ساڌو هيرا نند
من
جي اسٿتيءَ لاءِ يوگه شاستر جي سماڌي پاد يعني پهرئين حصي ۾ جيڪي ست اُپاو ڏنل آهن
تن مان پنجون اُپاءُ آهي ڪليش رهت مهاتمائن جي جيوت تي وري وري ويچار ڪرڻ. تنهن
ڪري سنت آتم شڌيءَ لاءِ چوندا آهن ته سنتن جون جنم ساکيون پڙهڻ گهرجن. انهيءَ
پٽاندر ديوان ڏيارام به ٻن مهاپرشن جون جنم ساکيون ٺاهيون ۽ لکيون: هڪڙي مستر
ملباريءَ جي ۽ ٻي ساڌو هيرانند جي. ساڌو هيرانند جي ڪتاب جي مهاڳه ۾ لکيل تاريخ،
19 آڪٽوبر 1903ع آهي ۽ جاءِ، ڪلفٽن ڪراچي.
ڪتاب
ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. پهرئين ڀاڱي ۾ ساڌو هيرانند جي اسڪول ۽ ڪاليج جي ڏينهن جو
ذڪر آهي، 1863ع کان 1879ع تائين حيدرآباد ۾ ٻالپڻو، سڪول. پوءِ پنج ورهيه ڪلڪتي ۾
1879ع کان 1884ع تائين ۽ ڪيئن هن جي مٿان ڪيشب چندرسين ۽ برهمو سماج جو اثر ٿيو.
ٻئي ڀاڱي ۾ سندس جيوت ڪراچيءَ ۾ فيبروري 1884ع کان نومبر 1887ع تائين اخبار
نويسيءَ جي ڪم واري ۽ پوءِ نومبر 1887ع کان مرڻ تائين جنهن ۾ استري وديا، لوڪ شيوا
۽ وبا ۾ شيوا، پنگتي سڌار ۽ ڇوڪرن لاءِ اسڪول اهي سڀ ڳالهيون اچي ٿيون وڃن.
ڀومڪا
۾ لکيل آهي ته هيرانند خود نئرت، نهٺائي ۽ نماڻائيءَ جي مورتي هو. هو هڪڙو رستي تي
رهيل شرميلو گل هو، جنهن پنهنجي خوشبوءِ، ڪيترن ورهين تائين سنڌ جي بيابان ۾ وئرٿ
وڃائي. هو مشهوريءَ کان ونءُ ويندو هو. ورهين کان وٺي منهنجي دل ۾ اهو انديشو هو،
ته اهڙي جي جيوت، جا افسوس وري تمام ٿورا ورهيه هلي، سا ظاهر ڪرڻ واجب آهي يا نه
آخر انهن سنسن کي شانت ڪري مون سندس تمام مختصر جيوت جي آکاڻي لکي آهي، انهيءَ
اميد تي ته من ٻين مسڪين طبع ۽ نماڻن ماڻهن کي ڪجهه انهيءَ مان آٿت اچي ۽ اتساھ
وڌي.
هيرانند جو پورن وشواس هو ته يگيه ۽
قربانيءَ کانسواءِ سائين سهائتا ڪين ڪندو آهي. هو نه رڳو خود قرباني پنهنجو فرض
ڪري سمجهندو هو پر نور نورانيءَ جي حق جي شاهدي ڏيندو هو ۽ سندس سچيءَ سونهن موجب
پنهنجي حياتيءَ کي هلائڻ مان جو سچو آنند اچي ٿو؛ تنهن جي به ڏيکاري ڏيندو هو. هن
جي جيوت هئي ٻين جي ڀلي لاءِ؛ هن جي سموري حياتي ويئي حق تعاليٰ جي تلاش ۾، پريتم
جي چاهڻ ۽ ڳولڻ ۾. گهٽ ۾ گهٽ انهن سببن ڪري سندس حياتيءَ جي خبر وڌيڪ گهڻن ماڻهن
کي پوي ته چڱو. ننڍي کان ننڍي موم بتي به ميل تائين پنهنجا ڪرڻا پهچائيندي آهي ۽
اسان جي اکين جا ڪرڻا هر هڪ ستاري تائين ٿا پهچن؛ تنهنڪري شايد جيون ڪٿائن جي
ساهتيه لاءِ هيءَ ڪوشش به بي سود نه ٿيندي. پڙهندڙ پاڻ معلوم ڪري سگهندا ته ساتوڪ،
سادي ۽ سندر جيون جو ڪهڙو نه اعليٰ مثال هن ڪتاب ۾ پيش ڪيل آهي. هن ڪتاب جو پهريون
ڇاپو ختم ٿي وڃڻ ڪري ٻيو ڇاپو سنه 1932ع ۾ ڇپايو ويو آهي. اهو جيمني ڪمار ڪوئر
لکيو آهي ۽ منجهس ٽي نوان باب، هڪڙو پهريون جهوني ۽ نئين سنڌ بابت، ٻيو باب اٺون
ڪراچيءَ جي ڪارنامن بابت، باب ڏهون اختصار ۽ آخرين سکيا بابت پڻ درج ڪيل آهن. هيءُ
ڪتاب پنگتي شيوڪن لاءِ ۽ شيوا ڀاءُ وڌائڻ لاءِ ۽ پڻ پاڻ سڌارڻ لاءِ تمام ڪمائتو
آهي.
...
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو