بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Rai Bahadur Seth Vishndas راءِ بهادر سيٺ وشنداس

راءِ بهادر سيٺ وشنداس

سيٺ وشنداس ولد سيٺ نهالچند ڀارواڻي ڪوٽڙي تعلقي ضلعو دادو جي ڳوٺ ماجنهند (ماجنهو) ۾ 1843ع ۾ ڄائو ، کيس سيٺ وشنداس ماجنهوءَ وارو ڪري سڏيندا هئا . سندس پيءَ نهالچند به هڪ درويش ۽ شاعر هو ، جنهن جا ڪتيرائي مريد هئا . ننڍپڻ ۾ سيٺ وشنداس جون ڪچهريون سندس باغ “بلاس” ۾ ڪيترن مهنت ۽ پنڊتن سان ٿينديون هيون . طبيعت ۾ ويراڳ هوس ان ڪري پنجاب صوبي جي ضلع قصور ڳوٺ جليا نوالا ۾ ستگر گلابداس جي چرنن ۾ وڃي ويٺو . مرشد جي روحاني رنگ به سيٺ وشنداس تي گھرو اثر ڪيو . وشنداس کي مرشد وٽان موڪل ملي ته اچي ڳوٺ پهتو . هو هڪ سچو انسان ۽ ديانتدار هو ، ان ڪري مخدوم امين محمد ثالث جن وٽان کيس عام مختيار ٿي ڪاروبار هلائڻ جي آڇ ٿي ، جيڪا هن قبول ڪئي . سندس ديانت جون ڳالهيون ضرب المثال آهن . پکن ڌڻي جي وصال بعد نوڪري ڇڏي وڃي ڪاروبار ڪيائين ۽ سنڌ جو ناميارو سيٺ ٿي ويو . هن جا ڪارخانا ۽ مشينون باڊه ، کنڊو ، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ برک هئا . سماجي جدمتن ۾ ناميارو هو . سنگيت جو ڪوڏيو هو . هندو خان ۽ ان جي پٽ سنڌو خان سان به راڳ ۾ سنگت ڪيائين . سيٺ وشنداس ساهت جو به مشتاق ٿي گذريو آهي ۽ ڪيترائي ديني ڪتاب شايع ڪرائي مسلمان خواه هندن ۾ ، مفت تقسيم ڪندو هو . 7 _ جنوري 1929ع تي پنجاسي ورهين جي عمر ۾ پر لوڪ پڌاريائين .

ڪلام

اٺئي پهر عجيب جي ، ارواح سان من لڳو،
سنگ ساجن شاه ، ڀو سڀ ڀولو ڀڳو. 
    
نامئن هندو ، نامئن ترڪا ، نامئن پنڊت قاضي ري ،
نامئن سيد ، شيخ مسلا ، نامئن ڀيا غازي ري ،
سچ بات مي اوران اوري ، بيک بني سڀ بازي ري ،
“وشنداس” جب آپ پڇانيا ، سرور رنگ ۾ راضي ري.
 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو