بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Sufi Sadiq Faqir صوفي صادق فقير

صوفي ”صادق“ فقير

صوفي صادق فقير جا وڏا اصل ۾ ڪڇ جا رهاڪو هئا. سندس والدين محمد سومرو ڀاڳيو ۽ مالدار هو، جيڪو پوءِ لڏي ڳوٺ ڍوڍاري (تعلقي مٺي) ۾ اچي رهيو. فقير صاحب 1170 هه مطابق 1756ع ۾ ڄائو. سندن نالو محمد صديق هو. جڏهن پنجويهن سالن جو ٿيو، تڏهن سندس ملاقات اوچتو ميرانپور جي سجاده نشين، حضرت صوفي فضل الله شاهه عرف شاهه قلندر سان ٿي، جنهن جي نظر سان رچي لعل ٿي پيو. مرشد جي صحبت ۾ پورا ٽيهه سال رهيو ۽ اهو عرصو گمناميءَ ۾ گذاريائين چلا ڪڍيائين، رياضتون ڪيائين ۽ معرفت جي منزل ماڻيائين. نيٺ، مرشد جي اجازت سان، پنهنجي ڳوٺ ڍوڍاري ۾ اچي رهيو، جتي مريديءَ جو سلسلو شروع ڪيائين. صادق فقير جي پنهنجي مرشد سان بي پناهه محبت هئي. هڪ جاءِ تي چوي ٿو؛

صورت ڀانيم شيخ کي، معني مڙيوئي،

ٿيو ثابت سڀوئي، حق حقيقت جنهن کان.

چون ٿا ته هڪ ڀيري ڪنهن حضرت شاهه قلندر کي چيو ته، سائين اوهان به ڪجهه ڪلام چئو. پاڻ جواب ۾ فرمايائون ته ابا، اسان جو زنده رسالو، صوفي صادق فقير اوهان جي اڳيان موجود آهي. صوفي رحه جي مقام سنڌي ادب ۾ ارفع ۽ اعلي آهي. ميرانپور جي مڪتب جي هي هڪ شاعر ئي لک لهي. هن جي ڪلام ۾ شاهه عنايت شهيد جي قول  ۽ عمل جي تشريح آهي. سندس ڪلام ۾ تصوف جي رعنائي سان گڏ جدت، ندرت آهي. سنڌ جي مشهور اهل قلم مولانا گرامي صاحب جا هيٺيان لفظ صوفي صادق جي شاعراڻي شخصيت کي نمايان ڪن ٿا.

صوفي ” صادق فقير“  طريقت جي سلسلي موجب، سنڌ جي مشهور بزرگن، جهوڪ وارن صاحبن جو مريد صادق آهي ۽ تصوف ۾ وحدت الوجود جي نظريي جو شارح آهي. سندس پيغام ۾ وحدت ۽ انسانيت، محبت ۽ برادري، اخوت ۽ مساوات جو وسيع نسب العين موجود آهي. هڪ صوفي ۽ لاڪوفي هئڻ جي حيثيت سان، صوفي صادق فقير جو ڪلام سنڌ جي صوفي شاعرن پڻ ممتاز حيثيت رکي ٿو. اهڙي ريت سوز ۽ گداز، ناز ۽ نياز، جمال ۽ جلال جي وجدار ڪيفيتن جي پالوٽ صوفي صاحب جي فن ۽ ڪلام کي سه آتبشه ڪري ڇڏيو آهي. فقير صاحب جو فن، ڪلاسيڪي فن جو تعريف جي لائق شاهڪار چئي سگهجي ٿو. فقير صاحب بيت ۽ وائي جي وسيع دامن کي پنهنجن فني شهپارن سان مالا مال ڪري ڇڏيو آهي.

(سماهي مهراڻ، 2 ،  1961ع ص 243)

صوفي صادق جي ڪلام جا ٻه نسخا، ”درد نامو“ ۽ ” ارشاد نامو“  مشهور آهن. تازو محترم سراج محمد پليءَ سندس ڪلام کي ڪَٺو ڪري شايع ڪيو آهي. جنهن موجب صوفي صاحب جي ڪلام جو وچور هن ريت آهي 232 بيت، 84 وايون، صوفي صادق فقير اسان جي ادب جو چمڪندڙ ستارو آهي. سندس هڪ بيت مثال طور ڏجي ٿو؛

ميڙي ميڙي مال، سُڃا ويا ”صادق“ چئي،

ڏس ڀلي جا ڀال، ڪِين ڏنائين ڪڇ ۾.
....

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو