بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Sufi Murad Faqir Zangejo صوفي مراد فقير زنگيجو

صوفي مراد فقير زنگيجو

مراد فقير ولد محمد حيات زنگيجو ويٺل ڪوٽلي ضلع کيرپور ميرس ، محمد حيات روحل فقير جي سوٽن مان هو۔ مراد فقير ۽ روحل فقير جي عمر ۾ اٽڪل ڏهن سالن جو فرق هو۔ زباني روايتن موجب مراد فقير  1742ع يا 1743ع ۾ ڄائو۔ ننڍي هوندي فقير صاحب جي تعليم چڱي طرح ٿي۔ پاڻ هندي، سرائڪي، فارسي ۽ سنڌي زبانن جو ڄاڻو هو۔ سندس جواني جو عرصو  ڪيئن گذريو ۽ ڪهڙي شغل ۾ گذريو ان بابت ڪا به معلومات نه ٿي ملي۔ فقط ايتري ملي ٿي ته فقير صاحب ننڍي هوندي ئي روحل فقير جي صحبت ۾ وڃي پهتو، ان وقت جڏهن مراد فقير پدما ڀٽ ساڻس گڏ وڃي رهيو۔ ڪلهوڙن جي زوال جي دور ۾ پاڻ ٽالپرن جو طرفدار هو۔ جڏهن ٽالپرن واڳون ورتيون ته مراد  فقير هيئن دعا ڪئي.
  
                                            ٽاريون ٽالپرن جون ، پرور پوکايون۔
                                             دائم تنين دعا جو، اسين پاڻي ٿا پايون۔
                                             سي سدائين سايون، جن جي مدد "مراد" چئي۔
 
مراد فقير 1796ع انتقال ڪيو، کيس ڪوٽلئ ۾ دفن ڪيو ويو۔ سنڌي شاعرئ ۾ پاڻ شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ شاهه عنايت رضيوئ جي نقش قدم جو جمع نظر اچي ٿو۔
 
                                            ڪلام              
                                             بيت
                      تون آهين تئن پرين سان، جيئن پاڻي ۾ ماڪ
                       ڦوڙائو فراق، تو تي ڪونهي "مراد" چئي۔
                                              ڪافي
                        وارو ڙي وارو يار، حوت اچي پس حال مون
                             آءُ پيادي ڪيئن پڄان، موتج سيڻ ستار۔
                         آئي ويل وصال جي، وٿي نه سهان وار
                          صبح سندي آسري، هوتان ورسيون لک هزار
                         مون کي اڄ "مراد" چوي، ڏي دوست پنهون ديدار۔
 


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو