بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Sain Khiyal Das سائين کيئلداس فاني

سائين کيئلداس ”فاني“ وليرام بيگواڻي
فاني آ غير فاني


سندس اظهار ۽ اسلوب ۾ رواني ۽ فرواني اڳي کان اڳري آهي. ساڳيو شڪارپوري لهجو ۽ لئه لڳاتار لکت مان لياڪا پيو پائي
ڪٿ چنڊ بادلن مان مشڪندو ڏٺو اٿم،
ڪٿ حسن برپٽن ۾ ڀٽڪندو ڏٺو اٿم،

سائين کيئلداس”فاني“ وليرام بيگواڻي، تاريخ چوٿين اپريل 1914ع ۾ سنڌ ڌرتي جي لاثاني ڳوٺ”مياڻ جي ڳوٺ“ تعلقي شڪارپور ۾ ڄائو. ”ميان جو ڳوٺ“ شڪارپور جي اوڀر اتر طرف(همايون کان اوڀر طرف ڪجهه مفاصلي تي) آهي. سنڌ جو مشهور ادبي رسالو”سنڌو“ 1932ع ۾ پهريان شڪارپور مان جاري ٿيو، ۽ پوءِ آڪٽوبر 1935ع کان جون 1939ع تائين ۽ 1943ع کان ڊسمبر 1946ع تائين ميان جي ڳوٺ مان پڌرو ٿيو.”سنڌو“ رسالي جو ايڊيٽر مسٽر بولچند وسومل راجپال به اصل ”ميان جي ڳوٺ“ جو رهاڪو هو. ميان جي ڳوٺ جو ماحول به شڪارپور جي علمي ماحول وانگر هو. گويا ائين کڻي چئجي ته”ميان جو ڳوٺ“ ڄڻ شڪارپور جو ورش (ڌرتي ۽ ٽڪر) آهي. ميان جو ڳوٺ جا ٻيا عالم - اديب ۽ شاعر هئا، سائين ڪريم بخش ٽانوري، لڇمڻ راجپال، پرڀداس، وسومل راجپال ۽ محمد عظيم سميجو. اهڙي علمي- ادبي ڳوٺ جي ماحول ۾ سائين کيئلداس”فاني“ ڄائو – نپنيو. ابتدائي تعليم ميان جي ڳوٺ جي ورنيڪيولر اسڪول ۾ سائين ڪريم بخش ٽانوريءَ کان حاصل ڪيائين. جنهن لاءِ پاڻ هڪ خط ۾ لکيو اٿائين ته:”استاد ڪريم بخش ٽانوريءَ جهڙو معلم ۽ منتظم، بنيادي تعليم جو ماهر اڄ تائين مون سان ٻيو ڪونه مليو.“ ”فاني“ صاحب ننڍپڻ کان ئي اهڙن قابل استادن جي صحبت ۾ رهيو، جن جي اثر ۽ رنگ ۾ رنڱجي ويو.

ابتدائي تعليم ميان جي ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ بعد مزيد تعليم شڪارپور مان حاصل ڪرڻ لڳو. تعليم دوران سن 1929ع ڌاري آغا غلام نبي”صوفي“ جي صحبت ۾ شعر و شاعري ڪرڻ لڳو. ان وقت هو شڪارپور ۾ ٿيندڙ طرحي يا غير طرحي مشاعرن ۾ شريڪ ٿي، پنهنجو ڪلام پيش ڪندو هو. ان وقت شڪارپور ۾ تمام گهڻا مشاعرا ٿيندا هئا. ڪيترن مشاعرن جي صدارت ته ڪوي ڪشنچند ”بيوس“ ڪئي هئي. بيوس جي مشاعرن ۾ شريڪ ٿي نه سگهندو ته پنهنجو شعر ڏياري موڪليندو هو. ان دور ۾ مشاعرن ۾ شڪارپور مان آغا غلام نبي”صوفي“ فقير غلام علي”مسرور“، لطيف الله ”جوڳي“، ساز علي”ساز“، کيئلداس ”فاني“ ۽ هولا رام”پورن“ ۽ ٻاهران غلام علي”جعفري“، نواز علي”نياز“، محمود ”خادم“، ماستر قادر بخش ”بشير“ ۽ ٻيا ڪيترائي شاعر اچي شريڪ ٿيندا هئا. سائين”فاني“ صاحب جي ان وقت جي هڪ مشاعري ۾ پيش ڪيل غزل مان چند سٽون هت ڏجن ٿيون:

ٻاهر ڪڍون نه ٻاڦ سراپا ڳنڀير هون،
رکندا سدائين دوست لئه دل ۾ اڪير هون،
دولت کي لت هڻي اسان الفت کي چميوسي،
هئاسون امير هاڻي گداگر فقير هون.
ڪي سال بري حال محبت ۾ ٿيا گذشت،
آهيون ڪبير راهه - عشق ۾ صغير هون.
دعويٰ جي ڪئي دوست ته ڌاريا ڇو وچ پون،
پاڻهي جوابدار ۽ پاڻهي مشير هون.
مان محبت ڀري دنيا کي وسائي نه سگهيس،
پيار جي ريت مان ڪنهن ريت نڀائي نه سگهيس.

هو اچي مون کي ڏسي غم جو غم نه ڪري،
مان کلندي کلندي مگر لڙڪ لڪائي نه سگهيس.

سونهن ۾ ڪيڏي ڪشش آهه اڃان پر ڇا ڪجي؟
پاند ڇرڪن کان زماني جي ڇڏائي نه سگهيس.

داغ ڌوئي نه سگهيس ايترو روئي نه سگهيس،
دوش دامن تان هٽائڻ سان هٽائي نه سگهيس.

منهنجي همدردي جي حد آهه جو وچ سير ته ڇا،
مان ڪناري تي به ٻڏندي کي بچائي نه سگهيس.

آهي حرفت جي محل تي ڪو فضائن جو فضل،
مان خزائن ۾ آشيانو بڻائي نه سگهيس.

سائين کيئلداس ”فاني“ صاحب پنهنجي تعليم مئٽرڪ تائين حاصل ڪرڻ کان پوءِ پهريائين شڪارپور شهر جي ”نيو ايريا هاءِ اسڪول“ ۾ مقرر ٿيو، جتي نامور ڪوي شيخ اياز، نورالدين سرڪي، غلام نبي ”مير“ ۽ ٻيا ڪيترا ئي شاگرد وٽائنس پڙهي ڪڙهي نڪتا.
مينگهراج منشاراماڻيءَ جي نيو ايريا هاءِ اسڪول ۾ پنهنجي ڊيوٽي جا فرض سرانجام ڏيندو رهيو ته 1947ع ۾ هتان جي مشهور”چيلا سنگهه ۽ سيتلداس ڪاليج“ ۾ سنڌي استاد جي جڳهه خالي ٿي. ”فاني“ صاحب ان وقت تائين بي اي پاس ڪري چڪو هو. تنهن ڪري ان جاءِ تي مقرر ٿيڻ لاءِ انتطاميا سان رابطو قائم ڪيو، ته ڪوي ڪشنچند ”بيوس“ ڪاليج انتظاميا ڏانهن هڪ سفارشي چٺي هن طرح لکي:ۡ مسٽر کيئلداس بيگواڻي”فاني“ بي اي شڪارپور سنڌ ڪاليج جي سنڌي پروفيسري لاءِ اميدوار بيٺو آهي. پروفيسري جي لياقت لاءِ ڪاليج جي ڊگري سان گڏ جا کيس نازڪ خيال شاعريءَ جي ڏات عطا ٿيل آهي، سا منهنجي نظر ۾ اهڙي آهي، جهڙي سوني منڊي ۾ هيري جي ڪڻي.
ههڙي اعليٰ شخصيت هٿ اچي ته سنڌي ٻوليءَ جو شان دُبالا ٿيندو.
ڪشنچند”بيوس
17 مئي 1947ع
محترم ڪشنچند ”بيوس“ جي ان راءِ کي اهميت ڏيندي، ان وقت جي ڪاليج انتظاميا کيس سنڌي پروفيسر مقرر ڪيو. انهيءَ مقرري کان اڳ ”ڪاليج مسيلني“ جي اشاعت ۽ ڪاليج جي اسٽيج تان ٿيندڙ ڊرامن ۽ ادبي پروگرام وقت ڪاليج انتظاميا”فاني“ صاحب جون خدمتون حاصل ڪندي هئي.
ٿوري ئي وقت کان پوءِ ملڪ جو ورهاڱو ٿيو ۽ هي ڪوي پيدا ڪندڙ ۽ ڪويتائون سرجيندڙ ڪوي ڏيهه ڇڏي پرڏيهي ٿيو.

سال 1955ع ڌاري جڏهن عظيم شاعر شيخ اياز جي نظر مان سنڌو جو پرچو گذريو، جنهن ۾ ”فاني“ صاحب جو نظم او منهنجا وطن شايع ٿيو، جنهن جي مطالعي کان پوءِ مٿس جيڪا ڪيفيت طاري ٿي، تنهن جو اظهار هن طرح ٿو ڪري:
”اڄ سنڌو رسالو نظر آيو، ان ۾ کيئلداس ”فاني“ جو نظم او منهنجا وطن پڙهيم، ڇا ٻڌايان ته نظم پڙهي ڪهڙي حالت ٿي! گويا مون کي ڪنهن کنڀڙاٽين کان وٺي وچ سمنڊ ۾ ڦٽو ڪيو ۽ مان ڇولين جي ڇوهه ۾ اڏامندو ويس. ڪيئي ڪشتيون نظر آيون، ڪن جا سڙهه ڦاٽي ويا هئا، ڪن جا تختا اڏامي ويا هئا. ڪي ڇتين ڇولين ڳڙڪائي ڇڏيون هيون، ڪي طوفانن سان ٽڪر کائي رهيون هيون، ڪن جا همسفر هڪ ٻئي کي چنبڙي قدرت جي انڌڌنڌ حلمن کي هراسجي ڏسي رهيا هئا ۽ ڪي دلشڪسته مسافر، ڪوئي چاڙهو نه ڏسي خود سمنڊ ۾ ٽپي رهيا هئا ۽ درندن جي ڏاٺن ۾ ڏڪي رهيا هئا. اکين ۾ ڳوڙهن جهل نه ڏني. الا! اهي منهنجا پنهنجا هم وطن سنڌي هئا، جن جو مان ساحل تائين بيهي نظارو ڏسندو رهيو آهيان. انهن مان هڪ هو سنڌڙيءَ جو لاکيڻو شاعر، کيئلداس”فاني“، جو فاني فقط پنهنجي نهٺائيءَ ڪري سڏائيندو آهي، جيتوڻيڪ هو شعر جي دنيا ۾ ”باقي“ آهي، هو سنڌي ادب ۾ امر ٿي چڪو آهي ۽ اسان جا آئينده نسل سندس ڪلام بيحد رقت ۽ گداز سان پڙهندا رهندا.“ (جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي ص 142-143) مٿي ان نظم ”او منهنجا وطن“ جو آخري بند؛ ....
او منهنجا وطن دلدار وطن،
ڪيا ڪيڏا ڀلائڻ جا مون جتن،
لڳي لنءُ لنءُ ۾ آهي اهڙي لگن،
ڀل کان نه ڀلن اهي ڀاڻ ڀون،
ڪوشش مون ڪئي وئرٿ سان وئي،
ڳاريندي رهي ڪرمن جي ڪئي.
--
مشڪل ٿي پيو واپس آ ورڻ،
مشڪل ٿي پيو ڳڻتين ۾ ڳرڻ.
چاهي ٿو هرڻ واريءَ ڏي ورڻ،
سمجهي ٿو سٺو اڄ رڃ ۾ مرڻ،
سنسار جو تنگ خيال سڏي،
دل قرب جو تنهن کي ڪمال سڏي.

”فاني“ سنڌي شاعرن جي ساٿ جو اڳواڻ آهي. هي بي سرو سامان ماڻهو سنڌ ڇڏي وڃڻ کان پوءِ جيڪي به سڏڪي ساهه کڻي ٿو، تن مان وطن جي وڇوڙي جي وير وري ٿي. سندس اظهار ۽ اسلوب ۾ رواني ۽ فرواني اڳي کان اڳري آهي. ساڳيو شڪارپوري لهجو ۽ لئه لڳاتار لکت مان لياڪا پيو پائي. ان کان علاوه هو شاعريءَ جي ڏيهه ۾ سخن جي صنفن بيت، گيت، ڪافي، چوسٽو، رباعي، غزل ۽ نظم ته لکندو رهيو، پر پنجڪڙن ۽ ترائيل تي به طبع آزمائي ڪري پيو.
”فاني“ صاحب جو غزل به نهايت ئي خوبصورت آهي. سندس غزل ۾ غزل کان علاوه هر هڪ بند ۾ فلسفو ۽ فڪر سمايل آهي. اڪثر سندس غزل جو هر بند”بيت الغزل“ ۽ ”شاهه بيت“ آهي.

ڪٿ چنڊ بادلن مان مشڪندو ڏٺو اٿم،
ڪٿ حسن برپٽن ۾ ڀٽڪندو ڏٺو اٿم،
آ ڏور هندوري جي حسينه جي هٿن ۾،
حبشڻ کي ان ۾ لاڏ مان لڏندو ڏٺو اٿم.

ته کيئلداس ”فاني“ صاحب جي شاعري فن ۽ فڪر جي لحاظ کان سنڌي ٻولي ۽ ساهتيه جو غير فاني سرمايو آهي، جنهن کي فراموش ڪرڻ سنڌي شاعريءَ جي تاريخ يا سنڌي ادبي تاريخ جو ناقابل تلافي نقصان ٿيندو.
دل جا بادل دل اک تي ڇانيل،
بوند ۾ منهنجي بحر سمايل،
دل ۾ آلو دود دکي ٿو،
”فاني ٻاهر آگ اجهايل.

ڪجھ بيت ”فاني“ صاحب جا؛
چٽ ڏسي ٿيو چت ۾، بيحد باغ بهار ۾،
آيو اهنڪار، گهڙي مورک ماڻ ۾.
__
دلي پنهنجو پاڻ، پڏائي پورو ڪيو،
سندس مٽي ماءُ، وڻي ڪيئن واکاڻ،
پاڻ مٿان ڪيو ماڻ، مٽي خود مدمست ٿي،
__
ڪنڀر ٻڌي ٻٽاڪ، ٻنهي مٽي ماڻ جي،
چي: ناحق ويٺا ڪريو، هڪ ٻئي اڳيان هاڪ،
مان ئي کوٽي خاڪ، ڳوهي چاڙهي چڪ تي.
__
اڻ هوندو اڀمان، مورک مٽي ماڻ جو،
پنهنجي تڇ توفيق تي، مستي ڪيا مستان،
اُن ڪنڀر تان قربان، جنهن مٽيءَ مان جڳ جوڙيو.
__
مُئي هڪ ڏينهن مارئي، جيئندي صديون سال،
مارن لاءِ مرڻ جو، ملندو ڪونه مثال،
محلن منجهه محال، جنهنجو جياپو ٿيو.
__

مُئي هڪڙي مارئي، ٻي ڪا ڪانه مري،
لکن مان ڪا لهسجي، دردي دانهن ڪري،
ساعت ڪانه سري، جنهن جي دلبر ديس کان.
__
تارا تنهنجي لاٽ، کسجي ويندي کن ۾،
هڻندءِ چنڊ چماٽ، ڪري پوندين پٽ تي.
__
داڻو داڻي سان ملي، سڏجي ٿو هڪ سنگ،
بوندون بوندون سان ملي سڏجن ٿيون سارنگ،
اهڙو شال امنگ، جاڳي هر جاتيءَ ۾.

(کيئلداس فاني جي ديهانت جي تاريخ ”سمنڊ سمايو بوند ۾“ جي بئڪ ٽائيٽل تي جون 1995ع ڄاڻايل آهي.
ڪتاب: سَمُنڊ سمايو بُوند)

 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو