بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Faqir Dur Mohd: Hessbani فقير در محمد حيسباڻي



فقير در محمد هيسباڻي

فقير در محمد هيسباڻي ولد فقير خيرمحمد هيسباڻي سن 1894ع ۾ ڳوٺ فقير خير محمد هيسباڻي ضلعه نوشهروفيروز ۾ تولد ٿيو . پاڻ فقير خوش خير محمد جو پڙپوٽو هئو . سندس صداقت نوشهري سان هئي ۽ پاڻ شاھ ڪريم نوشهري فيروز واري جو طالب هئو . مختلف ، زبانن ۾ شاعري ڪئي اٿس جيڪا درگاھ فقير خيرمحمد تي قلمي صورت ۾ موجود آهي . سندس وفات 4_مئي 1977ع تي ٿي .

ڪلام

اي رفيقا خيال منهنجو ناهي يڪجا ڇا ڪيان،
پور پرين جا پون ٿا دل اندر دم دم نوان.
ناز نيڻن جا ڏسي، داناءَ دل ٿي بي وسي،
حسن جي جلون جلايو، ساھ سارو باھ جيان.
يار جي نازڪ نظر، دل کي ڪيو شوقون شڪار،
بيخبر جھرجھنگ ڦران، فرياد هيءُ ڪنهن کي ڏيان.
ڪين ٿي وسري ڪڏھ، محبوب جي صورت عجيب،
ويجھڙائي يار جي، ويتر وڌائي سڪ عيان.
بي وفا دنيا اندر، ڀايان نه ساعت ڪا سکي،
دم اهو برحق ڀلو ، رهجي اچي جو يار سان.
درمحمد” ڳالهه دل جي، آ گھڻي پر ڪر قطع ،
حال ڀائي ناهي ڪو، ڪنهن سان قصور سارو سليان


1 comment:

پنهنجا رايا ڏيو