بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Faiz Bakhshapuri فيض بخشاپوري

فيض بخشاپوري

فيض الله خان ولد مصري خان ڊومڪي بلوچ 1922ع ۾ بخشاپور م تولد ٿيو. سنڌي تعليم بخشاپور اسڪول ۾ حاصل ڪيائين پوءِ تعليم کي ترڪ ڪري ڪجهه وقت زمينداري ڪيائين. بعد ۾ پنهنجي قومي سردار مير تاج محمد خان ڊومڪي جي صحبت اختيار ڪيائين جيڪو هڪ عالم ، فاضل ۽ سخن شناس هو. جنهن وٽ اردو ڪتابن جي مطالعي جو موقعو مليس ۽ شاعري به شروع ڪيائين .  1956ع ۾  ” مساوات“ اخبار جيڪب آباد مان جاري ڪيائين. 1958ع ۾ سندس ڪلام جو مجموعو ”شعلئه عشق ڇپجي منظر عام تي آيو .  کيس جميعت الشعراءِ طرفان ”غالب سنڌ“ جو خطاب مليو جيڪو پاڻ آخر تائين استعمال ڪندو هئو    سندس شاعري پخته ۽ منفرد آهي. سنڌ ۾ سندس ڪيترا پخته غزل گو شاگرد موجود آهن. 14، مئي 1992ع تي وفات ڪيائين.

ڪلام
خانئه دل ۾ لامڪان آهي ، عرش تي منهنجو آشيان آهي.
ڇو اچان مان فريب هستي ۾ ، رنگ و بو جو هي جهان آهي.
مفلسي وجه بيڪسي يا رب ، ڪوئي مهمان نه ميزبان آهي.
ڪافر عشق آ بت ڪافر ، جو مسلمان تي بدگمان آهي.
ڇا بگاڙيان ٿو، خلق جو يارب ، ڇو ڀلا هو ، حريف جان آهي.
راز دل گرڏيان، ڏيان ڪنهن کي ، ڪوئي همدم نه رازدان آهي.
ڪير تو کان ڪري ٿو سر پيارو ، امتحان تي ڇو امتحان آهي.
بيڪفن لاش ” فيض “ جو هائي ، ڪوئي ڪانڌي نه نوحه خوان آهي


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو