بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Watayo Faqir وتايو فقير

وتايو فقير (1768ع – 1831ع)


وتايو فقير، اصل هندو نسل مان هو. سندس پتا امر سنگ اجواڻي هو، جيڪو تاجپور (پنجاب) جو رهاڪو هو. سندس ماتا جو نالو رڪمڻي ٻائي هو. مائٽ کيس پيار وچان ”وتو“ ڪري ڪوٺيندا هئا. سندس جنم وسپت ڏينهن، ت
هه سياري جي 12 جنوري 1768ع تي ٿيو هو. ڪن سببن ڪري سنڌ ۾ لڏي آيا، جتي نصرپور ۾ ٺڪاڻو ٺاهي ويٺا.
ظاهري طرح تي وتائي کي ننڍپڻ کان وٺي ڪا به تعليم ڪا نه ملي هئي، مگر ڌڻيءَ سڳوري سندس ذهن ۽ ذڪاءُ اهڙو ته تيز ڪيو هو؛ جو وڏن عالمن کي به شهه ڏيئي ٿي ڇڏيائين. هو طنز جي اوٽ ۾ اهڙا ته عالمانه گفتا بيان ڪندو هو، جو ٻڌندڙ دنگ رهجي ويندا هئا. سندس سادگيءَ مان ماڻهو اڪثر چريائپ جو اندازو لڳائي، ساڻس ٽوڪ طور ڳالهائيندا هئا. مگر پاڻ انهن کي اهڙو ته منهن تي معقول جواب ڏيندو هو، جو ڏندين آڱريون ڏئي هليا ويندا هئا.
سندس طبيعت ننڍپڻ کان ئي فقيراڻي هئي؛ جنهن ڪري اسلام لاءِ کيس وڏي عزت هئي. ستت ئي عمرڪوٽ مان سندس شادي به ٿي. ٿورن ڏينهن بعد سندس پتا پرلوڪ پڌرايو. پوءِ ته پاڻ، ماءُ ۽ زال سميت مسلمان ٿيو. جيئن ته پاڻ اصل نالي ”وتو“ سان مشهور هو؛ ان ڪري پاڻ کي ”وتايو فقير“ سڏائڻ لڳو . سندس جيون ساٿي گهڻو وقت جٽاءُ نه ڪيو. پوءِ پاڻ کي اڪيلو پئي ڀانيائين. البته پوڙهي والده جي خدمت کي افضل عبادت ڪري ڄاتائين. زندگيءَ جا 63 ورهيه دم کڻي، والده کي وڇوڙو ڏئي، اربع ڏينهن 22 ذوالحج 1247هه مطابق 19 جون 1831ع تي ٽنڊوالهيار (حيدرآباد) ۾ وفات ڪيائين. کيس شهر کان ٻاهر ٽن ميلن جي مفاصلي تي ابدي ننڊ ۾ آرامي ڪيو ويو آهي.

وتايو، سچ پچ هڪ لاطمع انسان هو. پئسي سان سندس ڪا نه پئي. سندس تعليم جو طريقو به بالڪل نرالو هو. کلندي کلندي عام انسانن کي اهڙا ته دانائيءَ جا سبق سيکاريندو هو، جو سڄي حياتي سندن دل تان ميسارجي نه سگهيا. اسان کي سينه به سينه طنز و مزاح جي اوٽ ۾ ڪافي نقل ياد آهن، جن کي جيڪڏهن يڪجاءِ ڪجي، ته هوند هڪ ضخيم ڪتاب تيار ٿي وڃي. نموني طور هڪ مثال هيٺ ڏجي ٿو:-
”پاڻ هڪ ڀيري گڏهه تي چڙهي ڀر واري ڳوٺ ڏانهن پئي ويو. واٽ تي گڏهه گوهي ڪري، ڦيرائي پٽ تي کڻي اڇلايس. هڪدم ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ پنهنجا ڪپڙا ڇنڊي، گڏھ ڏانهن گهوري چيائينس ته؛ ”بس، وڌيڪ تو کي چوڻ مناسب ناهي. ڇاڪاڻ جو جيڪو تو لاءِ منهنجي زبان تي تري آيو هو، سو تون ته اڳ ئي آهين، باقي ڇا چئي ٻڌايانءِ!“
[مطلب ته ارڏي جي ارڏائي ظاهر ڪرڻ مان ڪو به سود نه ٿو سري، ڇاڪاڻ جو ڏنگيءَ هلت واري مان ڪڏهن به چڱائيءَ جي توقع ڪري نه ٿي سگهجي].

حوالا
(1) – امرسنگ اجواڻيءَ کي ٻيا ٻه پٽ: ورايو، وسايو ۽ ورائي ٻائيءَ نالي هڪ نياڻي به هئي.
(1) – چون ٿا ته سندس مڱ عمرڪوٽ ۾ رهندي هئي. هڪ ڏينهن جيئن ئي پاڻ عمرڪوٽ کان وڃي نڪتو، ته پريان ڪجهه عورتون کوهه تي پاڻيءَ جا گهڙا ڀري رهيون هيون. مڄاڻ ڪا انهن ۾ سندس مڱ به موجود هئي. عورتن کيس چريو ڄاڻي، مڱ کي منهن ۾ ڏيئي کيڪار ڪرائي؛ جنهن جي جواب ۾ پاڻ مشڪي چيائينس، ته ”چريا کريا ضرور آهيون، مگر سڃاڻون سڀ کي ٿا!“ اهو جواب ٻڌي عورتون وٺي ڀڳيون.
(2) – ان وقت سندس عمر 37 سالن جي لڳ ڀڳ هئي. سندس اسلامي نالو ”طاهر“ رکيو ويو هو...

 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو