بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Faqir Surt Ali Korai فقير سرت علي ڪورائي

فقير سرت علي ڪورائي

فقير سرت علي ولد ٻڍو خان ڪورائي ، ڳوٺ شاھ محمد ڪورائي تعلقه سامارو ضلعي ميرپور خاص جو رهاڪو هئو . سندس ولادت 2 _ جولائي 1910ع تي ٿي . فقير سرت علي هڪ ڏينهن محمد فقير کٽياڻ وٽ راڳ جي محفل ۾ حاضر ٿيو مٿس فقير صاحب جي راڳ جو ايڏو ته اثر ٿيو جو پاڻ سندس ( محمد فقير کٽياڻ جو ) طالب ٿي پيو . فقير سرت علي ، چڱو شاعر ٿي گذريو آهي سندس ڪلام جو قلمي ڪتاب موجود آهي . فقير سرت علي ڪورائي جو انتقال 27_ ربيع الاوّل 1392ھ / 12 _ مئي 1972ع تي سومر جي رات ٿيو .

ڪلام

جيئن پرين پيارو ، پرتئو پيمان عشق جو
تيئن من ۾ مدامي ، محڪم مئخان عشق جو .

جيئن آدم ڏنو هو اصلئو ، امتحان عشق جو
تيئن قائم ڪيائين قلبي ، قرآن عشق جو .

جيئن عاشق اکين تي ، انور عيان عشق جو
تيئن معشوق محب منور ، مڙگان مشق جو .

جيئن منصور محو مالڪ ، مستان عشق جو ،
تيئن ”سرت علي ثناگر“ ، مسئلان عشق جو


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو