بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Faqir Abdul Ghafoor فقير عبدالغفور

فقير عبدالغفور

جڏهن حيدرآباد شهر ۾ ٽانگو هلائيندڙ سچل سرمست جي هڪ طالب فقير، رات جي وڳڙي ۾، ويران روڊن تي، گھوڙي جي واڳن کي پڪڙي، ان ئي گھوڙي جي ٽاپ ٽاپ جي رڌم تي اهو ساڳيو قومي گيت پنهنجي منهن سان ڳائي دل وندرائي هوندي يا ساڳئي فقير پوري سنڌ ۾ ٿيندڙ صوفياڻين ميڙاڪن يا شاديءَ مراديءَ جي پروگرامن ۾ يڪتارو ۽ چپڙي هٿن ۾ پڪڙي ڳائڻ سان گڏوگڏ فلم ’مٺڙا شال ملن‘ ۾ سازن جي سنگت سان اهو ئي گيت ڳاتو هوندو ته پوري سنڌ مان داد جا درياهه ضرور جاري ٿيا هوندا ۽ سموري سنڌ سميت پوري دنيا ان مهان ڪويءَ جي مهان سٽن کي آلاپيندڙ مهان راڳيءَ کي فقير عبدالغفور جي نالي سان ياد ڪري ٿي. جي ها! اهوئي فقير عبدالغفور لکڻ جنهن ڪڏهن ته دشمن جي آڏو سينو سپر ڪري، ارڏائي جو اظهار ڪندي اهوئي ايازي آواز آلاپيو ته ’سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو، سهندو ڪير ميار...‘ ته ڪڏهن وري نهايت ئي نهٺائي، نماڻائي ۽ عاجزيءَ سان پنهنجي مالڪ جي آڏو سيس نوائي چيو ته: ”مالڪ توبهه تو در“

سنڌ جي هن الستي ڪلاڪار فقير عبدالغفور ۱۹۱۰ع ڌاري حيدرآباد شهر ۾ صالح محمد لکڻ جي گھر ۾ جنم ورتو. سندس والد کيس تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪول ۾ ويهاريو، جتي هن صرف پنج درجا تعليم حاصل ڪئي. فقير عبدالغفور جڏهن ٻارهن سالن جو ٿيو ته کيس راڳ ڳائڻ جو شوق پيدا ٿيو، انهن ڏينهن ۾ پنهنجي شوق جي پورائي خاطر لاشعوري طور تي هلندي هلندي ٽنڊي محمد خان پهتو، جتي پنهنجي وقت جي عوامي ڳائڻي حاجيءَ سان ملاقات ٿيس، جنهن کيس ڳائڻ لاءِ همٿايو. اهڙيءَ طرح فقير عبدالغفور عملي طور تي سنگيت جي دنيا ۾ پهريون قدم رکيو ۽ پنهنجي استاد حاجيءَ جي سنگ ۾ ڳائڻ لڳو. ان حوالي سان فقير عبدالغفور جو راڳ جي فن ۾ استاد حاجي ثابت ٿيو، جنهن کيس راڳ جي فني ڄاڻ سان گڏ کيس يڪتارو ۽ چپڙي وڄائڻ جي  به سکيا ڏني.  فقير عبدالغفور معاشي حوالي سان ٽانگو هلائي پنهنجو گذر سفر ڪندو هو.
اڳتي هلي فقير عبدالغفور، سنڌ جي نامور ڪلاسيڪل ڪافي گو شاعر سردار محمد بخش ڪوجھيءَ جي صحبت ۾ آيو، جنهن سان گڏجي هو سچل سائينءَ جي درگاهه تي درازا شريف (راڻيپور) آيو ۽ اتي پهچي فقير عبدالغفور سچل سائينءَ جو طالب ٿيو، ان کانپوءِ هو پنهنجي اندر جي عشق سان سچل سائينءَ جو ڪلام ڳائيندو رهيو، کيس سچل سائين ۽ ان جي ڪلام سان بي انتها محبت ٿي وئي. ان کانپوءِ فقير عبدالغفور پنهنجي عمر جي آخر تائين سچل سائينءَ جي درگاهه جو مستقل پانڌيئڙو بڻجي ويو ۽ هميشه درگاهه تي اچي حاضر ٿيندو هو.
آگسٽ 1955ع ۾ جڏهن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو قيام عمل ۾ آيو ته ان وقت شروعاتي ڏينهن سبب ريڊيو تي ريڪارڊنگ جي سهولت ميسر نه هوندي هئي، جنهنڪري ريڊيو تان سڌا سنوان پروگرام نشر ڪيا ويندا هئا. فقير عبدالغفور جو شمار ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي انهن شروعاتي ڪلاڪارن ۾ ٿئي ٿو، جن جو آواز ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي شروعاتي ڏينهن ۾ سنئون سڌو نشر ٿيو.
سنڌ جي صوفياڻين درگاهن تي سنگ جو رواج عام جام آهي، سنگ ان صوفياڻي رسم يا صوفياڻي ويراڳ جي ان قسم کي چئبو آهي، جنهن ۾ ۵ کان ۱۰ يا ۱۵ تائين يا وري ان کان به وڌيڪ صوفي راڳي، گيڙوءَ رتو ويس ڍڪي، ساز سروند هٿن ۾ کڻي رقص جي انداز ۾ صوفي ڪلام آلاپيندا آهن. فقير عبدالغفور به سنڌ جي انهن صوفي ويراڳين ۾ شمار ٿيندو هو، جيڪي سنگ جي صورت ۾ ڳائيندا وڄائيندا آهن. فقير صاحب پاڻ ان سنگ جي سرواڻي ڪندڙ راڳي پڻ هو. سندس سنگ کي پهريون ڀيرو سرڪاري سطح تي شاهه سائينءَ جي ۲۱۸ عرس جي موقعي تي اپريل ۱۹۷۰ع ۾ سنڌ جي نامياري شخصيت ممتاز مرزا متعارف ڪرايو، جتي کيس تمام گھڻي پذيرائي نصيب ٿي. فقير عبدالغفور کي اڳتي آڻڻ ۾ ثقافت کاتي سنڌ جي اڳوڻي سيڪريٽري عبدالحميد آخوند جو به اهم ڪردار رهيو آهي.
فقير صاحب سنڌ جي ان سرمستي سنگ واري انداز کي نه صرف سنڌ، بلڪه سنڌ کان ٻاهر آمريڪا، جاپان، جرمني، دبئي سميت دنيا جي ٻين به ڪيترن ئي ملڪن ۾ متعارف ڪرائي ڪافي مقبوليت ماڻي. سندس آواز ۾ ڳايل مشهور ڪافين ۾: ’مالڪ توبهه تو در‘، ’اٿ نهين تي ڪٿ نهين اهو ڪون پيا ٻوليندا‘، ’دلڙي ٿي ديواني، مار جادوگر جادو ڪيتوئي‘، ’ماهي يار دي گھڙولي ڀردي‘ ۽ ٻيا ڪيترائي ڪلام شامل آهن. جيئن ته اڳ ۾ به مٿي بيان ڪري آيو آهيان ته فقير عبدالغفور جي آواز ۾ فلم ’مٺڙا شال ملن‘ ۾ شيخ اياز جو لافاني قومي گيت ’سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو‘ پڻ رڪارڊ ڪيو ويو.
فقير عبدالغفور، پاڪستان جي اڳوڻي وزير اعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي پسند جو فنڪار پڻ هو. ايتريقدر جو ڀٽي صاحب پاڪستان نيشنل سينٽر لاڙڪاڻي جي افتتاح جي موقعي تي خاص دعوت ڏئي کيس گھرايو ۽ سندس آواز ۾ المرتضيٰ هائوس لاڙڪاڻي ۾ پهريائين ’سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو‘ ۽ پوءِ ’راڻو‘ ٻڌو. ساڳئي محفل ۾ فقير عبدالغفور سان گڏ نامياري بينجو نواز بلاول بيلجم ۽ نامياري گھڙا  نواز مٺا خان زرداريءَ پڻ شهيد ڀٽي جي خاص فرمائش تي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو.
فقير عبدالغفور کي سندس فن جي اعتراف ۾ شاهه لطيف ايوارڊ، سچل سرمست ايوارڊ ۽ قلندر لعل شهباز ايوارڊ کانسواءِ ۱۹۸۷ع ۾ حڪومتِ پاڪستان پاران ’تمغه امتياز‘ پڻ ڏنو ويو. واضح رهي ته فقير عبدالغفور اهو پهريون سنڌي صوفي راڳي آهي، جنهن کي حڪومت پاران صدارتي ايوارڊ سان نوازيو ويو هجي.

ڌرتيءَ جي هن سريلي امر ڪلاڪار فقير عبدالغفور ۲۲ جولاءِ ۱۹۸۶ع تي وفات ڪئي، سندس آخري آرامگاهه حيدرآباد شهر ۾ سنڌ جي اڳوڻي حڪمران ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي مقبري جي ڀرسان آهي.
...


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو