بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Syed Qutb Ali Shah سيد قطب علي شاه

سيد قطب علي شاھ

سيد قطب علي شاھ ولد فتح الدين شاھ جي ولادت 8 سيٽمبر 1814ع ۾ ٿي. سندس سلسله نسب حضرت امام زين العابدين عليه السلام جن سان ملي ٿو. سندس بزرگ اچ شريف کان ٿيندا سنڌ ۾ آيا. سائين سيد قطب علي شاھ جي والد دروات جبل ۾ الاهي عبادت ۾ مشغول هو ته کيس خواب ۾ معلوم ٿيو ته ڪو ماڻهو کيس پٺين ۾ ٺونٺيون هڻي رهيو آهي ۽ چوي پيو ته “شادي نه ڪندين ته پٺي ڦاڙي ٻاهر نڪرندس” آخر پاڻ شادي ڪيائين، روح جو هن زمين تي لهن لاءِ منتظر هو تنهنجي اچڻ ۾ دير ئي ڪانه ٿي يعني پوري ڏهين مهيني جمح جي رات شاھ صاحب تولد ٿيو. سيد قطب علي شاھ جو تخلص قطب هو. پاڻ صاحب دل ۽ اهل الله مرد ٿي گذريو آهي. سندس انتقال 22 ڊسمبر  1910ع ۾ ٿيو.

ڪلام
جبل جهاڳيندو وت،   من ٻاروچي کي ٻاجھه پوي .
آڏا ڏونگر لڪيون ،    سائين ڏيندو شت.
وندر جي به وڻن ۾ ،    پاڻ رکندو پت.
چرخو ڀڃي ڪر ٽڪريون ، ڪاند نبا ڪت.
“قطب” پير پنهون جو ، نئي نهارج  نت


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو