بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Sain Bedul and Akhund Abdullah

حضرت بيدل سائين ۽ آخوند عبدالله

آخوند عبدالله رحه جيڪو حضرت صوفي فقير قادر بخش بيدل رحه جو سوٽ هو. آخوند عبدالله سکر شهر جي مولوي عبدالرحمن وٽ ديني علم پڙهندو هو. هڪ دفعي سندس جي مطالعي تحت ڪتاب ”شرع مُلا جامي“ ڪٿي گم ٿي ويو. جيڪو گهڻي ڳولها ڦولها کان پوءِ به هٿ نه آيو. جنهن سبب آخوند عبدالله گهر جي هڪ ڪنڊ ۾ گريه زن ٿيو ويٺو هو. ان وقت اچانڪ حضرت بيدل سائين گهر ۾ گهڙي آيو. پنهنجي سوٽ جي اها حالت ڏسي کيس سرچائڻ ۽ همدردي ڪرڻ لڳو ۽ تمام گهڻو پيار ڏيندي کانئس ماجرا معلوم ڪرڻ گهريائون.
جنهن تي آخوند عبدالله چيو ته،”منهنجي استاد جي هٿن جو لکيل ڪتاب گهر جي ڀاتين ڪٿي گم ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي مان پنهنجي استاد کي ڪهڙو منهن ڏيکاريندس؟“ جنهن تي حضرت بيدل سائين فرمايو ته، ”ادا! ان ڪتاب مان ڪجهه ياد اٿوَ، جيڪڏهن ڪجهه ياد اٿوَ ته مون کي ٻڌايو؟ جڏ
هن عبدالله ڪجهه سٽون پڙهيون، جيڪي ڪجهه کيس ياد هو، تڏهن سرڪار بيدل سائين کيس چيو ته، ” اهو ڪتاب مان تو کي لکرايان ٿو. “ اول ۾ ته آخوند عبدالله کي يقين نه پئي آيو، ڇاڪاڻ ته کيس حضرت بيدل سائين جي ظاهري علم جي لاتعلقي متعلق خوب ڄاڻ هئي. پر جڏهن سڄو ڪتاب لکرائي پورو ڪرايائينس تڏهن سندس حيرت جي حد باقي نه رهي.
...

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو