بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Faqir Wali Mohd: Laghari فقير ولي محمد لغاري

فقير ولي محمد لغاري


نواب ولي محمد لغاري، نواب احمد خان لغاري جو وڏو پٽ هو. سندس ولادت ٽنڊي ولي محمد ۾ 1252 هه ۾ ٿي. فارسي جي تعليم غلام محمد ۽ محمد صادق کان ورتائين. پنهنجي والد احمد خان جي ترغيب موجب، طريقيت جي تلقين جهوڪ شريف جي سجاده نشين صوفي ابراهيم شاهه  کان ورتائين، جتي فقيراڻي صحبتن ۾ رهيو ۽ ڏهه چلا ڪڍيائين. دنوي ڪمن کان گهٽ چاهه هوس.

فقير ولي محمد صوفياڻي ڪلام کي پنهنجي خيالن جي اظهار جو طريقو بنايوآهي. سندس ڪلام مان معلوم ٿئي ٿو ته هو سنڌي شاعريءَ ۾ ڪمال دسترس رکندڙن مان معلوم ٿئي ٿو ته هو سنڌي شاعري ۾ ڪمال دسترس رکندڙ هو. سنڌي جي ڪافي گو شاعرن مصري شاهه ۽ سندس مرشد صوفي ابراهيم شاهه    جي ڪافين جو مٿس وڏو اثر آهي. جتي هڪ ڪافي مان ٽي بند پيش ڪجن ٿا.

هت آهيان انسان، هُت ڄاڻان ڪير آهيان،

وطن ڇڏي هت سانگ تي آيس، ڏينهن ٻه ٽي مهمان،

دل سندي اسرار جي ڪل پوي ٿي ڪانه،

ولي محمد ان ڳالهه کي ڳولج، صوفي سندي عنوان

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو