بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Sant Baba AssudaRam Sahib سنت بابا آسودارام صاحب



سنت بابا آسودارام صاحب

آسودارام ، سَنت: مشهور رشي ۽ سنت آسودا رام صاحب جنهن کي سنڌ ۽ هند ۾ ’سخي بابا ‘ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو ۽ جنهن جي نالي تي لکنؤ ڀارت ۾ هڪ وڏو -آشرم- به آهي ۽ پني عاقل شهر ۾ هڪ آستان ۽ سخي بابا جنرل اسپتال به قائم آهي . سنت آسودارام ضلعي سکر جي تعلقي پنوعاقل ۾ 1895ع ڌاري ڳوٺ عالم خان جتوئيءَ ۾ ڄائو . سندس والد جو نالو لڌڙو مل هو . ننڍي هوندي کان ئي -تنهائي- پسند هو ۽ هر وقت ڌڻيءَ جي ذڪر فڪر ۾ گذاريندو هو ، کيس ننڍي هوندي ئي سندس والد پنهنجي مرشد سنت سترام داس وٽ ڇڏي آيو ، جتي 13 سال رهيو ۽ اتي گانئن ( ڳَئُن ) جي خدمت ڪيائين . بعد ۾ مرشد جي حڪم تي موٽي ڳوٺ آيو . 1940ع ۾ مرشدن جي حڪم سان پني عاقل ۾ آستان جي اڏاوت ڪرايائين ۽ 1942ع ۾ اڏاوت مڪمل ڪري اتي رهائش اختيار ڪيائين ، جتي پري پري کان حاجت مند اچي حاضريون ڀري ۽ من جون مرادون حاصل ڪرڻ لڳا . سنت آسودارام صاحب 4 سيپٽمبر 1960ع ۾ 64 ورهين جي عمر ۾ پرلوڪ پڌاريو ۽ -ان- آستان ۾ ئي سندس سماڌي ٺاهي وئي ، جتي هند سنڌ کان سندس عقيدتمند اچي مٿو ٽيڪيندا آهن . آسودارام درٻار پني عاقل ۾ هر سال ميلو به لڳندو آهي
 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو