صوفي فقير دلپت راءِ
سائين دلپترام صاحب صوفي اصل ويٺل سيوهڻ جا هئا. سندن
جنم سن 1769ع ۾ ٿيو هو. ميرن جي صاحبي ۾ ڪاردار هئا. نوڪري جي ڏينهن ۾ هڪ دفعي
سيوهڻ تعلقي ۾ گشت تي هئا. ته اتي کين سڌ ملي ته مهاتما ڀائي آسرداس صاحب بوبڪ ۾
آيا آهن. اها خبر ٻڌي سائين دلپترام ڀائي آسرداس صاحب جي درشن ڪرڻ لاءِ بوبڪن ۾
ويا. هنن واتان ٻه ٽي امولڪ وچن ٻڌائون ته سندن دل تي اهڙو اثر ٿيو جو هڪدم اوڏي
مهل لکپڙه جي رستي پنهنجي ڪوٽار هٿان مير صاحبن ڏانهن نوڪريءَ جي استعيفا ڏياري
موڪليائون.
ڀائي آسرداس صاحب اصل خيرپور جا ويٺل هئا ۽ پوءِ
ميران پور تعلقي گونيءَ ۾ لڏي وڃي ويٺا. هو جهرڪن وارن صوفي فقير صاحب فضل الله
صاحب جا مريد هئا. سائين دلپترام صاحب ڀائي آسرداس صاحب پنهنجي ستگروءَ جي سانده
ست سال صحبت ڪئي ۽ ان کان اپديش ورتو ۽ انجي سچي دل سان شيوا ڪئي. سائين دلپترام
صاحب کي سندن مائٽن ننڍي هوندي ئي مڱائي ڇڏيو هو. آخر ستن سالن گذرڻ بعد سندن شادي
ٿي. کين هڪ نياڻي ۽ چار پٽ ڄاوا. سندن اولاد اڃا سيوهڻ ۾ رهي ٿو. سائين دلپترام
صاحب حشمت وارا اهڙا هئا، جو ڪنهن کي به همت نه ٿيندي هئي جو کڻي ساڻن اجائي سجائي
گفتگو ڪري يا گستاخ پوي هو بدن جا قداوار هئا. اکيون وڏيون هين جي سدائين لعل رهنديون
هيون. هو سهڻي ۽ شاندار شڪل وارا هئا. اڪثر کٽ تي وهندا هئا. ۽ پاسي کان تلوار رکي
هوندي هين. مڙس توڪلي به اهڙا هوندا هئا، جو هر روز سج لٿي کانپوءِ سيڌي پاڌي رکڻ
جا ٿانءَ، بلڪ پاڻيءَ جا مٽ دلا به خالي ڪرائي ڇڏيندا هئا. چوندا هئا ته سڀاڻي جا
ڀاڳ سڀاڻي سان هو عابد ۽ زاهد فقير هئا. سائين جن ڪارداري ڇڏڻ کانپوءِ ڪوبه ڌنڌو
يا نوڪري ڪانه ڪئي. سمورو وقت ايشور ڀڳتي، پراڻايام ۽ يوگ اڀياس ۾ گذاريندا هئا.
هو صاحب حاذق حڪيم هو. فيض شناسي ته ڪو کائن سکي. ؟شعر گوئي به الائي ڏات هين.
سندن ڪيترو عمدو ڪلام، پارسي، اُڙدو ۽ سنڌيءَ ۾ رچيل آهي. سندن واڻي ڇپائڻ جي سخت
منع ٿيل آهي.
سائين دلپترام صاحب ڪجهه وقت سيوهڻ ۾ ڪجهه وقت جهوڪ
شريف ۽ ڪجهه وقت سانگهڙ پاسي ڪبير جي کوه تي سائين فصل الله شاه صوفيءَ جي صحبت ۾
رهندا هئا. پڇاڙيءَ جو حيدرآباد ۾ سپاهيملاڻي گهٽي ۾ اچي رهيا. سندن هيٺيان چار شش
هئا:-
سائين ڪيشورام صاحب (2) ڀائي کيمچند صاحب ڪرپالاڻي
(3) ڀائي ڀوڄنداس صاحب جئوئين وارو (4) ڀائي گنگارام صاحب جهانگرن وارو. سائين
دلپترام صاحب جو سائين ڪيشورام صاحب سپاهيملاڻي تي هٿ هو. هنکي پنهنجي گادي ۽ گهر
واري جاءِ ٽڪاڻي سميت ڏنائون سنڌ جا مير صاحب سائين جنکي گهڻي عزت ڏيندا هئا. ميرن
ڪجهه به وٺڻ تي اچن ها ته گهڻوئي وٺي سگهن ها پر
سائين لاطبع ۽ بي پرواه هو. مير صاحبن کين جاگيرون آڇيون پر سائين جن وٺڻ کان ناڪار ڪئي. سائين جن
يوگ اڀياس به ڪندا هئا. سندن شڪل سدائين پيئي ٻهڪندي هئي. سندن شرير سدائين گرم
هوندو هو ۽ سندن وات مان ڪوسي ٻاڦ پيئي نڪرندي هئي. هو صاحب سدائين درد ۾ رهندا
هئا. سندن اڳيان ٻئي ڪنهن کي به درد جي ڪافين چوڻ جو حڪم نه هو. ته متان گهڻي درد
وچان سندن دل ٽٽي نه پوي. سندن ڪلام سندن اسٿان تي رکيل آهي. سندن ڪلام ڏيکاري ٿو
ته ڀائي صاحب شري ڪرشڻ ڀڳوان جي سچي پريم ۾ گهڻي قدر رتل هئا. سندن تخلص ”دلپت،
هو. سال 1849ع ۾ 80 ورهين جي ڄمار ۾ ديولوڪ پڌاريا. شرير پنهنجي ڳوٺ سيوهڻ ۾
ڇڏيائون. سندن تصوير ۽ جاکڙيون ۽ گادي سپاهيملاڻي گهٽي ۾ سندن اسٿان تي رکيل آهن.
...
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو