بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Sufi Faqir Nawab Ali Shah Rizvi صوفي فقير نواب علي شاه رضوي


حضرت صوفي فقير نواب علي شاه ”سِڪايل“ رضوي

حضرت نواب علي شاهه ‘سڪايل‘ روهڙي جي رضوي سيدن مان هو. 1843 ع ڌاري سندس والادت ٿي ۽ 1901 ع ۾ وفات ڪيائين. جيئن ته هڪ معزز ۽ دولتمند گهراڻي مان هو، تنهنڪري شروعاتي زندگي عيش و آرام ۾ گذاريائين. ظاهري تعليم به چڱي حاصل ڪيائين. جوانيءَ ۾ حضرت محمد محسن بيڪس جي نظر هن فقير جي زندگي ۾ عجيب ڦيرو آندو. شاهاڻا شوق ڇڏي فقير بڻيو. حضرت بيڪس جي حياتي ۾ هڪ دفعي هي فقير ، مرشد کي عرض ڪيو ته ” سرڪار مون تي به عشق جي ٻاجهه ٿئي.“
سائين بيڪس سائين جواب ڏنس ته ” هي راهه ڏکي آهي ۽ اوهان ان ارادي تان هٽي وڃو." پر سڪايل زندگي جي آخري پل تائين پنهنجي سوال تان پٺتي نه هٽيو. پاڻ کي ماري مٽي ڪري ڇڏيائين.


بيڪس سائين جلد ئي وفات ڪري ويو. جنهن ڪري رهبر جي صحبت گهڻو ڪري نصيب نه ٿيس. حضرت بيڪس جي وفات کان پوءِ دنيا کي ترڪ ڪري مرشد جي مزار جو مجاور بڻيو. ‘سڪايل‘ فنا في الشيخ جي درجي تي پهتل هو. مرشد جي پيرانديءَ کان ويهي زندگي پوري ڪئي. 8 ذوالقعد هجري سن 1319 ۾ هي فقير اجل جو پيالو پي دارالبقا طرف روانا ٿي ويو. کيس حضرت بيڪس ۽ بيدل سائين جي مقبره جي ٻاهران سپردِ خاڪ ڪيو ويو. حق مغفرت ڪريس عجب مردِ آزاد هو.

سڪايل جي سور جي ساجن لههُ سنڀار
اٺئي پهر اندر ۾ تنهنجي آهه پچار
مُرڪَ تنهنجي مست ڪيو نازڪ نيڻن نار
اکين آ آڌار، آءُ ته پرچئون پاڻ ۾

 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو