بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Maulana Ubedulllah Sindhi مولانا عبيدالله سنڌي

مولانا عبيدالله سنڌي
[ 1872ع – 1944ع ]



امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي، خميس 12 محرم الحرام 1289هه مطابق 10 مارچ 1872ع تي سيالڪوٽ (پنجاب) جي ڳوٺ چيانواليءَ ۾ پيدا ٿيو هو. ڄمڻ کان چار مهينا اڳ سندس والد وفات ڪري چڪو هو. ٻن سالن جي وقفي بعد ڏاڏو به گذاري ويس؛ جنهن ڪري يتيميءَ دوران والده پيڪي آندس
 ؛ جتي پنهنجي مامي جي نظر هيٺ پرورش ورتائين – 1878ع ۾ ڄامپور (ديره غازي خان) جي هڪ اردو مڊل اسڪول  داخلا ورتائين. دوران تعليم پنهنجي رفيق (آريه سماج سان تعلق رکندڙ اسڪولي شاگرد) وٽ ” تحفته الهند“  ۽ ”تقويتہ الايمان“  نالي ڪتاب ڏٺائين. دل نه رهيس؛ جنهن ڪري کانئس وٺي پڙهڻ لڳو. پاڻ مطالع ۾ ايترو ته محو ٿي ويو، جو کيس ”اسلام“ جي صداقت تي يقين ٿي ويو – 1887ع ۾ ستين درجي ۾ پڙهندي، مسلمان ٿيڻ لاءِ پنهنجن کان جدا ٿي ويو.




آخري ديس ڇڏي، سنڌ ۾ پهتو. پهريائين ڀرچنڊيءَ وار بزرگ، حافظ محمد صديق سميجو رح (1872ع – 1890ع) وٽ وڃي حاضري ڀريائين. حافظ صاحب جي صحبت مان فيض حاصل ڪري 1910ع ۾ پير جهنڊي ڳوٺ (حيدرآباد) ۾ ديني مدرسو کوليائين؛ جنهن جو ناظم ۽ نگران به پاڻ ٿي رهيو. پاڻ کي ڀرچنڊي بزرگ جو ديني فرزند ڄاڻي ، سنڌ ۾ مستقل رهڻ جو ارادو ڪيائين  ۽ قادري ۽ راشدي طريقن ۾ بيعت به وٽانئس ورتائين. ڪجهه وقت بعد مولانا کي وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جو شوق ٿيو؛ جنهن ڪري 19 شوال 1308هه (1890ع) ۾ روحاني رهبر جي اجازت سان، سندس خليفي، موالان تاج محمود امروٽي رح (1844ع – 1929ع) جي خدمت ۾ اچي حاضر ٿيو. مولانا امروٽي رح منجهس مڻيا ڏسندي، کيس ماستر محمد عظيم خان يوسفزئيءَ جي صاحبزاديءَ سان نڪاح ڪرايائينس . امروٽي بزرگ کيس اولاد جي برابر سمجهند هو. وٽس وڏو ڪتبخانو موجود هو؛ جنهن مان 1315هه (1897ع) تائين سنڌي صاحب ڪافي استفادو حاصل ڪيو. آخر پير رشيدالدين وٽان ذڪر ”اسماء الحسنيٰ“ به حاصل ڪيائين. پير ابوتراب رشدالله ۽ قاضي فتح محمد نظاماڻي صاحبان سان به روح رهاڻيون ڪندو رهيو.
قرآن شريف، حديث ۽ فقہ وغيره جي درس ۾ مولانا محمد قاسم نانو توي ديوبندي رح (وفات 1397هه = 1879) کان شاه ولي الله دهلوي رح (وفات 1366هه = 1947ع) تائين عالمن سڳورن کي پنهنجو استاد مڃيندو هو – 1327هه (1909ع) ۾ ديوبند جي صدر مدرس شيخ الهند ابوالحسن مولانا محمود حسن صاحب کيس گهرايو.  پورا چار ورهيه ”جميعت الانصار“ ۾ ڪم ڪندي، 1331هه (1913ع) ۾ دهلي ويو؛ ۽ ”نظارة المعارف“ نالي ادارو قائم ڪيائين. سال بعد ڪابل روانو ٿيو – 1922ع ۾ ترڪي ويندي، ستن مهينن لاءِ روس ۾ رهڻ جو موقعو مليس. آخر آگسٽ 1923ع ۾ انقره پهتو، اتان اڍائي، سالن لاءِ استنبول به ويو. ترڪيءَ ۾ قيام دوران، اتان جي ماحول ۽ مذهبي عقيدن جو غور سان مطالعو ڪيائين – 1345هه (1926ع) ۾ مڪي معظمہ ويو، جتان پهرين نومبر 1937ع تي وطن واپس ورڻ جي اجازت مليس، مگر جيئن ته حج جو موقعو قريب هو؛ انهيءَ ڪري ترسي، مارچ 1938ع ۾ واپس سنڌ ۾ آيو.
مولانا سنڌي صاحب جو شروعات کان ئي اهو نظريو هو، ته انگريزن جي خلاف جهاد ڪري، هندستان لاءِ آزاديءَ جي راه هموار ڪجي. انهيءَ جو عملي طرح آغاز 1915ع کان ڪيو هئائين. پاڻ عمر جو وڏو حصو قومي ڪمن ۾ صرف ڪيائين. حالانڪ ڏکن ڏاکڙن جي زندگي به کيس بسر ڪرڻي پئي. بعض اوقات ته کيس خطرناڪ صورتحال سان به منهن ڏيڻو پيو. پاڻ سياسي بيداريءَ سان گڏ تصنيف و تالفي کي به چهچٽو رهيو.  
هڪ طرف سفر جي تڪليفن کيس هيڻو ڪري ڇڏيو هو؛ ۽ ٻئي پاسي قومي آزاديءَ جو اونو سندس ساه کي سوگهو ڪري ڇڏيو هو. تاهم به پيري ۽ بيماريءَ جي پرواه نه ڪري، صبر سان ويهڻ نه آيس؛ جنهن ڪري 16 جمادي الثاني 1364هه مطابق 22 آگسٽ 1944ع جي سج ۾ لاهور ۾ پنهنجي فرزند وٽ رحلت ڪيائين. وصيت مطابق کيس رحيم يار خان (پنجاب) جي ڳوٺ ”خانپور“ ۾، ڀلارن بزرگن جي قديم قبرسان ۾ دفنايو ويو.
(1) – مولانا صاحب اصل ۾ سک خاندان جو هڪ فرد هو. سندس شروعاتي نالو ”بوٽا سنگ“ هو؛ ۽ پتا رامسنگ پٽ چسپتراءِ پٽ گلاب راءِ هو، جيڪو پنهنجي ڳوٺ ۾ مختيارڪار جي عهدي تي رهي چڪو هو. هن خاندان جو بنيادي پيشو ”سونارڪو ڪم“ هو. مگر چند فردن نوڪريءَ کي ترجيح ڏني هئي. منجهن ڪافي آسودا هوندا هئا، جيڪي وياج تي پئسا به ڏيندا هئا [مولانا عبيدالله سندهي اور ان کي ناقد- سعيد احمد، لاهور، 1946ع؛ صفحو 333].
(2) – مولان صاحب جا ناناڻا، ديري غازي خان ”ڄامپور“ ضلعي جا رهاڪو هئا. سندس مامو تپيدا هو.
(1) – ”تحفته الهند“ جو مصنف، پايل (پٽيالا) جو رهاڪو، نو مسلم پنڊت اننترام پٽ منشي ڪوٽيمل، المعروف عبيدالله هو؛ جنهن کان متاثر ٿي، پاڻ کي مسلمانڪي نالي ”عبيدالله“ سان سڏائڻ لڳو [تحفته الهند – مولانا محمد عبيدالله (ديبا چه)، دهلي؛ 1330هه (1912ع)، صفحو 1].
(2) – ”تقويتہ الايمان“ جو ليکڪ، شاه اسماعيل شهيد (1779ع – 1831ع) هو، جيڪو عربي ڪتاب ”روالاشرڪ“ جو اردو زبان ۾ ترجمو آهي.
(3) – سچ پچ تها ڀرچنڊيءَ واري بزرگ جي برڪت هئي؛ جنهن مولانا کي صحيح الطريقت ۽ راسخ العقيدت مسلمان بڻائي، دين جو ڪم سونپيو هو. هڪ ڀيري حافظ صاحب، مولانا لاءِ فرمايو هو، ته ”عبيدالله، الله ڪارڻ پنهنجا مٽ مائٽ ۽ مذهب ڇڏيو آهي، هاڻي اسان هن جا ديني ماءُ پيءُ آهيون !“ [دائرة المعار اسلاميه (اردو) – دانشگاه پنجاب، لاهور (جلد 12)؛ 1973ع” صفحو 984].
(1) – اهويئ سبب هو جو پاڻ کي ”سنڌي“ سڏائڻ ۾ فخر محسوس پئي ڪيائين [خطبات و مقالات مولانا عبيدالله سندهي – مرتبہ، محمد سرور، لاهور 1970ع؛ صفحو 169].
(2) – هن نيڪ رسم ۾ سندس والده به شرڪت ڪئي هئي، جيڪا پڇاڙيءَ تائين ساڻ گڏ رهي؛ ۽ پنهنجي سک مذهب تي قائم رهي [ سه ماهي ”مهراڻ“ (سوانح نمبر 3-4/1957ع)، سنڌي ادبي بورڊ، صفحو 267].
(3) – ”ديوبند“ ، برصغير ۾ نامور ديني درسگاه آهي. هي اتر پرديش (U.P) جي سهارنپور ۾ هڪ قديم شهر آهي؛ ۽ تعلقي جي حيثيت حاصل اٿس. تاريخي لحاظ کان سندس شروعاتي ذڪر ”آئين اڪبريءَ“ ۾ آيو آهي. ان کانپوءِ سندس احوال اساطيري ۽ رومانوي داستانن ۾ ملي ٿو. ڪسابن کان منجهس وڻن جي گهاٽي جهڳٽي ۾ ديوي جو مندر (تيرٿ گاه) هو؛ جنهن جي نسبت سان مٿس ”ديوي (ديبي) بن“ (ديويءَ جو جهنگل) نالو پيو، جيڪو ڪثرت استعمال سان بگڙي ”ديوبند“ ٿيو. [دائرة المعارف اسلاميه (اردو)، دانشگاه پنجاب، لاهور، جلد 9، 1972ع، ص 62]. هن وقت سندس آدم شماري 50 هزار آحي. جن ۾ ڪثرت مسلمانن جي آحي. هڪ سؤ مسجدن جي هن سهر کي ”مسجدن جو شهر“ به سڏيو وڃي ٿو. منجهس وڏو ديني درسگاه آهي؛ جنهن جو قيام مولانا محمد قاسم نانوتوي رح (1832ع – 1880ع) جي نگرانيءَ ۾، 15 محرم الحرام 1866هه مطابق 30 مئي 1866ع تي ٿيو. [تاريخ ديوبند – سيد محبوب رضوي، 1372هه، ص 97]. شروعات ۾ مولانا محمود حسن نالي صرف هڪ شاگرد سان، کٻڙ جي وڻ هيٺان مدرسي جي ڪاررواي شروع ڪئي وئي؛ جنهن ۾ پهريون معلم مولانا يعقوب نانوتوي هو [حالات دارالعلوم ديوبند، محمد طيب، ديوبند، 1378هه ص 81] مدرسي ۾ قرآن مجيد، دارا لتفسير، دارالحديث، صرف و نحو، فلسفو، منطق، فقہ ۽ فن وغيره جا شعبا قائم ٿيل آهن. خدا جي فضل سان اڄ دنيا جو ڪو به ملڪ رهيل ناهي؛ جنهن ۾ هتان جو عالم نه پهتو آهي:
]India as I Knew it- (1855-1905)- M.O` Dwyer, London 1925. P.P 177[
مغل سلطنت جي زوال ۽ 1857ع واري انقلاب جي ناڪاميءَ بعد، هنستاني مسلمانن هن قسم جي ديني درسگاه قائم ڪرڻ جي اشد ضرورت محسوس ڪئي [انوار قاسمي – پروفيسر انوارالحسن قاسمي، ديوبند، 1958ع، ص 418].
(1) – مولانا سنڌي جلاوطنيءَ جي زندگيءَ ۾ هينئر 33 سال گذاري چڪو هو.
(2) – پنهنجي تقريرن خواه تحريرن ۾ انگريزن خلاف کلم کلا آواز اٿاريائين. نتيجي طور پاڻ تي سخت پهرا به بيهاريائين. هي اُهو وقت هو، جڏهن ”آزاديءَ جي تحريڪ“ شروع ٿي چڪي هئي پوءِ سنڌي صاحب افغانستان هجرت ڪري ويو؛ جتي ڪابل ۾ ”آزاد هنستان جي عارضي حڪومت“ جو پايو وجهي، سربراهي سنڀاليائين – 1932ع ۾ ڇهن مهينن لاءِ روس به وڃڻو پيس آخر ترڪيءَ ۾ وڃي ڪمال پاشا ۽ عصمت انونو کان سياسي امداد به حاصل ڪيائين.
]Ubaid- Allah Sindhi in Turkey- Detleve H. Khalid (Journal of R.C.D)- Tuhran, Vol: No: 1&2: P.P 38[.
(1) – رسائل وغيره کان علاوه قرآن پاڪ جو تفسير پڻ لکيو هئائين؛ جنهن ۾ مولانا احمد علي لاهوري ۽ مولانا عبدالحي فاروقي به ساڻس فيض يافته هئا [بيس بڙي مسلمانان – عبدالرشيد ”ارشد“، لاهور 1969ع، صفحو 409].
...

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو