بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Murad Faqir مراد فقير

مراد فقير
سنڌ ته هونئن ئي موتين جي کاڻ آهي ۽ سنڌ کي سنتن ۽ صوفين جي سرزمين پڻ ڪوٺيو وڃي ٿو. سنڌڙي جي هر حصي ۾ اها کاڻ ڀري پئي آهي ۽ ٿر ۾ اهڙا موتي ڪردار مڙيئي ڪجهه سوايا آهن. جتي هتان جي مٽي ته جي مڻيا پاڻ نه مڃايو آهي. چون ٿا ته؛ راڳ ٿر ۾ مئو آهي. پر مون هميشه اها چوڻي حسد ۽ ساڙ تي ٻڌل لڳندي آهي.
ٿر ۾ جنم وٺندڙ راڳين جيتوڻيڪ ٿورو ڳايو آهي پر جيترو به ڳايو آهي، اهو ڪمال جو ڳايو آهي. جنهن جي ڇاپ صدين تائين رهڻي آهي. مائي ڀاڳي، مراد فقير، استاد شادي فقير، ٻڍو فقير، موهن ڀڳت، مصري ڏيپلائي، احمد ڏيپلائي، استاد حسين فقير، اهڙا نالا آهن جن تي ٿر کي هميشه فخر رهندو آهي. سندس راڳ لاءِ ڪيل خدمتون ڏيساور تائين ڳائجن پيون. اهڙن نالن ۾ هڪ يگانو ۽ درويش طبيعت فنڪار مُراد فقير به هو.
سندس دؤر جا ڳايل گيت اڄ به ٻڌندڙن جي اندر جي تار کي ڇيڙي وجهن ٿا. استاد مراد فقير جي جنم جو ڏينهن نه معلوم نه ٿي سگهيو آهي. پر سندس جنم ٿر جي هڪ غريب ضرور پر سُرتال جي شاهڪار قبيلي مڱڻهار ۾ ٿيو. مٺي کي اها خوشنصيبي حاصل آهي جو مُراد فقير سندس ڪُک مان جنم ورتو ۽ سندس ۽ هنج ۾ آرامي آهي. چوڻ وارا چون ٿا ته؛ استاد اُميد علي خان جو سپوت شاگرد، جيڪڏهن چرمي جي هڪ گيت ۾ پنهنجو آلاپ شامل نه ڪري ها ته اهي چرمي، ٿر جي ڀٽن ۾ ئي دفن ٿي وڃي ها. استاد مُراد فقير پنهنجي فني سفر ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، مرزا طالب، مخدوم امين فهيم، سيد مرتضيٰ شاهه ڏاڏاهي، سيد عباس علي شاهه ۽ سيد مصري شاهه کانپوءِ هڪ ٿري گيت پڻ، ڳايا. سندس همعصر فنڪار، مُراد فقير جي فقيرياڻي طبيعت، سادگي ۽ شرافت جا ڪيئي قصا ٻڌائين ٿا. اهڙا ماڻهو پنهنجي فن جو حال ۽ مستقبل بابت فڪر مند رهندا آهن.
مُراد فقير کي پڻ اهو اونو ضرور هو ته کانئس پوءِ ٿر ۾ راڳ جو ساڳيو عروج ڪيئن قائم رهندو. شايد انهيءَ ڪري سندس شاگردن لاءِ ڪيل چُونڊ، بي مثال هُئي. سندس شاگردن ۾ موهن ڀڳت، ٻُڍو فقير، ڀڳت صالو رام، مهراج داس ديو ڀڳت ۽ ٻيا شامل آهن. جن مُراد فقير کانپوءِ سنڌ ڌرتي کي نوان سُر ۽ الاپ ڀيٽا ڪيا، جن جي سُرهاڻ سنڌي ماڻهو دنيا جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ اڄ به وٺي رهيا آهن ۽ سندن ايمان هن عظيم ڌرتيءَ ۾ قائم آهي. ٿر جي فنڪارن سان هڪ الميو رهيو آهي ته کين مناسب موقعا، مالي سهائتا تيئن نه ٿي، جيئن دنيا وارا پنهنجن فنڪارن کي ڏين ٿا. اسان جا ڪيئي فنڪار، انهيءَ ڪري گُمنامي ۽ مفلسي واري زندگي گذاري هليا ويا.
1977ع جي 18 مئي به اهڙو اڀاڳو ڏينهن هو جنهن ڏينهن اسان جي هن عظيم راڳي کي اسان کان وڇوڙي ۽ مڻين مٽيءَ هيٺ، مٽي جي قبرستان ۾ هميشه لاءِ آرامي ڪري ڇڏيو پر سندس پونئرن مان هڪ ئي نالو آهي. رجب فقير جو، جيڪو مُراد فقير جو پوٽو آهي ۽  پنهنجي ڏاڏي جي نالي سان مٺي ۾ هڪ ميوزڪ اڪيڊمي قائم ڪري راڳ جي خدمت ڪري رهيو آهي ۽ انهي کانسواءِ پنهنجي ڏاڏي جي ته ڏٻرين اکين جي ڏنل سڀني خوابن کي ساڀيان بخشي رهيو آهي.
مُراد فقير جي سرن جن گيتن جي لفظن کي زندگي بخشي تن ۾ مشهور گيت هي آهن:
سڄڻ تون نه آئين، وري عيد آئي،
چرمي
الله ڄڻ اوري
مارئي مارڻ لاءِ ٿي روز سِڪي
اوڏڻ
تون اتان منهنجا پيروي

 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو