بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Pir Hassam Shah Rashdi پير حسام الدين شاه راشدي

پير حُسام الدين شاهه راشدي

ڪي ماڻهو، تاريخ ٿين ٿا،
گهايل ڌرتيءَ جي سيني تي،
اهڙي هڪڙي چيخ ٿين ٿا،
جا قومن کي، جاڳائي ٿي،
جا دنيا کي، گرمائي ٿي.
(استاد بخاري)
چون ٿا ته تاريخ ماضيءَ جو اهڙو گهرو سمنڊ آهي، جنهن ۾ هڪ محقق ٽٻي هڻي، غوطا کائي اهڙا ته موتي آڻي سامهون رکي ٿو، جن جو مثال ملڻ مشڪل آهي، وري تحقيق اهڙن مثالن کي چار چنڊ لڳايو ڇڏي، جيڪي ماڻهو علم ادب سان عشق رکن ٿا، انهن کي خبر آهي ته تاريخ ۽ تحقيق جو هڪ اهڙو انوکو عشق آهي، جنهن ۾ ڪو تاريخدان يا تحقيقدان هر وقت جستجو، جدوجهد ۽ انوکا تجربا ڪندي نظر ايندو آهي ۽ اهڙا تجربا ڪندڙ کي سنڌ جو عاشق چيو ويندو آهي.

سنڌ جي تاريخ تحقيق ڪندڙ عاشقن سان ڀري پيئي آهي، جيڪڏهن هرهڪ عاشق جو ذڪر ڪنداسين ته ڪيئي ڪتاب لکجي ويندا.
اڄ اسان جنهن تاريخ ۽ تحقيق جي عاشق جو ذڪر ڪنداسين، اهو آهي سنڌ جي تاريخ ۽ تحقيق جو روشن ستارو ”پير حسام الدين شاهه راشدي“ جنهن جو ذڪر ڪرڻ سان سنڌ جي صدين جي تاريخ ڇلڪندي نظر اچي ٿي ۽ تاريخي ماڳ مڪلي مهڪندي نظر اچي ٿي. پير حسام الدين شاهه راشدي 20 سيپٽمبر 1911ع تي رتيديري ضلعي لاڙڪاڻي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”بهمڻ“ جي هڪ علم دوست خاندان ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪري انگريزي، اردو، فارسي ۽ عربي تعليم ۾ عبور حاصل ڪيائين.
علم ادب سان لڳاءُ کيس ننڍپڻ ۾ ورثي ۾ مليو، پاڻ ڏهن سالن جي عمر ۾ سکر کان نڪرندڙ هڪ رسالي ۾ ڪم ڪري پنهنجي سفر جي شروعات ڪيائين. 1930ع ۾ هفتي ۾ 2 ڀيرا نڪرندڙ اخبار ”سنڌ زميندار سکر“ جي ايڊيٽر طور ڪم ڪيائين. ان کانپوءِ 1934ع کان 1937ع تائين روزنامه ”الوحيد ڪراچي“ سان وابسته رهيو. 1940ع ۾ روزاني ”قرباني“ ۾ ڪم ڪيائين. 1958ع کان 1961ع تائين سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو مان نڪرندڙ ٽماهي رسالي ”مهراڻ“ سان وابسته ٿيو.
پير حسام الدين شاهه راشدي سنڌي صحافت سان گڏ اردو ۽ فارسي ۾ به ڪم ڪيو. پاڻ 1967ع ۾ ڪراچي جي هڪ اردو ٽماهي رسالي ۾ خدمت ۽ 1969ع کان 1970ع تائين فارسيءَ ۾ شايع ٿيندڙ ٽماهي ”پارس“ جي ادارتي شعبن تي ڪم ڪيائين.
پير حسام الدين شاهه راشدي صاحب جي پهرين سنڌي تخليق ”اسلامي ڪتب خانه“ ڪتاب آهي، جيڪو 1960ع ۾ شايع ٿيو. تاريخ جي ميدان ۾ سندس مشهور تخليقون ۽ ناياب ڪتاب ”تزڪره امير خاني ’1961ع‘ مڪلي نامون ’1967ع‘ هو ڏوٿي هو ڏينهن ’1977ع‘ مير معصوم بکري ’1979ع‘ شايع ٿيا، جيڪي سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهم اثاثو آهن. سندن مشهور ڪتاب ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ سنڌي ادب جو هڪ بهترين ڪتاب آهي.
پير حسام الدين شاهه راشدي کي 1973ع ۾ ”تهران يونيورسٽي“ طرفان ڊاڪٽوريٽ جي اعزازي ڊگري ڏني وئي. پير حسام الدين شاهه راشدي جا هن وقت تائين سنڌيءَ ۾ 16، فارسيءَ ۾ 25 ۽ اردو ۾ 4 ڪتاب شايع ٿيل آهن، جڏهن ته اڻ ڇپيل ڪتابن جو تعداد 13 آهي، جيڪي علم ادب جو بهترين خزانو آهن. راشدي صاحب کي سنڌي ادب ۽ تاريخ سازيءَ سان بيحد محبت هئي ۽ پاڻ سنڌ شناسيءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئا. هلندڙ صديءَ ۾ سنڌ جون تقريباً ٽي پيڙهيون سندس اعليٰ خيالن ۽ ويچارن کان فيضياب ٿيون آهن. راشدي صاحب جا ٽي سؤ کن مضمون ۽ مقالا سنڌ جي مختلف سنڌي، اردو، فارسي ۽ انگريزي رسالن ۾ شايع ٿيل آهي.
پير حسام الدين شاهه راشدي سنڌ جو اهو سرموڙ تاريخدان هو، جنهن کي سنڌ جي تاريخ ۽ تحقيق سان جنون جي حد تائين عشق هو. هو سنڌ جي تاريخ کي هميشه جديد انداز سان ڏسندو هو. کيس سنڌ جي تاريخ سان گڏوگڏ سنڌ جي قديم ماڳن سان به تمام گهڻي دلچسپي هوندي هئي، خاص طور تي مڪليءَ جي ماڳ سان ته سندس دلي محبت هوندي هئي.
پير حسام الدين شاهه راشدي سنڌ جي نوجوانن ۾ تاريخ ۽ تحقيق جو اتساهه پيدا ڪيو، سندس ڪوشش سان ڪيترائي نوجوان محقق تاريخ ۽ تحقيق جي ڪم سان نئين ۽ جديد انداز سان جنبي ويا، جيڪي اڄ به سنڌ جي نئين تاريخ ترتيب ڏئي رهيا آهن، هن نوجوانن ۾ تاريخ سان دلچسپي ۽ جذبو پيدا ڪيو.
سنڌ جي تاريخ ۽ تحقيق جو روشن ستارو پير حسام الدين شاهه راشدي تاريخ پهرين اپريل 1982ع تي اسان سمورن کي جدائي جو داغ ڏئي ۽ تاريخ، ادب اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويو. سندس علم ادب، تاريخ ۽ تحقيق وارو ڪم سنڌ واسين کي هميشه ياد رهندو.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو