بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Faqir Andal Sain فقير آندل سائين

فقير آندل سائين

فقير آندل سائين 1330ھ/1912ع ۾ ڄائو. ڳوٺ بيڪاري لڳ شڪارپور جو رهواسي هئو. سندس والد ولي محمد، کوهن جي ٽوپي جو ڪم ڪندو هئو ۽ فقير آندل سائين کي به اهو ڪم سيکاريائين. فقير آندل سائين پنهنجي اهل خانه سميت سيد پيرل شاھ جو طالب ٿيو. کيس راڳ ويراڳ پسند هئو ۽ سٺو شاعر به ٿي گذريو آهي سندس ڪلام قلمي نسخي جي صورت ۾ موجود آهي. پاڻ 6 جولائي 1972ع تي دارالبقا ڏانهن راهي ٿيو.

ڪلام
صوفي اصل سردار آهن، مذهب ٿيا غدار آهن،
بس اهي بيڪار آهن، جيڪي عشق کان آهن جدا،
عشق جي منزل آبادي، نيزي مٿي سر جي سواري،
علم عقل جي انڪواري، جاتي عاشق پڙهي من خدا.
جبل کي جلدي ڇڏي، رندن سان ويهه گوڏو گڏي،
ڏيندئي پاڻ هي ڪوثر سڏي، پيئندين تون ڀي ٿيندين خدا.
سخن “آندل” جو سيف آ، جيڪو نه مڃي تنهن کي حيف آ،
قائم قديمي ڪيف آ، ميخوار آهي اهو ادا


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو