بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Pir Aijaz Shah Rashidi پير اعجاز علي شاه راشدي

حضرت پير اعجاز شاھ راشدي

ولادت

سندن ولادت پير ڳوٺ (جهنڊي وارا) ۾ حضرت پير سيد احسان الله شاهه راشدي (سنت ڌڻي) جي ٻي گهر (جيڪا شادي کٽياڻ اسٽيشن لڳ ڳوٺ ڪاٺڙي جي سيد اميرالحسن شاهه جي نياڻي سان ڪيائون) ۾ تاريخ 12 ربيع الاول 1348هه مطابق 1929 سومر رات 4 بجي ڌاري ٿي.

تعليم و تربيت

سندن تعليم تربيت ابتدائي ڇهن ورهين جي ڄمار ۾ سندن ڳوٺ ۾ شروع ٿي جتي پاڻ ناظره قرآن پاڪ مولوي شفيع محمد مڱريه ڳوٺ ڇتن شاهه تعلقه سڪرنڊ جي رهاڪو ۽ مولوي جمال الدين متي اصل رڻ ڪڇ جي رهاڪو وٽ پڙهي پورو ڪيائون.

ٻاراڻو ڪتاب ۽ پهرئين سنڌي ڪتاب جا ڪجهه سبق پڙهي تعليم اتي ئي ڇڏيائون.

پاڻ ننڍي هوندي کان ئي مستانه خيال جا هئا تنهنڪري سندن والد کين بهلول جي نالي سان سڏيندا هئا، جيڪو نالو پاڻ پنهنجي شعر ۾ ڪٿي ڪٿي ڪم آندو اٿن.




پاڻ جئين ته سنڌ جي اهم ترين گادي راشديه جا فرد هئا، تنهنڪري سندن سلسله طريقت پڻ اهوئي سمجهڻ گهرجي پاڻ فرمائيندا هئا ته اسان ذڪر يا تلقين پنهنجي والد صاحب، حضرت پير سيد احسان الله شاهه راشدي (سنت ڌڻي) جن کان ورتي آهي حضرت پير سيد محمد راشدي شاهه (روضي ڌڻي) کان سندن تعلق تصوف جي قادري سلسلي سان رهندو آيو آهي. پاڻ سڄي ڄمار رشدو هدايت جا مسند نشين رهيا مگر پنهنجي ڪلام ۽ ويجهي ساٿين ۽ عزيز و اقارب کان علاوه ظاهر طلب مريدي ۾ ڪوبه اهڙو مريد ڪونه ڪيائون جئين عام طرح تصوف ۾ سنڌ توڙي هر خطي ۾ ٿيندو رهيو آهي. ان مان سندس اعلى ظرفي ۽ بلند خيالي جو اظهار ٿئي ٿو ته پاڻ پيرومريد جي ظاهري تعلق ۽ طريقي کي مناسب ڪونه سمجهندا هئا.

شادي ۽ اولاد

حضرت پير محي الدين شاهه اعجاز راشدي جن جون ٻه شاديون هيون. پهرين شادي ڳوٺ پير شاهه نوابشاه مان پير سيد اڪبر علي شاهه وٽان 1952 ۾ ڪيائون: 
1. سيد امان الله شاهه 2. سيد ابوتراب شاهه 3. سيد سجاد الرسول شاهه 4. سيد محمد اشرف شاهه 5. سيد فريد شاهه راشدي

جن مان سيد امان الله شاهه ۽ سيد ابوتراب شاهه جواني ۾ سندن حياتي ۾ ئي رحلت ڪري ويا.

ٻي شادي پنهنجي خاندان ۾ ڳوٺ بابو ڇن سيد نورشاهه جن وٽان 1982 ۾ ڪيائون جنهن مان کين پنج فرزند ٿيا جي حال حيات آهن.
1. ظهور احمد شاهه 2. محمد سليم شاهه 3. سيد ضمير احمد شاهه
4. سيد قائم علي شاهه 5. سيد ڪليم الله شاهه

گذر اوقات

پير محي الدين شاهه اعجاز کي پنهنجي خانداني ورهاست ۾ 194 ايڪڙ زمين ملي جيڪا نوابشاهه کان اوڀر طرف ڳوٺ سرهوڙي خاصخيلي لڳ ديهه گوجرو ۾ هئي، اها هميشه مقاطعه ۾ هوندي هئي.
سال 1962 جي وچ ڌاري هجرت ڪري ضلع سانگهڙ جي ڳوٺ پير سيد معين مهدي شاهه لڳ نواز ڏاهري اسٽيشن سڪونت اختيار ڪيائون. 11 سال اتي رهڻ کانپوءِ وري هجرت ڪري نيو سعيد آباد تعلقه هالا ۾ اچي ويٺا ۽ گوجري واري زمين کپائي پنهنجي هميشرن کي حصو ڏئي باقي پئسن ۾ 82 ايڪڙ زمين ورتائون ۽ پنهنجو الڳ پلاٽ وٺي گهر به ٺهرايائون ۽ ان مان گذرسفر ڪندا رهيا.

پاڻ تمام خوش خلق ۽ حليم طبع هئا، هميشه خاموش رهندا هئا. ڪنهن سان به وڏي وات نه ڳالهائيندا هئا. زماني جي ڏکن غمن جو ظاهر اظهار يا ڪوبه اثر سندن ظاهري وضع قطع ۾ نه ٿيندو هو. انتهائي محبت واري طبعيت هوندي هوئن پکين پسوئن سان به انتهائي شفقت ۽ پيار رکندا هئا.
سخاوت ۽ مهمان نوازي ۾ تمام دريا دل هئا.

ڪيئي ڀيرا گهوڙا ۽ مينهون وغيره سائلن يا مهمانن کي ڏيئي ڇڏيندا هئا. اڄ تائين سندن مئه خاني تي لنگر ۽ مهمان نوازي جاري و ساري آهي.
پير اعجاز راشدي جن رنگ جا سانوار قد جا پورا پنا ۽ تقريبن ڄمار جواني جو ڪجهه عرصو ڇڏي ڪلين شيو رهيا. خوش لباس شلوار قميص ۽ مٿي تي سنڌي ٽوپي پهريندا هئا.

زباني روايتن موجب ظاهر۾ پيئڻ پيارڻ به تمام گهڻو هوندو هئن جئين پاڻ هڪ هنڌ چيو اٿن ته .

ڏاڍو ٿا پيئون پيئون ٿڏهن ٿا جيئون جيئون
اسانجو مرڪ آ پيئڻ اعجاز مست ٿيڻ گهوري گهوري پيماني تي سرڙو ڏيڻ
تڪبر هت نه پڏيا نشيلا نيڻ گڏيا نشا ڏئي تن ته ڇڏيا.

وفات

سندن وفات اڱارو 16 جون 1998 تي شام جو 3 وڳي ايمبولينس ۾ حيدرآباد کان موٽندي چيئنل موري باءِ پاس تي ٿي. پاڻ مختلف اسپتالن ۾ گردن جي تڪليف سبب ڪجهه وقت داخل رهيا ۽ بالاخر دم ڌڻي حوالي ڪري بقا جا راهي ٿيا.

 

1 comment:

پنهنجا رايا ڏيو