بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Dalpat Sufi دلپت صوفي

]ماهوار سنڌو رسالي جي مئي 1934ع جي پرچي تان ورتل[

ليکڪ: ڪلياڻ بي‑آڏوڻي بي‑اي

دلپت صاحب، صوفي سونھارو، مرشد موچارو؛ درويش ڪامل، توحيد جو طالب قناعت جو ڌڻي، توڪل جو مالڪ؛ تنھن مڪمل شاعر جو نالو سڳورو سنڌ ڏيھ ۾ ڪنھن نه سڻيو ھوندو! تنھن ھوندي به آءٌ نه سنڀران نه ڪو ڪنھن عالم ويھي سندن ڪلام تي ترتيب وار محنت ورتي ھجي جيتوڻيڪ وقت به وقت سنڌ جي صوفي سڳورن تي اسان جي سنڌي عالمن پئي پلٽون پلٽيون آھن. تنھن جا سبب فقط ٻه سمجھي سگھن ٿا. عام رايو ته صوفي صاحب پنھنجي ڪلام جي نورنمائئ کان پڪي پرھيز ڪري ويا ھوا تنھن ۾ گمان آڻڻ جي جريت ڪنھن کي ٿيندي؟ ٻيو ته ٻاڻئ جا نسخا ڪو ھر ڪنھن عالم وٽ ھڪيا ڪو نه رکيا آھن جو ان مان او فيض وٺي ۽ وٺائي سگھن.

نصيبن سان ورھين کان والد شريف وٽ صوفي صاحبن جي ٻاڻئ جو ھڪ نسخھو سندس (والد شريف جي) دست مبارڪ سان لکيل موجود پيو ھو جنھن جي واس مسڪين جي دستخط کي مطالع ڪرڻ سان منھنجي من ۾ آس اٿي ته جي صوفي صاحب جا وچن’ولات سڀ واسين‘ ته ھوند سنڌ ۾ نئون سوجھرو نمانان ٿي پوي. سندن فرمائش ته انھن کي اندر ئي رکجي سا شايد انھئ سبب ڏنائون ته متان بي تميز خلق انھن کي پورئ طرح نه پروڙي سگھي. ڪامل درويشن جو سندن ڪلام تي رايو اڪثر ائين ئي ٻڌبو آھي. دنيا جي مڙيني زبانن جي شاعر فقيرن اھوئي فرمودو پئي ڏنو آھي سو شايد انھئ ڪري ته متان سندن جولان جو جوش جھان کي جلائي نه وجھي. رومئ جو پنھنجي مرشد تبريز بابت رايو دل تي تري ٿو اچيم.

فتنه و آشوب وخونريزي مجو
بيش ازين ازشمس تبريزي مگو

 مستئ ۾ اچيو الاھي راز کوليو ڇڏين جيتوڻيڪ حق جي واٽ ۾ صبر ۽ خاموشي لازم ٿا ڄاڻن. پوء خلق کي اُنھنجو الاھي اسرار لڪائڻ ٿا گھرن. پر جئن جھان افروز شمح يعني سج کي ڪا به اوٽ لڪل نه ٿي رکي سگھي تئن ڪامل درويش جي قولن کي ڪابه تجويز قابو نه ٿي ڪري سگھي. ڇو ته ڪلام ٿيو حق جي شاھدي جو آئينو سو ڪئن نه عالم ۾ پنھنجو عڪس اڇليندو؟

پر ھيءَ ڪميڻي ڪير جا امر کي اوڏو اچي؛؟ ھڪ عام ۽ خسيس شخص جي آرزو ڇا ھي جو ھڪ صاحب ڪماليت جي فرمان جي آڏو ڦري سگھي؟ پر’جيڏو سندس نالو ٻاجھ به اوڏويائي مڱان.‘ خاطري اٿم ته جي توبه ثابت ٿي سندن ڪلام جي ڪيميائي ھرکجي ھوش ھاريم ته پنھنجي عالم پناه لطف ۽ ڪرم سان اجھو ڏيئي رکي وٺندم. سچ پچ ته سندن ڪلام ٿيو باغ ارم ۽ منھنجي آرزو خس و خاشاکه‑ پرخس و خاشاله يعني ڪکه پن به ته اجھو بوستان ۾ئي ٿا وٺن. سندن ساري ڪلام کي پڌري ڪرڻ جو نه امر آھي نه مون مسڪين کي توفيق آھي. منھنجي فقط اھا مراد آھي ته توحيد جي طالبن کي صوفي صاحب جا ڪي سخن سڻايان جن ۾ سنڌ جي مڙيني شاعر فقيرن جو الھامي آواز اچي ٿو وڃي. شاه جو ناز، سچل جو نياز، بيدل بيڪس جو سوزو گداز؛ سامئ جو ويدانت ۽ روحل جون ڪرشن ڪنئي لاء پڪارين سي سڀ صوفي صاحب جي ڪلام ۾ سماڻل آھن. ٻاڻي شروع ٿئي ٿي راڳه تلنگه آرتئ سان جنھن جو پھريون سلوڪ ڪرشن جي استتي ۾ اچاريل آھي.

آرتي ڪان ڪرشن تھاري، 
سنت جنان مل اُرھنه اُچاري
سڪل جيو جيتي ديھ ڌاري،
 گھٽ گھٽ جاڳي تيري جوت اُجاري

تنھن کان پوء’سي حرفي‘ يعني’ٽيھ حرف‘ جن مان ھر ھڪ سان ھڪ ھڪ سلوڪ شروع ڪيل آھي. الف کان وٺي ٿا شروع ٿين ۽ ي تائين ٿا پورا ٿين. مثلا

الف‑ ايڪو آتما آھين، پورن پريتم سڀ گھٽ مانھين

...         ...         ...         ...         ...

ش‑ شوق ڪون راک رفيق‑ تان آپي معلوم ھوء عميق

...         ...         ...         ...         ...

غ‑ غير ڇاڏري اپنا ‑جڳه جوٺا جانو سڀ سپنا

...         ...         ...         ...         ...

م‑ محبت محب ملاوي‑جيوت ماري ڦر جيوائي

...         ...         ...         ...         ...

ھ‑ ھم جو ھئي ھين ھمدم دوست‑ جو ڪڇه ديکي سو ھم اوست

...         ...         ...         ...         ...

’سي حرفئ‘ جي مثالن مان معلوم ٿيندو ته ڪلام ۾ ڪيڏي نه خيالات جي خوبي آھي ۽ شاعرانه حقيقين نڪتن کي ڪئن نه زبانن جي نون رنگن ۽ روپن ۾ ڍڪايو ويو آھي‑ ھه واري تڪ ۾ پارسي شاعرن جو ’ھمه اوست‘ وارو حقيقي اعتبار آندل آھي ته وري’ايڪو آتما آھين ‘ ۾ ويدانت جو مول متو ۽ منتر اچاريل آھي. انھئ بعد’سلوڪ گر اُستت ڪي‘ يعني گروجن جي اُستتئ  (ساراھه) ۾ سلوڪ آيل آھي جئن پارسي شاعر پنھنجو ڪلام خدا ۽ اُنھي رسول جي حمد اثنا سان شروع ڪندا آھن. سعدئ جو ته عقيدو آھي.

مپندار سعدي که راه صفا

توان رفت جز در پئي مصطفيٰ

 اسانجي شاه پڻ خدا ۽ اُنجي پياري پيغمبير جي ساراه ۾ گفتار جا بي گوھر گڏي پوتا آھن. جيتوڻيڪ طريقت جي واٽ ۾ اسلام ۽ ڪفر جو ڪم ڪونھي تڏھين به ھر ڪو شاعر شعر ۾ ڌوڙي زندگئ ۾ شريعت جي پابندي لازمئ طور ڄاڻي ڪريٿو. تئن دلپت صاحب جن پڻ پنھنجي ستگروءَ اڳيان بلند آواز ۾ سيس نوائين ٿا.

نمو نمو سري ستگورو اچل روپ اکنڊ.

گرو جن جي اُستت ۾ ڪيترو ڪلام چيو اٿن. پر انھئ ۾ آءٌ نه ٿو وڃان ڇاڪاڻ ته منھنجي مراد آھي ته صوفي صاحبن جي ڪلام مان تصوف جي ڪيميا ڪڍي ظاھر ڪريان نه ڪنھن خاص پنٿ جي پاٺنا جو ويھي ورنن ڪريان. ايترو چوڻ ڪافي آھي ته دلپت صاحب جن گروجن ۽ ڪرشن جا پڪا پوڄاري ھوا ڇو ته پاڻ خود راڳه شام ڪلياڻ ۾ فرمائين ٿا ته

دل لٽ گئيا ڌر بنسي ڌر ھئي ڪوئي جادوگر

 صوفي جن جڏھن بيھد بره جو بيان ٿا ڪن ته بي خوديءَ ۾ اچيو خود بحر جون ڇوليون ٿا ھڻن. منصور جي مقابل ٿيو وڃن. فرمائين ٿا.

(شام ڪلياڻ)

 بره جي اُلٽيان باتيان، ڪوئي اُلٽ ويراڳي ٻوجھي.
راز رانول دا برھي ڄاڻن، مغز حقيقت مر ڪر ماڻن.

جي پاڻي ويکن اُجھاتيان، بره جي اُلٽيان باتيان.

بره دي منزل برھي رسندي، ھاٿ حبيب دي ھردم ڪسندي

سي رنگ محل چره جاتيان برھ، بره دي خبر پڙھيان نه ڪائي

پڙه پڙه ڪرندي واءُ وڏائي، جاءِ پڇو خرا باتيان، بره ...

بره باب اُٺ عاشق پڙھندي، درسن ڪارڻ دل وچ ڳرندي

ڪل نه ڪم ذاتيان، بره، مکه محبوب دا نرکن نيھي

جن آپ پڇاڻيا وڙڪر ديھي ، جي ڪٺڙي بره ڪاتيان، بره ...

بره ميدان ۾ عاشق گھڙندي، نال نفس دي نس دن لڙندي

بره بئيرڪ جن چاٽيان، برھ، دلپت اکيان بره جڳائيان

نال نئئان دي نيڻن لسگائيان، رنگه رانول دي راتيان، بره ...

 

وري به بره جو بيان ڪندي شاه وانگر آگ ۽ بٺيءَ جو ذڪر ٿا ڪن ۽ عاشقن کي مٿو ماٽئ وٽ ڪپائڻ جو امر ٿا ڪن.

(شام ڪلياڻ)

بره بيان برھي ڄاڻن
محل محبوب دا مرڪر ماڻن
ڪيا ڄاڻن جا ھل ڄاٽيان
بره بازار ۾ ڦرن بيگانا
دلپت دلبر دست وڪاڻا
جن مي اوپر سر ماٽيان.

عشق جي راه ۾ پاڻ کي فنا ڪرڻ اول شرط ڪيو اٿن. مي يعني شراب آھي محبت جي مستي ۽ ساقي آھي محبوب جنھن کي شاعر نون نون رنگن ۽ ڌنگن ۾ ٿا چٽين. ڪنھن پارسي شاعر ساغر سڏيو آھي معشوق جو منھن کي. صوفي صاحب جن به انھئ ساقئ اڳيان جان نثارئ ڪاتر مشتاق ۽ ماندا آھن.

(شام ڪلياڻ)

بره بوندان ڪي برھي پيون
دستون دلبر مرڪر جيون
سر ساقي در سائيان.

دلبر جي ھٿان مري جيئڻ ٿا چاھين. رومي پڻ شاھدي ٿو ڏئي ته دلبر پھرين جسم کي ويران ٿو ڪري ۽ ويرانئ کان پوءَ آباد.

شاه جان جسم را ويران کند
بعد ويرانيش آبادان کند

ڇوته ھن دنيا جي صحت حاصل ٿئي ٿي بدن جي معموريءَ سان ۽ ھن دنيا جي تن جي تخريب سان. رومي چوي ٿو ته ھتي جي صحت ڳوليو طبيب کان ۽ ھتي جي صحت حبيب کان. دلپت سائين جو سخن آھي

(ڪلياڻ)

حاذق حڪيم سياڻا

ديکه درد ھوئي حئيرنا

سڀني شاعرن، ساڳي ريت شاه کان امير خسروءَ تائين دنيوي طبيب ۽ دل جي درد جي اصلي عداوت کي ورور ڏيئي ٻئي ورقن ۾ ورايو آھي.

سرائڪي، ھندي ۽ اردوءَ کي ڇڏي آءٌ ھاڻي صوفي صاحب جو نج سنڌي ڪلام کڻان ٿو جنھن کي پڙھڻ سان شاه جو نياز، سڪ ۽ اڪير اچيو ٿا اندر ۾ اڇلون ڏين.

(ڪلياڻ)

 شال ھير اڱڻ ايندا‑رانول روح رچندا

 ويڙيچل وطن ڏھون شال واڳون واريندا

واعدا وصل جا پرين پنھنجا پاڙيندا

پکي پيھي پريت سان پرين پاٻوھيون پڇندا

رکي ھينئين ھٿڙا منھنجي سورن سڌ لھندا

عجيب اچي  اڪير سان مونسان اورون اوريندا

 ڪسون ڪٽ فراق جا منھنجي قلبون ڪوريندا

آرايون عاشقن جون سي سٻاجھا سھندا

ويھي مڪتب عشق جي منھنجا سبق سڪ سڻندا

ڏک وڇوڙا سور سڀئي اھو لشڪر لڏيندا

جانب منھنجي جئ ۾ اچي اوطاق اڏيندا

 ڳجھون ڳالھيون اندر سنديون صحيح سي سکندا

 دلپت اچي دليون جانيون محب مونکي ملندا

 

بيڪس ۽ بيدل جو سسئئَ تي ڪلام به ساڳيوئي سڪ ۽ سوز سان چيل آھي. جانب اڳيان مڙيني شاعرن ڪسڻ قبوليو آھي. نيڻن جا نيزا ۽ ڀرن جا ڀالا ۽ عشق جي آگ سي عاشقاني شعر ۾ عام طرح آندا ٿا وڃن تنھنڪري اسان عام خلق کي اُھي بي اثرائتا ۽ دستوري پيا لڳن. پر جن عارفن کي حقيقي نين ‏‏‏ نھوڙيو آھي تن جو تن ئي تنوز آھي ته پوءِ ڇو نه آگ جي اُلن سان اُلفت رکندا. دلپت صاحب پڻ گھڻو ڪلام پرينءَ جي پسڻ کان اڳ سندس پرت ۾ پچڻ تي چيو آھي. چون ٿا

(ڪلياڻ )

ڪيئن نہ عاشق پرين پسن جي عشق جي آڙه پيا
لِئ عجيبن آگ ۾ ڪيئن پؤ رکون کلندي پيا
ساجن سندي نين جا ڪاري لڳا تن ۾ ڌڪا
ڪيئن نہ ڪسندا محبتي خوني خنجر جن تي جھڪيا
ڌرتئ پيا تن ڌڙ ڌٻن جي چاڪ چشمن جي ڦٽيا
ڪيئن جيئَن جن مرڻ من ۾ ڪيا قريبن اڌ ڪنا
سر ڏئي سرھا ٿيا وڃي شوق سوريءَ تي چڙھيا
دلپت جدا ٿي جئ کون مشتاق جانب سان جڙيا

ھتي عارفانه اسرارن جو کلئ طرح اظھار ٿيل آھي. مرڻ آھي من مارڻ ۽ سوري آھي شوق الاھي. جئ کون جدا ٿيڻ يعني خودئ کي ميٽڻ آھي محبوب سان ملڻ.عارفانه نظر ڇڏي جي عاشقانه سان ڏسجي ته ”ڌرتئ پيا تن ڌڙ ڌٻن جي چاڪ چشمن جي ڦٽيا“ واري تڪ ۾ قرب ۾ ڪٺلن جي مڪمل تصوير چٽي اٿن. جن ڪسڻ قبوليو سي

(ڪلياڻ)

ڇو نه پسندا سي پرين جي عشق جي کوري کتا
عاشقن جي جان تي خوني خنجر چشمن کتا
مشھدي لئي محب جي ٻاري ڏنا مچ ۾ مٿا
کڻي نسنگه نيزانينه جا جانب اچي جيءَ۾جتا
سر ڏنو جن سرڪ تي ساقي ڪري مي ان عطا
پي خمر مخمور ٿيا دلپت دلبر جي ھٿان
پاڻ وڃائي پاڻ ۾وڃي رمزرانول جي رتا

انسان پنھنجو اصل وساري ويندو آھي. پر عارف انکي ساري رت ٿا روئن. سانگئ پورو خيال آندو آھي ته


فصل جي خواھش ۾ وسري اصل ويو
سُنگه چونڊيندي نه ڪا نا ياد پيا
جن جو پرين پ ڏيھ سي ڇونه رت روئن

(ڪلياڻ)

 سرتيون ڙي آئون سڪان ساريان
جن کي اڱڻ شال اچن
سي پرين پيھي مان پڇن
جن جا پرين پر ڏيه ۾ ٽن اکيون رت روون
جن چڪن چاڪ فراق جا ٻر سي ڪينئن ننڊون ڪن
مشتاقن جي من ۾ ٿا دونھان درد دکن
وره سندي جرکون تن جيرا منجھ جلن
سنڌ منھنجي سورن جي معلوم آھي تن
لائي لڱن جٿڙا منھنجي دردن دواڪن
دلپت جيو جھان ۾ منھنجو جوڳي ڪيو جن
تنھن کان پوءِ ورلاپ ٿا ڪن ته.

(ڪلياڻ)

سرتيون سپيرين سان سنڱه مون ڪا ڏھون ڪيا وون

جو درد جو داستان اڳي ئي سنڌي عالمن جي سعيي سان شايع ٿي چڪو آھي.

مسڪين وٽ جو نسخو موجود  آھي سوٽن سون ِصفحن جو آھي جنھن مان ڌڻئ جي فضل ۽ دلپت سائين جي دعا سان ٽيھن جو سار ھنن صفحن ۾ ڏيئي سگھيو آھيان. منھنجي رٿ آھي ته ماھوار ڪلام جو خزالو به ھڪ مڪمل شاعر جي زخيرن سان مالا مال ۽ رولق افروز ٿئي. خاطري اٿم سنڌوءَ جو جناب ايڊيٽر صاحب انھئ لاءِ مونکي مھيني سر مھيني پنھنجي مخزن مبارڪ ۾ جگھ ڏين جي مدد امداد ڪندو جئين آءٌ ھن سڳوري ڪم ۾ سوڀاروٿي سگھان ۽ سنڌي عالمن جي قدمن ۾ قدر آھر خدمت ڪرڻ جو لايق ٿي سگھان.

 

]ماھوار سنڌو رسالي جي مئي 1934ع جي پرچي تان ورتل[

آڪاش آسواڻي

پنهنجا رايا ڏيو