بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Mirza Qaleech Baig مرزا قليچ بيگ

شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ

سنڌي ادب ۾ نثر جي شروعات ترجمن سان ٿي ۽ اڳتي هلي طبعزاد نثر به تخليق ٿيڻ لڳو. انهيءَ ۾ سڀ کان نمايان ڪردار ادا ڪرڻ واري شخصيت، مرزا قليچ بيگ جي هئي. جنهن تقريبًا ٽي سؤ ڪتاب لکيا. انھن منجھان ۶۲ ڪتاب هن انگريزي مان سنڌي ۾ ترجمو ڪيا، جن ۾ تاريخ، مذهب، ناول ڪهاڻين وغيره جي موضوعن تي ڪتاب شامل هئا، ۴۲ ڪتاب هن سنڌي نثر ۾ مذهب فلسفي ۽ اخلاق تي لکيا. هن تقريبن ڏهه ناٽڪ لکيا، ٻارنهن ناول لکيا. ان کان علاوه علمي، تعليمي ڪتاب ۽ شاهه لطيف جي سوانح به لکيائين.

هر ادب ۾ ليکڪ جي ذاتي طبيعت جا لاڙا سندس مزاج ۽ نظرين جو عڪس ضرور موجود هوندو آهي. مرزا صاحب جي نثر ۾ فڪري لاڙن کي جانچڻ لاءِ سندس شخصيت کي ڏسنداسين.
ڪتاب ”ديوان قليچ“ ۾ اجمل بيگ مرزا ڪتاب جو مقدمو لکندي چوي ٿو: مرزا صاحب جي زندگي جي طرز ۽ بود و باش انتهائي سادي ۽ بي تڪلف هئي/ طبيعت ۾ انڪساري سان گڏ خلوص ۽ صداقت نيڪي سان گڏ شرافت ۽ ظرافت موجود هئي/ پاڻ پراڻي تهذيب ۽ اخلاق جو صحيح نمونو هو/ عاجزي ۽ انڪساري به منجهس بدرجه اتم موجود هئي/ پاڻ هڪ حقيقت شناس انسان هو/ غرور ۽ تڪبر کان پري ڀڄندڙ هو/ طبيعت ۾ صبر، قناعت، بي طمعي ۽ توڪل جون خاصيتون قدرت جي طرف کان وديعت ٿيل هيس.
مرزا صاحب بنيادي طرح پنهنجي ذات ۽ رويي ۾ صوفي هو. هو پنهنجي سوانح حيات ۾ هڪ هنڌ چوي ٿوي ته ”تصوف وارو مذهب صلح ڪل جو سڀ کان بهتر آهي جو نج اسلام آهي ۽ جنهن ۾ سڀ اصلوڪا مذهب اچي وڃن ٿا، جنهن موجب سڀ انسان فرق کانسواءِ هم مذهب ۽ ڀائر ٿي سگهن ٿا.“
اهڙن خيالن جو اظهار سندس شاعريءَ ۾ واضح طور موجود آهي. مرزا صاحب جا لکيل طبع زاد ناول هڪ ”دلارام“ ٻيو زينت هئا. اهي ناول سماجي وهنوار تي ٻڌل هئا، جن ۾ نيڪيءَ بديءَ جا اطوار ۽ اخلاقي نڪتا شامل هئا.
مرزا صاحب جو دلارام ناول لاءِ چوڻ هو ته هن ناول ۾ اڳوڻي زماني جي قصن وانگر جن ڀوت يا پري ديو يا جادوءَ جو نالو به ڪونهي، هن ۾ اهڙا واقعا ڏنل آهن جي ٿيڻ جهڙا آهن ۽ جي سڀ ڪنهن انسان جي سر تي اچي سگهن ٿا.
هنن ناولن ۾ بنيادي طرح سيرت ۽ تقدير جو فلسفو موجود آهي، اهڙي ئي قسم جو فلسفو شيڪسپيئر جي رومانوي ناٽڪ (Merchant of Venice) ۾ موجود آهي، جنهن کي مرزا صاحب ”حسنا دلدار“ (۱۸۹۷ع) جي نالي سان ترجمو ڪيو. هن ناول ۾ سيرت نگاري جو فڪر هن طرح سمايل آهي ته سچي عاشق جي دل ۾ جي لالچ نه آهي ته هو سوني ۽ روپي صندوق ڇڏي شيهي جي صندوق پسند ڪري ٿو، جنهن جي ئي اجوري ۾ کيس دل گهري محبوبا ٿي ملي.
مرزا صاحب ترجمي وقت هميشه ناولن ۾ سنڌي ماحول ۽ سنڌ جي فڪر جون ضروري ڳالهيون شامل ڪندو هو جهڙوڪ هن ناول مان مرزا صاحب يهودي ۽ عيسائي نفاق وارو اصلوڪو مطلب ڪڍي، هندو مسلم ميلاپ جو ترقي پسند مطلب وڌو آهي، اهڙي طرح شيڪسپيئر جا ناول (king Lear) ”شاهه ايليا“ ۽ ”فيروز دل افروز“ ۱۹۰۵ ۾ ترجمو ڪيا جن ۾ پڻ تقدير سيرت نگاري جو فلسفو موجود آهي، جهڙوڪ شاهه ايليا ۾ هڪ ڪردار بادشاهه روبيل کي چوي ٿو:
”تو کي صبر ڪري سڀ سور سهڻ گهرجن، اسين هن جهان ۾ روئيندي پيدا ٿيا آهيون سا تو کي خبر آهي اڃا پهرين هن دنيا جي هوا لڳي ٿي ته اسين روئون ۽ رڙون ٿا.
مجموعي طور مرزا قليچ بيگ جي نثر ۾ اصلاح پسندي سيرت نگاري، اخلاق ۽ تقدير جو فڪر موجود آهي، ساڳئي وقت مرزا صاحب جي شخصيت همه گير آهي، پاڻ جديد ۽ قديم جي سرحد تي بيهي ادب جي ٻنهي رجحانن جو ميلاپ اسان اڳيان آندائين، جيتوڻيڪ مرزا صاحب انگريزي ادب به سنڌ ۾ متعارف ڪرايو جيڪو جديد سماجي مسئلن ۽ اصلاح پسنديءَ تي مبني هو  تنهن هوندي به سندس طبع زاد لکڻين ۽ مجموعي رويي مان اسان کي صوفيت جا لاڙا ملن ٿا.


 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو