حافظ
محمد اسلم مهيسر
حافظ محمد اسلم
ولد حافظ جان محمد مهيسر ويٺل ڳوٺ رفيق مهيسر تعلقه خيرپور انداز 1887ع ۾ تولد ٿيو
. مدرسه دارلهدي ٺيڙهي ۾ فارسي جي تعليم ورتائين . مولود ، غزل ، بيت ۽ ڪافيو
چيائين . پاڻ وقت جو سٺو شاعر هو .
1940 ع ۾ انتقال ڪيائين.
ڪلام
حسن حضرات بابرڪلت
ظاهر ذاتي يزداني ،
صاف صفاف آ درجات
منجھ محلات انساني .
ڪاريون ڪجليون
تنهن ۾ تجليون ٻرن بجليون سدائي سي ،
نظارا نين آهو عين
هجن دن رين لاثاني .
ڏسي دندان لب
لالان ٿئي مرجان قرباني .
اچي عشاق ٿيا مشاق
منجھ ميثاق محبت ۾ ،
ٻڌي آواز ڪيائو
نياز بي انداز سبحاني .
سدا صحبت مدعا
محبت اها الفت آهي ”اسلم“
اول فاذڪر بعد
اذڪر لفظ اظهر آ قرآني .
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو