بيڪس فقير
قادر بخش بيدل جو پٽ محمد محسن بيڪس روهڙي ۾ 2 فيبروري
1859ع تي ڄائو، تعليم ۽ تربيت پيءُ کان ورتائين. روحاني تعليم به ان کان ئي مليس،
تنهنڪري طريقت جو سلسلو ميرانپور سان مليس ٿو. قرآن شريف ۽ فارسي چڱي طرح پڙهيل
هو. عين جواني ۾ 5 رمضان 1248 هه تي وفات ڪيائين.
بيڪس کي شاعري ۽ فقيري ورثي ۾ ملي، شاعر ابن شاعر هو.سنڌ جي
ڳاڻ ڳڻين شاعر مان آهن. سندس ڪلام حسن ۽ عشق سان پُر آهي. سندس دل سوز ۽ گداز سان
سرشار آهي. هن کي مجازي عشق جي مهميز به ائي تنهن سندس ڪلام ۾ سوز ۽ گداز هجر ۽
وصال جي پالوٽ ڪري ڇڏي آهي هو عشق جي ڪيفيت کان واقف آهي. سندس ڪلام ۾ حسن ۽ عشق
جا جذبا ڪثرت سان ملن ٿا. تنهنڪري ئي کيس حسن ۽ عشق جو شاعر چيو وڃي ٿو. هن عشقيا
۽ محبت تي تمثيلي شعر به چيو آهي. سندس ڪلام جو ذخيرو تمام گهڻو آهي. جنهن ۾
ڪافيون، وايون، بيت، ڏوهيڙا وغيره اچي وڃن ٿا. سندس ڪلام ديوان بيڪس جي نالي سان،
ادبي بورڊ ڇپرايو آهي.
...
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو