بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Qadan Faqir Soomro قادن فقير سومرو

قادن فقير سومرو

قادن فقير سومرو ڳوٺ ٽنڊوالهيار لڳ شاهپور ۾ 1911ع ۾ ڄائو . سڄي حياتي صوفين ۽ درويشن جي ميلن تي فقراءَ سميت ريندو هو ، جن ۾ منٺار فقير، فقير نواب ولي محمد، محمد فقير کٽياڻ ۽ جھوڪ شريف قابل ذڪر آهن . پاڻ سڄي حياتي تارڪ دنيا رهيو ۽ چوندو هو ته مون کي سائين محمد فقير کٽياڻ وٽان سندس وصال کان پوءِ ذڪر مليو ان ڪري محمد فقير جو طالب سڏائيندو هو . پاڻ سٺو شاعر به هو . شعر قلمي نسخي جي صورت م موجود آهي . سال 1972ع ۾ وفات ڪيائين . وصال بعد پنهنجي دوستن ، احبابن کي خواب ۾ ٻه ٽي دفعا فرمايائين ته مون کي مقام مان ڪڌي ڪنهن ميخاني ۾ رکو . سندن چوڻ موجب کيس مقام مان ڪڌي ميخاني ۾ رکيو ويو. جتي هن وقت درگاھ آهي ۽ سندس وصال جو ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي.

ڪلام

بقا جي باغ ۾ باندي ، تري ويندين چئو ها يا نه ؟
ڏسي هي درد دنيا جا ، مري ويندين چئو ها يان نه ؟
حقيقت حال جي حاضر ، ٻڌايان ٿو توکي ٻيهر.
سڃاڻي صاف ٿيا سهڻا ، پري ويندي چئو ها يا نه ؟
ڏسي ٿو جي بقا باري ، وساري وصل جون وايون.
بهادر باغ ۽ بنگلا، وري ويندين چئو ها يا نه ؟
قادن“ ڪمال ۾ قلزم ، ڳاريندءِ ڳالهه ۾ ڳاهي،
ڪيو قابو ڪلان واري ، ڳري ويندين چئو ها يا نه ؟


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو