بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Sain Mohd: Faqir Khatyan "Faqir Sahib" سائين محمد فقير کٽياڻ عرف فقير صاحب

سائين محمد فقير کٽياڻ عرف فقير صاحب

محمد خان ولد حيدر خان کٽياڻ عرف محمد فقير کٽياڻ جي ولات 1876ع_ ۾ ٿي پاڻ ڳوٺ سليمان خان کٽياڻ تعلقه هالا جو باشندو هو. کٽياڻ افغانستان کان سنڌ ۾ آيا. ٽالپورن کين فوج ۾ کنيو.سندن بهادري ۽ ڪاميابي تي ڪين جاگيرون به مليون.1914ع_ ۾ جرمن واري لڙائي ۾ انگريزن کي جيڪامدد پير پاڳارئ ڏني. ۽ هڪ دستو ماڻهن جو ڀرتي ۾ ڏنو.اهو دستو محمد خان جي سر ڪردگي هيٺ ويو ۽ ڪامياب واپس وريو محمد خان ڪجھه وقت خانگي نوڪري به ڪيئي. پر نيٺ دنيا کي ترڪ ڪري فقير بنجي ويو.فقير صاحب فقيري ۾ جيڪو رنگ ڍنگ اختيار ڪيو ان جو مجدد پاڻ ئي هو. نچندي،    ڳائيندي وڄائيندي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ توحيد جي موج مچائي ڇڏيائين فقير صاحب شاعري ۾ به هڪ نئين طرز اختيار ڪئي نه اڳ هئي نه پوءِ ئي آهي. فقير صاحب سنڌي،  سرائڪي، اردو، هندي، فارسي ۽ عربي ۾ چڱو ماهرهو.سخي قبول محمد سندس ڪلام ٻڌي پيشاني چمندو هوس. چوندو هو ته “ان ڪوناري کي چمان ٿو جنهن مان هي سخن پچي نڪتا آهن” فقير صاحب سدائين سر  برهنه رهيو. جيئن تصوير ۾ ظاهر آهي ۽ چوي ٿو.
عاشق اصل اويسي وحدت وصال ويسي،
مشهور ٿيو مهيسي “محمد” مٿي اگهاڙو،
مون(طالب المولي) کي قبله والد صاحب جن ان
طرف دعوتن تي موڪيلو هو جڏهن سليمان کٽياڻ جي ڀرسان دعوت تي پهتس ته فقير صاحب اچي
ڪجھه وقت لاءَ پاڻ وٽ وٺي آيو هو. جڏهن فقيري اختيار ڪيائين ته ،محمد فقير کٽياڻ
مشهور ٿيو.ان کان پوءِ فقير صاحب ڪنهن جي به زبان مان نالو نڪرندو آهي .  ته سمجهبو
آهي ته محمد فقير بابت ڳالهه ٿئي پئي. فقير باضمير باتوقير هو. ادب، شاعري ، تهذيب
، اخلاق ۽ تميز جو مالڪ پڻ، گفتگو رعبدار ۽ باوقار هوندي هيس مرشدنا قبله والد
صاحب جن مون کي به وٽس موڪليندا هئا ۽ فرمائيندا هئا . ته “ماٺ ۾ وڃجو ۽ ماٺ ۾
موٽبو فقير صاحب سوال پڇي ته جواب ڏبو.” ۽ ايئن ئي ڪبو هو. فقير صاحب جو انتقال 4
فيبروري 1941ع_ ۾ ٿيو

ڪلام
وڃ وڃڻ کي ويڙھ وحدت ۾ ورڻ  وائي وار
وک وڌائي ويهه م وچ تي ورق ويسر جا وسار وڃ وطن تي واڳ واري واٽ ويراڳي وٺي وهت
ويساھ کان سواٻي وهم جي آهي ونگار وه وظيفا ورد داري وقت سڀ واجب وڃاءِ وير وارث
ويساھ کان سواٻي وهم جي آهي ونگار وه وظيفا ورد داري وقت سڀ واجب وڃاءِ وير وارث
ويجهڙي کي وندر جي وتي م وهار “ونحن ” واري ويڙھ رھ جي وصل جو وڙي وٿاڻ وحده واحد
وجودي “وجه الاهي” ٿي ويچار واءِ وصال ٿي وکايو وير سوئي واهرو ست “محمد” موج مهري
وٿي م ويڇو وار وار


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو