس آهي. ڪٿي عربي ۽ فارسي اصطلاحن
سان گڏ هندي لفظ به استعمال ڪيا اٿس. سندس ڪلام ۾ توصف جي باريڪ نگاهي آهي ۽ منجهس
هم اوست، وحدت ۽ ڪثرت جا مسئلا نظر اچن ٿا. سندس ڪلام جو مجموعو سنڌي ادبي بورڊ
شايع ڪيو آهي.
ٽٻي ڏيئي پاڻ ۾، پسان جان پيئي،
نڪو ملڪ، نڪا خلق، نڪي اسيئي،
اسين ڳوليون جن کي، سي پاڻ اسيئي،
ٻي وائي ويئي، روحل هونگ پرين جي هڪڙي.
..
.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو