بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Kishanchand Bewas ڪشنچند بيوس



ڪشنچند بيوس


انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا



’بيوس‘، ڪشنچند: ڪشنچند -تيرٿ- داس کتري ’بيوس‘، جديد سنڌي شاعريءَ کي نئون موڙ ڏيڻ وارو شاعر هو. هن 25 فيبروري 1885ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو، سندس پيءُ -تيرٿ- داس کتري حڪيم هو، بيوس کي ٻه ٻيا ڀائر به هئا، هڪ تولا رام، جيڪو -انگريزي- ماستر هو ۽ ٻيو موتيرام ڪورٽ ۾ ڪلارڪ هو. ٽئي ڀائر اڃا پڙهندا هئا ته سندن پيءُ لاڏاڻو ڪري ويو. -ان- ڪري ڪشنچند لاءِ نوڪريون ڪرڻ ۽ گهر جون ذميواريون سنڀالڻ ضروري ٿي پيو. پيءُ جي وفات کان پوءِ سندس ماءُ گهر ۾ حڪمت ڪرڻ لڳي، کيس پاڙي وارا ”ڏاهي“ ڪري چوندا هئا. بيوس پورهيت ماءُ جي خرچ تي پرائمري ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج ۾ پڙهندو هو، هڪ ڏينهن هاسٽل جي سپرنٽينڊنٽ رات جو دير سان ڪشنچند جي ڪمري جي بتي ٻرندي ڏٺي، وڃي ڏٺائين ته 16 سالن جو نوجوان ڪرسيءَ تي ننڊ پيو هو ۽ پاسي ۾ ڪاغذ جي هڪ -ٽڪري- تي هڪ نظم لکيو پيو هو، جيڪو پڙهي ڏاڍو متاثر ٿيو. ٻئي ڏينهن بيوس جي ڪلاس ٽيچر کيس مبارڪ ڏيندي چيو ته ”تون هڪ ڏينهن ضرور مهان شاعر ٿيندين“. اهو سال 1901ع هو، -ان- کانپوءِ 1925ع کان 1940ع تائين بيوس پنهنجي ابدي ڏات ذريعي سنڌي ٻوليءَ جو بهترين شاعر بڻجي ويو. هن جديد سنڌي شاعريءَ جو بنياد رکيو. -ٽئگور- کان متاثر ٿيو ۽ سندس شاعريءَ جي مطالعي لاءِ انگريزيءَ جي ڄاڻ حاصل ڪيائين ۽ لاڙڪاڻي جي گيان -باغ- ۾ 1940ع کان 1947ع تائين هفتيوار ادبي ڪلاس هلائي، -ٽئگور- جي شخصيت ۽ شاعريءَ تي ليڪچر ڏيندو رهيو. بيوس ٻارن لاءِ نهايت خوبصورت شاعري ڪئي آهي. -ان- زماني ۾ دادا شيوڪ ڀوڄراج، بيوس جي ٻاراڻن ناٽڪن ۾ ڪردار ادا ڪندو هو ۽ اُهي ناٽڪ بيوس جي گهر ٻاهران ٿيندا هئا. اتي ٻالڪن جي ٻاريءَ جا ميڙ به ٿيندا هئا. هن فرشتي صفت -انسان- لاڙڪاڻي ۾ ٻارڙن جو پهريون وڏو ميڙ به ڪوٺايو هو. سندس ٻاراڻن گيتن جو ڪتاب ”موجي گيت“ جي نالي سان ڇپيل آهي.
بيوس سنڌي شاعريءَ جي -تاريخ- ۾ سدائين زنده رهندو. هن جي شاعراڻيءَ واٽ تي هلندي، هوند راج دکايل، هري دلگير، نارائڻ شيام ۽ شيخ -اياز- سنڌي ٻوليءَ جا ديو قامت شاعر ٿي اڀريا. بيوس جي شاعريءَ جي ڪتابن جو تفصيل هن ريت آهي:
”سامونڊي سپون“ (1929ع)، ”شيرين شعر“ (1929ع) ”ڦول داني“ (بيوس ۽ ٻين جي شاعري (1939ع)، ”گرو نانڪ جيون ڪوتا“ (1935ع)، ”موجي گيت“ (1935ع) -انڊلٺ- (هڪ فصلا ناٽڪ: 1939ع)، ”شعر بيوس“ (1951ع)، ”بيوس گيتا نجلي (1960ع)، سڏ پڙاڏو ساڳيو (بيوس جي شاعريءَ جو گڏيل ڪتاب: 1984ع)، ڪُليات بيوس (مرتب: محمود شاهه -بخاري- 1991ع)، ”ڇهه ڇهه پئسا، ٻه ٻه پايون“ (مرتب: نصير مرزا 2001ع)، شايع ٿيل آهن. -ان- کان سواءِ سندس شاعراڻي ڏات، شخصيت ۽ فن تي ڪيترائي ڪتاب ترتيب ڏيئي ڇپايا ويا آهن، جهڙوڪ: ”ڪشنچند بيوس“ (ليکڪ: هري دلگير 1982ع)، ”-بيوس جي ڪوتا- جو جائزو“ (مرتب: هري دلگير 1993ع)، ”-بيوس هڪ اڀياس- 1972ع)، ”شاعر ته بيوس“ (بلديو گاجرا 1983ع)، ”-بيوس هڪ گلدستو-“ (ليکڪ هري دلگير 1993ع) وغيره.
ياد رهي ته ڪشنچند بيوس جي هر شعري ڪتاب ۽ سندس فن ۽ شخصيت تي لکيل ڪتابن جا ڪيترائي ڇاپا شايع ٿي چڪا آهن. ڪشنچند بيوس 23 سيپٽمبر 1947ع تي وفات ڪئي.
...

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو