بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Faqir Ghulam Ali "Masroor" Badvi فقير غلام علي ”مسرور“ بدوي

فقير غلام علي ”مسرور“ بدوي [ 1893ع – 1953ع[

شڪارپور جي خمير مان، فقير غلام علي ”مسرور“ ولد ميان رحيم بخش بدوي، 15 رمضان المبارڪ 1311هه مطابق پهرين جنوري 1893ع تي جنم ورتو آهي. ابتدائي تعليم جا مرحلا پنهنجي والد بزرگوار وٽان پورا ڪيائين، جيڪو اُنهن ڏينهن ۾ خيرپور ميرس ۾ هيڊ ماستر هو.


غلام علي ننڍپڻ کان ئي ذهين هو. سنڌي چار درجا پورا ڪري ڪراچي مدرسته الاسلام ڏانهن انگريزي پڙهڻ لاءِ ويو. اُتي مولوي محمد عثمان ”فقيہ“ نالي اُستاد وٽان علم عروض جي سکيا به ورتائين. پوءِ ته ”فقيہ“ جي فيض مان، ”مسرور“ تخلص سان شعر و شاعريءَ طرف وک وڌائڻ لڳو. کيس انگريزي ٻوليءَ سان دلچسپي نه هئي؛ جنهن ڪري جلدئي شڪارپور واپس اچي، پنهنجي چاچي امام بخش ”خادم“ (1861ع – 1918ع) وٽ سنڌي ورنيڪيولر فائينل جي تياري ڪرڻ لڳو.
کيس شعر و شاعريءَ جو، شوق ته اڳ ئي هو، ويتر ”خادم“ جي صحبت مٿس وڏو اثر ڪيو؛ جنهن ڪري پنهنجي ذهانت سان هڪ طرف فائينل جو اِمتحان پاس ڪري ورتائين؛ ۽ ٻئي طرف سخن جي سلسلي ۾ خاصو پاڻ ڀرو به ٿي پيو. پوءِ ستت ئي ”تپيدارس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد“ مان ٻن سالن جي سکيا وٺي، سکر ۾ تپيدار بڻيو.
مسرور“، روينيو کاتي ۾ ڪم جي سختيءَ هوندي به پاڻ ڪجهه وقت ڪڍي شعر و شاعري ڪندو رهيو. پوءِ ته نوڪريءَ دوران ”وک وک جون واٽون ووڙيندي“ – ڪيترن ئي صوفين سان به سندس ملاقاتيون ٿينديون رهيون. آخر روهڙيءَ جي رانول، فقير قادر بخش ”بيدل“ رح (1814ع – 1872ع) جي درگاه مان قلبي سڪون حاصل ڪيائين. کيس ”موسيقيءَ“ (گائن وديا) سان به خاصي دلچسپي هئي. صوفين جي صحبت ۾ رهي، لڳ ڀڳ سٺ ورهين جي ڄمار ۾، 12 ذوالقعد 1372هه مطابق 19 آگسٽ 1952ع تي، هي فاني جهان ڇڏيائين.
فقير ميان ”مسرور“ جو شعر حالانڪ ”تصوف“ جي باريڪ نڪتن جو آئينو آهي، تاهم به مشڪل مسئلن ۽ دقيق خيالن کي اهڙيءَ ته آسانيءَ سان نباهيو اٿس، جو ٿوري علم وارو به آسانيءَ سان سندس ڪلام مان استفادو حاصل ڪري سگهي ٿو. سندس ڪلام ۾ ناصحانه نڪتا جاءِ بجاءِ نظر اچن ٿا، جن تي هوند عمل ڪرڻ سان زندگي سنواري سگهجي ٿي. هڪ هنڌ ”مايا جي موهه“ بابت وضاحت ڪندي لکيو اٿس :
جو ماڻهو مايا کي ساه ۾ سانڍي ٿو، سو
در حقيقت ماڻهو ناهي – ڀلي کڻي پنهنجن پراون کي
ڦري ۽ پئسن جون ڍڳيون ٺاهي – پر اُهو مت جو موڙهو
ائين نه ٿو سمجهي، ته هڪ ڏينهن نيٺ هلڻو آهي؛ ۽
انسان توڙي حيوان جي وچ ۾ فرق نه ٿو ڄاڻي
(۽ نه ٿو ڀانئين ته) محلات ۽ ماڙيون، مايا ۽ ملڪيت
کي ڦٽو ڪري خاڪ سان خاڪ ٿي وڃبو!“
مطلب ته ”مسرور“ نه فقط شاعر هو، بلڪ هڪ نيڪ انسان به هو. سندس شعر جو مجموعو ”مسدس مسرور“ عرف ”هيرن جو هار“ نالي سان 1953ع ۾ پڌرو ٿيل آهي. نموني طور منجهانئس چند مصرعون هيٺ ڏجن ٿيون :-
پرايان ٿو چوين ڪنهن کي پرايو ڪو نه ڪوئي آ،
سڄي مخلوق جو خالق ادا تون ڏس هڪوئي آ،
ٿيون سڀ خويش هڪ ٻئي جو تفاوت ٿورڙو ئي آ،
مگر درجات جو هڪڙو بناوت ۾ تفاوت آ،
جنهن کان لوڪ ساري ۾ پئي ڪاهي بغاوت آ.


 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو