سيدنا شيخ
عبدالقادر جيلاني (رحه)
ولادت باسعادت:
نالو مبارڪ ۽ سلسله نسب:
حضرت غوث پاڪ جي ولادت باسعادت رمضان المبارڪ جي پهرين تاريخ سنه هجري 470 موافق سنه 1078 عيسوي جيلان نالي هڪ ڳوٺ ۾ ٿي، جيڪو ايران ملڪ ۾ بُحَيره خَزَر (ڪيپين سي) جي اترئين ڪناري تي واقع آهي، اهو خليفي مقتدي بامرالله جو دور هو ۽ ان وقت داتا گنج بخش لاهوري عيله الرحمته جي وفات کي پنج سال گذري چڪا هئا.
سندن نالو مبارڪ ”عبدالقادر“ رکيو ويو. پاڻ والد بزرگوار جي نسب ڪري حسني ۽ والده سائڻ جي لحاظ سان حُسيني آهن.
والد ماجد جي نسب جو سلسلو هن طرح آهي:
سيد عبدالقادر ابوصالح موسى بن سيد جُون بن سيد عبدالله محض بن سيد مثنى بن سيد امام حسن بن سيدنا علي المرتضى رضي الله تعالى عنهم
والده سڳوريءَ جي نسب جو سلسلو هن طرح آهي:
سيدنا عبدالقادر بن اَمَتهُ الجبار اُمُ الخير فاطمه بنت سيد عبدالله صومعي بن سيد ابو جمال الدين محمد بن جواد بن امام علي رضا بن موسى ڪاظم بن امام جعفر صادق بن امام محمد باقر بن امام زين العابدين بن امام حسين بن اميرالمومنين سيدنا علي المرتضى
حضرت جي ڪنيت ابومحمد ۽ مشهور لقب هي آهن:
(1) محي الدين (2) محبوب سبحاني (3) سيِدُالسادات (4) شيخ المشائخ (5) تاج العارفين (6) وارث ڪتاب الله (7) نائب رسول الله (8) بازاللهِ الاشهبُ (9) غوث الثقلين (10) غوث اعظم (11) پيرن جو پير (12) دستگير (13) قطبِ رباني (14) ذوالبيانين (15) ڪريم الجدين وغيره.
خانداني ڪمال:
حضرت غوث پاڪ جو پورو خاندان الله تعالى جي ولين جو خاندان آهي. ماءُ، پيءُ، نانو، ڏاڏو، پڦي ۽ فرزند سڀ الله تعالى جا ڪامل وَليَ بلند مقامن جا مالڪ ۽ ڪرامتن جا صاحب هئا، جيئن هڪ بزرگ فرمايو آهي:
ولادت باسعادت:
نالو مبارڪ ۽ سلسله نسب:
حضرت غوث پاڪ جي ولادت باسعادت رمضان المبارڪ جي پهرين تاريخ سنه هجري 470 موافق سنه 1078 عيسوي جيلان نالي هڪ ڳوٺ ۾ ٿي، جيڪو ايران ملڪ ۾ بُحَيره خَزَر (ڪيپين سي) جي اترئين ڪناري تي واقع آهي، اهو خليفي مقتدي بامرالله جو دور هو ۽ ان وقت داتا گنج بخش لاهوري عيله الرحمته جي وفات کي پنج سال گذري چڪا هئا.
سندن نالو مبارڪ ”عبدالقادر“ رکيو ويو. پاڻ والد بزرگوار جي نسب ڪري حسني ۽ والده سائڻ جي لحاظ سان حُسيني آهن.
والد ماجد جي نسب جو سلسلو هن طرح آهي:
سيد عبدالقادر ابوصالح موسى بن سيد جُون بن سيد عبدالله محض بن سيد مثنى بن سيد امام حسن بن سيدنا علي المرتضى رضي الله تعالى عنهم
والده سڳوريءَ جي نسب جو سلسلو هن طرح آهي:
سيدنا عبدالقادر بن اَمَتهُ الجبار اُمُ الخير فاطمه بنت سيد عبدالله صومعي بن سيد ابو جمال الدين محمد بن جواد بن امام علي رضا بن موسى ڪاظم بن امام جعفر صادق بن امام محمد باقر بن امام زين العابدين بن امام حسين بن اميرالمومنين سيدنا علي المرتضى
حضرت جي ڪنيت ابومحمد ۽ مشهور لقب هي آهن:
(1) محي الدين (2) محبوب سبحاني (3) سيِدُالسادات (4) شيخ المشائخ (5) تاج العارفين (6) وارث ڪتاب الله (7) نائب رسول الله (8) بازاللهِ الاشهبُ (9) غوث الثقلين (10) غوث اعظم (11) پيرن جو پير (12) دستگير (13) قطبِ رباني (14) ذوالبيانين (15) ڪريم الجدين وغيره.
خانداني ڪمال:
حضرت غوث پاڪ جو پورو خاندان الله تعالى جي ولين جو خاندان آهي. ماءُ، پيءُ، نانو، ڏاڏو، پڦي ۽ فرزند سڀ الله تعالى جا ڪامل وَليَ بلند مقامن جا مالڪ ۽ ڪرامتن جا صاحب هئا، جيئن هڪ بزرگ فرمايو آهي:
سيد
وعالي نسب در اوليا است
نورچشم مصطفى و مرتضى است
نورچشم مصطفى و مرتضى است
ترجمو: ولين ۾ سردار ۽ مٿاهين نسب وارو آهي. حضرت (محمد) صلى الله تعالى عليه وسلم ۽ حضرت (علي) مرتضى رضي الله تعالى عنه جي اکين جو نور آهي.
نبوي قدم جو نشان:
حضرت غوث الاعظم رضي الله تعالى عنه جي ڄمڻ کان پوءِ ڏٺو ويو ته سندن ڪلهي مبارڪ تي محبوب سيدالمرسلين صلى تعالى عليه وسلم جي قدم مبارڪ جو نشان هو. (تفريح الخاطر ص 12-13)
ڄمنديئي ڄام:
حضرت غوث الاعظم رضي الله تعالى عنه جي امان سائڻ جو بيان آهي ته جڏهن منهنجو نيڪ بخت پٽ ڄائو ته رمضان المبارڪ مهيني ۾ ڏينهن جو کير نه پيئندو هو ۽ اها ڳالهه جيلان ڳوٺ ۽ ان جي آس پاس مشهور ٿي ويئي ته ساداتن سڳورن ۾ هڪ ٻچڙو ڄائو آهي، جيڪو رمضان شريف ۾ ڏينهن کير نه ٿو پئي، هڪ ڀيري آسمان تي جُهڙ هو چنڊ جي بيهڻ جو ثبوت نه ٿي مليو ان ڏينهن ماڻهن اچي پڇا ڪئي ه اڄ جناب عبدالقادر کير پيتو آهي يا نه؟
امان سائڻ فرمايو ته اڄ عبدالقادر کير نه پيتو آهي، صحيح جاچ ڪرڻ کان پوءِ ثابت ٿيو ته واقعي رمضان المبارڪ جو چنڊ ڏٺو آهي. (اخبارالاخيار ص 22 فارسي)
محي الدين لقب سان سڏجڻ جو سبب:
حضرت غوث الاعظم عليه الرحمته بغداد جي ڀرسان رستي سان ويندي هڪ پريشان حال پوڙهي کي ڏٺو جيڪو مرڻ جي قريب ۽ دردناڪ حالت ۾ هو. پاڻ ان ڏانهن شفقت جو هٿ وڌايائون ته ان به ڏڪندي ڏڪندي پنهنجو هٿ مٿي کڻي حضرت جي هٿ مبارڪ ۾ ملايو، ٽيڪ ڏيڻ تي ان ڪُراڙي جي جسم ۾ تازو رت اچي ويو ۽ ان ۾ طاقت ۽ قوت نمايان ٿي، ان جو مُنهن تازو ۽ خوشيءَ مان گل وانگر ٽڙيل نظر ٿي آيو. حضرت غوث پاڪ ان ڏي نهاريو ته ان عرض ڪيو اي عبدالقادر عجب ۽ حيرت ۾ نه پئو. مان پيار نبي ڪريم صلى الله تعالى عليه وسلم جو دين آهيان منهنجي حالت هڪ مُئل ماڻهوءَ جهڙي هُئي. تُنهنجي ذريعي ۽ واسطي سان الله تعالى مون کي نئين حياتي بخشي آهي، تون ” محي الدين“ (دين کي زنده ڪندڙ) آهين. ان کان پوءِ پاڻ مُحي الدين جي لقب سان مشهور ٿي ويا. (سفينته الاولياء ص 61)
حضرت غوث پاڪ رحمته الله عليه جي اچڻ لاءِ ولين سڳورن جون پيشن گويون:
حضرت غوث اعظم رضي الله تعالى عنه جي اچڻ ۽ اعلى مقام تي پهچڻ جون خبرون الله تعالى جي پيارن کي سوين سال اڳ ۾ پهچي ويون هيون. هر زماني جي بزرگ پنهنجي پنهنجي دور ۾ سند آمد مبارڪ ۽ تشريف آوريءَ جي خبر ڏني هُئي.
هڪ ڀيري حضرت امام حسن عسڪري عليه السلام پنهنجي هڪ مريد کي پنهنجو مُصلو (نماز پڙهڻ جي لاءِ ڪپڙو وغيره) ڏيئي کيس حڪم فرمايو ته ان مُصَلي کي حفاظت سان رکجان ۽ پنهنجي مرڻ کان پوءِ ڪنهن معتبر ۽ اعتماد جهڙي شخص کي ڏيئي وصيت ڪجان ته اهو به ڪنهن اعتبار جهڙي شخص کي ڏيئي وڃي، اهڙيءَ طرح اهو سلسلو هلندو رهي، تان جو پنجين صدي هجريءَ جي پڇاڙيءَ ۾ هڪ وڏو غوث ايندو، جنهن جو نالو مبارڪ عبدالقادر هوندو، نسب جي لحاظ سان حَسَنِي ۽ حُسَيني هوندو، ڳوٺ جي نسبت جي ڪري جيلاني سڏيو ويندو. هي مصلو ان جي امانت آهي، ان کي ملي!!
هڪ ڀيري حضرت جُنيد بغدادي عليه الرحمته پنهنجي خانقاه اندر مراقبي ۾ مشغول هو ته اوچتو مَٿو مبارڪ مٿي کڻي فرمايائين، ته ”مون کي غيب کان اطلاع مليو آهي ته پنجينءَ صديءَ جي آخر ۾ جيلان جي ڳوٺ ۾ حضور صلى الله تعالى عليه وسلم جن جي اولاد مان وڏو غوث پيدا ٿيندو، جنهنجو نالو عبدالقادر ۽ لقب محي الدين هوندو، ان کي اهو حق هوندو جو فرمائي ته مُنهنجو قدم سڀني ولين جي ڪنڌ تي آهي. (تفريح الخاطر ص 260/37)
حضرت جي والدين جي تقوى:
هڪ ڀيري حضرت جو والد بزرگوار سيد ابو صالح عليه الرحمته نوجوانيءَ ۾ شهر کان ڪنهن پاسي وڃي رهيو هو ته اوچتوئيءَ سندس نگاهه هڪ صوف تهي پيئي، جيڪو وهندڙ نهر ۾ لڙهي رهيو هو. پاڻ جلدي ڪري اهو ڪڍي ورتائون، تمام ڀلو ۽ اهڙو ته خوشبوءِ دار هو جو ان جي سنگهڻ سان دل ۽ دماغ خوشبوءِدار بنجي ويو. جڏهن وڍي کاڌائين ته دل ۾ اهو خيال آيس ته خبر نه آهي ته هيء صوف ڪنهن جو آهي؟ ڪنهن جي باغ مان ڪري لُڙهي آهيو آهي؟ ان ڳالهه کيس سخت پريشان ڪيو. پاڻ ان نهر جي ڪناري سان ان طرف هلڻ لڳو جتان اهو پاڻي وهندو ٿي آيو. ڪيترا ميل پنڌ ڪرڻ کان پوءِ هڪ باغ وٽ پهتو، جنهن مان هَوا لڳڻ جي ڪري صوف ڪري رهيا هئا. پاڻ سمجهيائين ته اهو صوف به ان باغ جوئي هوندو. باغ ۾ اندر ويو ۽ باغ جي مالڪ سان ملاقات ڪيائين، جيڪو وڏي مرتبي وارو بزرگ هو، ان جو اس مبارڪ سيد عبدالله صومعي (عيله الرحمته)هو. اهو نوجواني عمر ۾ حضرت موسى جنگي دوست جي تقوى، زهد ۽ پرهيزگاري ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو.
حضرت ابو صالح (عيله الرحمته) جڏهن ان کان صوف جي معافي گهري ته چيائين اي ابو صالح موڪل کان سواءِ صوف کائڻ جي معافي تڏهن ملندي، جڏهن مُنهنجي معذور نياڻيءَ سان شادي ڪندين. جيڪا اکين کان انڌي، ڪنن کان ٻوڙي، زبان کان گونگي ۽ پيرن کان منڊي آهي. حضرت ابو صالح (عليه الرحمته) سوچ ۽ ويچار ڪرڻ جي لاءِ تيار ٿيو. پوءِ تقوى ۽ حقوق العباد کي نظر ۾ رکندي نڪاح ڪرڻ جي لاءِ تيار ٿيو. شادي ڪرڻ کان پوءِ جڏهن پنهنجي جڏهن پنهنجي اهليه محترمه کي ڏٺائين ته ان کي صحيح سالم ۽ نوراني صورت وارو ڏسي في الحال ته پوئين پير پوئتي هٽيو ۽ شڪ ڪيائين ته هيءَ ڪا ٻيءَ عورت ته نه آهي؟ سو موٽي اچي حضرت سيد عبدالله صومعي عليه الرحمته کان پڇيائين، ان فرمايو ته مون توکي جيڪي ڳالهيون ٻُڌايون هيون، تن جي ظاهري مُراد نه آهي. بلڪ انڌيءَ جو مطلب هيءَ آهي، ته ان ڪڏهن غير محرم ڏي نه نهاريو آهي. ٻوڙي آهي، يعني ان ڪڏهن به ڪا ناجائز ڳالهه نه ٻُڌي آهي. گونگي آهي، يعني ان ڪڏهن به شريعت جي خلاف ڪا گفتگوءَ نه ڪئي آهي. منڊي آهي، جو ڪڏهن به گهر کان ٻاهر نه نڪتي آهي!!! اها تُنهنجي ڪنوار آهي، تون ڪو به ڊپ نه ڪر، وڃ ۽ پنهنجي اهليه سان وڃي رهه. (پيران پير ص 30)
اها زهد ۽ تقوى واري سيده سڳوري حضرت بي بي فاطمه هئي، جنهن جو لقب اَمته الاجبار ۽ ڪُنِيت اُم الخير هئي، جيڪا پاڪيزه فطرت، پاڪدامن، نيڪ خصلت ۽ ڪرامت واري خاتون هئي.
هر ولي جي ڪنڌ تي قدم:
بغداد شريف جي شهر ۾ هڪ محلو هو، جنهن کي حلبه سڏيندا هُئا، تنهن ۾ حضرت غوث پاڪ عليه الرحمته جو مهمان خانو هو. هڪ ڀيري پاڻ تقرير ڪندي فرمايائون ”منهنجو هي قدم جيڪو به الله تعالى جو ولي آهي، تنهن جي ڪنڌ جي مٿان آهي.“ ان فرمان ٻُڌڻ سان سڀني ولين ڪنڌ جُهڪايا ۽ جيڪي به مجلس ۾ موجود هئا، تن به ان حڪم کي ٻُڌو ۽ جيڪي پري هُئا ، الله تعالى جل جلاله، غوث الاعظم رضي الله تعالى عنه جي آواز کي انهن تائين به پهچايو.
ائين چوڻ وقت جيڪي الله تعالى جا ولي دُنيا ڀرتي موجود هئا تن سڀني ان آواز کي ٻڌو ۽ ڪنڌ جهڪايائون، بلڪ ڪن بزرگن ته ڪنڌ جهڪائيندي عرض ڪيو، بلڪه اوهان جو قدم مبارڪ منهنجي مٿي ۽ اکين تهي آهي.
هي واقعو اهڙيطح ٿيو جهڙيءَ طرح حضرت خليل الرحمان على نبينا و عليه الصلوات والسلام، جي آواز کي الله تعالى سموري دُنيا ۾ پهچايو هو، تان جو انسانن جي ارواحن جن کي حج نصيب هو، لَبيَڪَ سان جواب ڏنو. بالڪل اهڙيءَ طرح حضرت عبدالقادر عليه الرحمته جو آواز سموري جهان جي ولين تائين پهتو ۽ سڀني ئي ٻُڌي تسليم ڪيو. (پيران پير ص 73، اَرَفعَ واوضع ص 125،126)
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو