فقير هدايت علي نجفي ”تارڪ“
سنڌ
جي سدابهار سرزمين بيشمار عالمن، اديبن، مفڪرن ۽ مصلحن کي جنم ڏيندي رهي آهي.
اُنهن سڀني جي شاهڪار تصنيفن کي محفوظ ڪرڻ خاطر شايان شان نموني شايع ڪرڻ جو فريضو
خوشقسمتيءَ سان سنڌي ادبي بورڊ جي حصي ۾ آيو آهي.
زير
نظر ڪتاب فقير هدايت علي ”تارڪ“ لاڙڪاڻوي (1894ع کان 1939ع) جو ديوان اهڙي فريضي
جي ادائيگيءَ جي هڪ ڪڙيءَ طور پڙهندڙن اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. فقير هدايت علي
تارڪ جو ڪلام تمام گهڻو آهي، جنهن کي ڊاڪٽر نواز علي شوق ’ڪليات تارڪ‘ طور مرتب
ڪيو آهي، جنهن مان في الحال ”ديوان تارڪ“ قارئين جي خدمت ۾ پيش ڪري رهيا آهيون.
باقي رهيل ڪلام اميد ته ترت ڇپائي پڌرو ڪيو ويندو.
ڄام شورو
16- فيبروري 1989ع
|
حبيب الله صديقي
سيڪريٽري/ ڊائريڪٽر
سنڌي ادبي بورڊ.
|
[سيد
اظهر گيلاني تلميذ علامه محمد هدايت علي تارڪ علوي رحه]
تارڪ
الدنيا علامہ محمد هدايت علي صاحب ”تارڪ“ علوي رحمت الله عليہ، فقير روشن ضمير،
هفت زبان شاعر و اديب نظم و نثر جي ننڍن وڏن 200 ڪتابن جو مصنف ۽ مترجم هو.
صاحب
موصوف صوبهءِ سنڌ جي انهن باڪمال و برگزيد مشهور هستين مان هو، جن تي سر زمينِ سنڌ
کي تاقيامت بجا طور فخر و ناز رهندو.
تارڪ
صاحب يڪ وقت عاشق، صادق، صوفي، فقير، مولوي، حافظ، قاري، خطيب، خوش نويس، عابد،
زاهد، شب خيز، صوم و صلواة جو پابند، علمِ نجوم، علمِ جفر، علمِ رمل، علم قيافه،
علم طب جو ماهر هو. خوشرو، خوش مک، خوش خو، خوش فڪر، خوش خوراڪ، خوش پوشاڪ، زنده
دل ۽ حاضر جواب هو. ڪشف القلب ۽ ڪشف القبور تي به عبور حاصل هوس. هن جو پاڻ تي،
پنهنجي نفس اماره تي پورو قبضو هو.
ترڪ
ڪر ”تارڪ“ تعلق دنيوي،
ٿي
مجرد، ڪر قلندر وار رقص.
ابتدا
۾ ”نجفي“ تخلص سان شعر چوندو هو، سنه 1917ع سائين صفي الله صاحب نقشبندي سجاده
نشين درگاهه نوشهروفيروز ۾ جي دستِ حق تي بعيت ڪري، وحدت جي واٽ ورتائين. سنه
1918ع ۾ جناب سلطان علي صاحب ”سالڪ“ علوي ڏانهن رجوع ٿي، نجفي مان تارڪ بڻجي، علمِ
عروض تي عبور حاصل ڪيائين. پاڻ امير گهراڻي جو صالح ۽ باڪمال فرد هو، مگر تارڪ
تخلص هن جي طبيعت تي گهرو اثر ڪيو، جو هو آرائش ۽ زيبائش سان تعلق ختم ڪري، راحت و
آرام ڦٽائي، دنيوي لذتن کي لت هڻي، دنيا ۽ دنيا جي مسرتن کان منهن موڙي، اهلِ دنيا
سان ناتا ۽ رشتا ڇني، ڀريو تريو گهر ڇڏي، اباڻي ۽ اميراڻي ترڪي کي ترڪ ڏئي سراپا
تارڪ بڻجي ويو:
ترڪ
دنيا، ترڪ عقبيٰ، ترڪ موليٰ، ترڪ، ترڪ،
عشق
آديسين کي عالم ۾ رسايو هي بلاغ.
ڪنهن
وقت تي اهڙي محويت ۽ اهڙو استغراق جو عالم هوندو هوس، جو نه پنهنجي خبر، نه وري
آئي وئي جو پتو. مستي جي عالم ۾ وار اُڀا ٿي ويندا هئس، سچل ثاني الائي ڪهڙا ڪهڙا
مخفي راز ۽ پوشيده اسرار آشڪار ڪندو هو، جن جي ٻڌڻ سان اهلِ دانش دنگ رهجي ويندا
هئا:
من
خدا جـي ماهـيت معلوم ٿي دل جان کي،
هاڻ
مان ڪهڙو ڪريان اقرار عبديت سندو؟
تارڪ
صاحب قادرالڪلام ۽ زودگو شاعر هو، الفاظ هن جي اشاره جا محتاج ۽ منتظر هوندا هئا.
هي وحدت الوجود جو حامي، همه اوست جو قائل ۽ حامل هو. هن جي ڪلام و بلاغت نظام تي
تصوف جو رنگ غالب، هر شعر مان معرفت جي موتين جي جهلڪ ۽ جوت نظر ايندي. صوفيا ڪرام
۾ هي پهريون ۽ پويون شاعر آهي، جنهن علمِ عروض تي پنهنجي شاعري ۽ فڪر جو بنياد
رکيو آهي.
هن
شاعري جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي، مادهء تاريخ ڪڍڻ ۾ خاص ملڪو حاصل هوندو
هوس، صنائع و بدايع تي ڪافي کان زياده ڪلام چيو اٿس، انهيءَ سلسلي ۾ ڪوبه سنڌي
زبان جو شاعر هن جي مدِ مقابل نٿو اچي سگهي.
هن
عشق جي اوتار شاعري جي معرفت، دنيا کي معرفت ۽ حقيقت، شريعت ۽ طريقت، امن ۽ آتشي،
صلح ۽ مساوات محمدي، انسانيت ۽ اخوت، اخلاق ۽ ادب جو پيغام پهچايو آهي، هن کي
پنهنجي فڪر ۽ فن، ملفوظات ۽ ارشادات تي ڏڍ ۽ ناز هو. تڏهن ته شاهه صاحب وانگر سِر
منبر شاعرانه تعلي ڪندي فرمائي ٿو:
پيغمبري
جو ختم زمانو ٿيو آهي،
نه
ته مون مٿي نازل ٿيو فرقان سخن جو.
ڪليات
تارڪ جي شايع ٿيڻ تي دلي خوشي حاصل ٿي آهي، اها منهنجي ديرينا آرزو هئي، جيڪا الله
پاڪ پوري ڪئي. آءٌ ڊاڪٽر نواز علي صاحب ”شوق“ بلوچ جو شڪريه ادا ڪريان ٿو، ان صاحب
لڳوتار مختلف ڪتب، رسائل ۽ اخبارات جي اوراق گرداني ڪري، مطلوب مواد ڪڍي، ڪلام کي
ترتيب ڏئي، تارڪ صاحب جي سوانح عمري ۽ ڪلام تي تبصره ڪري، ڪتاب طباعت جي لاءِ ادبي
بورڊ جي حوالي ڪيو آهي.
آءٌ
جناب مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب، چئرمن ادبي بورڊ ۽ ٻين معزز ميمبر صاحبان جو
ممنون و مشڪور آهيان، جن ڪليات تارڪ کي پسند فرمائي، ان جي طباعت جو اعليٰ انتظام
ڪيو آهي.
”ٿورا
نه ٿورا، مون تي ماروئڙن جا“
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو