بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Roshan Ali Shah "Roshan" روشن علي شاه ”روشن“

روشن علي شاھ ”روشن“

روشن علي شاھ ”روشن“ ولد قطب علي شاھ حيدرآباد جي ٽندي جھانيان جو رهندڙ هو. هڪ دفعي پاڻ ٽندي غلام حسين ۾ قلندر جي دونهين تي ميلي ۾ ويو. ان وقت سندس به هئي جواني ۽ ٻيو سهڻي صورت، سو هڪ عورت ڪا مٿس عاشق ٿي پيئي ۽ چويس پئي ته ”مون کي ڏاڍو ٿو وڻين“ پڇيائينس ته مون ۾ ڪهڙي شي ءِ ٿي وڻئي ؟ هن چيو ته ”تنهن جا وار“ پاڻ هڪدم وار لهرائي کيس ڏنائين ۽ سڌو ڳوٺ اچي درويشاڻو لباس پهري فقير ٿي ويهي رهيو. سنڌي، اردو ۽ فارسي جي چڱي ڄاڻ هيس. پاڻ نهايت نرم مزج، فقير سيرت، فقير صورت ۽ بااخلاق هو .

ڪلام
نماڻي جي نجهري آري ڄام اچيج،
ٿورياڻيءَ کي ڌرن ۾ مورئون ڪيئن مٽيج.
روشن“ کي هن راھ ۾ ويل نه وساريج،
اچي ڍول ڍڪيج، پلئو ساڻ پناھ جي


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو